تازيون خبرون

”محبتن ۽ روشنين جو تهوار“   ڏياري: مجيب آزاد ڀيلار

ڏياري جو تهوار هندن جو وڏو ڏڻ آهي جيڪو مهالڪشمي پوجا ديوالي جي صورت ۾ هر سال اسوءِ جي مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي،هن ڏينهن کي قديم وقت کان وٺي خاص اهميت حاصل آهي.هيءُ ڏڻ سارين ۽ ٻين فصلن لهڻ وقت ايندو آهي هن ڌرتي جي قديم رهواسين انهيءَ خوشحالي جي مند ۾ لڪشمي پوڄا جو ڏهاڙو مقرر ڪيو هو.هو انهيءَ رات روشني ڪندا هئا ۽ سڄي رات اوجاڳو ڪندا هئا.انهن جو عقيدي هو ته لڪشمي (دولت جي ديوي) روشني صفائي ۽ سٿرائي تي مهربان ٿي دولت ۽ ڀاڳ سان نوازيندي آهي.انهيءَ مقرر ٿيل ڏڻ جي صدين گذرڻ باوجود اڄ به ساڳي شرڌا سان هندو ڀائر ڏيئا ٻاري ڦٽاڪا ڇوڙي خوشيون ملهائي ديوالي جي سواگت ڪن ٿا.مريادا پرشوتم ڀڳوان رام چندر 14 سال بنواس جهاڳي ساٿين سان ايوڌيا پهتا ته اهو ڏڻ لڪشميءَ پوڄا جو هو.شري رام چندر جي ايوڌيا پهچڻ سان ديوالي جون خوشيون تمام وڌي ويون ۽ نتيجي ۾ هندن جي وڏي ڏڻ جي صورت ۾ ڏياري جو ڏڻ وجود ۾ آيو.

ڏياري اهو پوتر ڏينهن آهي جڏهن ناصاف ظلم تي فتح پاتي،ظالم سدائين خوار ۽ خراب ٿئي ٿو.جڏهن رام چندر پنهنجي گهر واري سيتا کي حاصل ڪرڻ لاءِ راوڻ سان يڌ ڪئي هئي.ان وقت راوڻ کي گهمنڊ هو ته رام چندر ۽ سندس ساٿي منهنجي زبردست (فوج) سئنا جو مقابلو نه ڪري سگهندا.پر دنيا ڏٺو شري رام چندر ۽ سندس ساٿين ظالم راجا راوڻ جو انت آندو ۽ انصاف ظلم تي فتح پاتي.ڏياري ٽي ڏهاڙا ملهائبي آهي. ڏياري جي رات لڪشمي ديوي جي پوڄا هر هندوءَ جي گهر ۾ ٿيندي آهي.ڏياري واپارين جو پڻ ڏهاڙو آهي،واپاري فرد نيون چوپڙيون ۽ کاتا رکندا آهن،گذريل سال جو پوتاميل به ڪندا آهن.اڳئين زماني ۾ هن مند ۾ ٻيڙين ۽ جهازن وسيلي سمنڊ جو واپار ٿيندو هو.سمنڊ ماٺ ۾ رهدو هو،غوراب دنگيون هلنديون هيون مرشد ڀٽ ڌڻي به سر سامونڊي ۾ فرمائي ٿو ”ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهه سنباهيا“ڏياري ايندي ئي بازارن ۾ رونق وڌي ويندي آهي گهرن کي صاف سٿرو رکيو ويندو آهي.مندر توڙي گهرن ۾ سڄي رات مهالڪشمي گئيش ست سنگ ڀڳتي جو پروگرام ڪيو ويندو آهي.ڀڳت شري رام چندر،ماتا سيتا،راجه دسترٿ ۽ ڀرت جي جيون تي روشني وڌي ويندي آهي.

ڏياري مها لڪشمي جي آراڌنا جو ڏڻ آهي، اي مها لڪشمي ديوي! جيڪڏهن تو انيڪ سنت، مهاتما، رشي، مني مڪت ڪيا آهن ائين ڪرپا ڪري هنن ڀليل انسانن کي مڪتي ڏيکار. اي ماتا! تون هڪ هوندي به تنهنجا انيڪ روپ آهن تون ته هڪ وقت ۾ مهادرگا، مها ڪالي، مها سرسوتي، مهالڪشمي آهين، مها لڪشمي جي روپ ۾ تون جڳت ۾ (دولت) ڌن ۽ سمپتي جي ديوي آهين ۽ هر منش تنهنجي ئي انهيءَ روپ جو متلاشي آهي،پر اي ماتا توکي ڪرپا جي ديوي به ته ڪوٺيل آهي.تنهنڪري پنهنجي ڪرپا ڪندي تون انسانن جي عيبن ۽ اوگڻن طرف نظر نه وجهج.هي ڪل جڳت جو دور آهي،ٻيون به انيڪ چنتائون آهن.تنهنڪري هر روز تنهنجي آپسنا منش ڪيئن ٿو ڪري سگهي.جڏهن تون ڪرپا ڪري منش کي سال ۾ هڪ ڀيرو ڏياري رات مڪتي ڏيکار ته منش تنهنجو ٿورائتو رهندو.ڏياري روشني جي علامت آهي،انهيءَ روشنيءَ جي ڳولا ڪندي اسين هر سال ڏياري تي پنهنجي حصي جو هڪ ڏيئو ٻاري جوت جلايون ٿا پر اسان جا اندر مڪمل طرح اجرا ۽ روشن هجڻ بدران لوڀ،موهه اهمڪار،ڪروڌ سان ڀريا پيا هوندا آهن.جيستائين اسان پنهنجي دل کي صاف نه ڪنداسين اوستائين اسان هزارين ڏيئا ٻاريون پر اندر هميشه ميرو رهندو تنهنڪري اسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻو پوندو ته اسين پنهنجو پاڻ سان،سماج سان، ڌرم سان ڪيترو سچا آهيون،اسان جو اندر ڪيترو اجرو آهي.جيڪڏهن هر گهر جو وڏو رام چندر ٿئي هر ڀاءُ لڪشمڻ ۽ ڀرت ٿئي هر ناري ڪوشليا ۽ ماتا سيتا بڻجي وڃي ته هي ڌرتي سرڳ (جنت) بڻجي پوي.

ڏياري رات هر طرف روشني پکڙيل هوندي آهي جڏهن ته آڪاش ۾ ڪاري اماوس ڇانيل هوندي آهي.تڏهن ڌرتيءَ تي ڏيئن ميڻ بتين جي روشني لاٽ آڪاش مارگ وسيلي انساني ڪامنائون پرماتما تائين پهچڻ لڳن ٿيون.ڏياري جي رات شري رام چندر ايوڌيا پهتا هئا پر ڇا ان کان پوءِ اڄ تائين هن ڌرتيءَ تي راوڻن جنم نه ورتو آهي؟ ها اڄ به ڪيترائي راوڻ ظلم جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن،انهن خلاف آواز اٿارڻ اسان جو ڌرم هجڻ گهرجي.ڏياري ته نالو آهي سچ جي جئه (فتح) جو،پاپ جي انت جو،ظلم جي خاتمي جو پر اهو ظلم اڃا برقرار آهي.اسان کي ڏياري جي سڀ ڏڻ رام کي ريجهائي پنهنجي دل روپي ايوڌيا ۾ وٺي اچڻو پوندو.ڏياري اسان کي ياد ٿي ڏياري ته نئين جذبي سان منش کي پنهنجو جيون سڦل بڻائڻ لاءِ ڪجهه سٺا ڪم ڪري پر لوڪ (ايندڙ وقت) جو ثمر گڏ ڪيون.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *