تازيون خبرون

مثبت رويا ئي مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا؛  مسرورسيال

اسان جي معاشري ۾ جتي رويا تيزي سان تبديل ٿيندا رهن ٿا اتي انساني قدر ڪرندا نظر اچن ٿا، جنهن جا اثر اسانجي روزمره جي زندگين تي پون ٿا اهي رويا ئي هوندا آهن، جيڪي معاشري کي ڀلائي ۽ برائي ڏانهن وٺي وڃن ٿا، بهتر سوچ رکندڙ هميشه پنهنجين روين تي ڏيان ڏين ٿا، ڇو ته کين ڄاڻ هوندي آهي ته سندن رويو ئي سڌاري ۽ بگاڙ جو سبب بڻبا. سڌريل ملڪن ۾ انساني قدرن کي قائم رکڻ ۽ انهن ۾ اڀار آڻڻ لاءِ فردن جي روين کي بهتر ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي، ڏسجي ته مذهبن جي عروج ۽ زوال جو سبب به رويا رهيا آهن. جڏهن ته قومن جي ترقي ۽ تنزلي به روين جي ڪري ٿيندي رهي آهي، تاريخ ۾ جتي حقيقتن جا داستان آهن، اتي ڏند ڪٿائي قصا به آهن، انهن کي پڙهبو ته اهي به روين جي عڪاسي ڪندي ملندا، تنهن ڪري رويا اسان سان سلهاڙيل آهن رويا ئي هجن ٿا جيڪي انسانن جي گڻ ۽ اوگڻ کي ظاهر ڪن ٿا ماضي ۾ انسان جا رويا سندن محدود سوچ مطابق هئا. جئين جئين انسان فڪري ارتقاءَ جون منزلون طع ڪندا پئي ويا ته سندن روين ۾ تبديليون اينديون رهيون، مسلسل تبديلي واري عمل سان روين ۾ سڌارا ايندا رهيا ۽ اهي سڌارا انسانن جي لاڳيتي ترقي جو سبب بڻيا، رويا مثبت ۽ منفي هجن ٿا مثبت رويا رکندڙ هڪ بااخلاق معاشري کي جوڙين ٿا، جڏهن ته منفي رويا سماج ۾ بگاڙ جو سبب بڻجن ٿا. اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اتي به مثبت ۽ منفي رويا آهن، جن جا اثر انسانن تي موجود آهن، ڏسجي ته اسان وٽ مثبت روين جي ڀيٽ ۾ منفي رويا وڌيڪ سگھارا آهن، جنهن ڪري اسين سڌاري جي عمل ۾ وڏين ڏکيائين مان گذري رهيا آهيون، اسان وٽ ڏکيائي انهن روين مان آهي جيڪي غير ذميواراڻيون آهن، جنهن سبب اڪثريت ۾ اسين غير ذميوارين جو چٽو پٽو مظاهرو ڪندي نظر اچون ٿا، تنهن ڪري هر طبقي سان تعلق رکندڙ توڙي هر مڪتبِ فڪر سان واسطو رکندڙ پاڻ کي ذميوارين کان آجو سمجھي رهيا آهن، اهڙو رويو عملي زندگي ۾ وڏي رڪاوٽ هجي ٿو ان لاءِ ضروري آهي  ته ذميواري واري رويي کي اهميت ڏيارجي روين جو بگاڙ به غير ذميوارين ڪري ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ذميواري به تعليم جي ذريعي ئي محسوس ٿيندي آهي ۽ تعليم به اها جيڪا ذميواري سان حاصل ڪئي وڃي ۽ ذميواري سان ڏني وڃي. اسان وٽ تعليم رڳو ڊگريون حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري وٺڻ تائين محدود آهي، جنهن ڪري تعليمي ادارا ۽ تعليم ڏيندڙ ماڻهو ڪاروبار کي اهميت ڏين ٿا جڏهن ته تعليم ڪاروبار جي حاصلات جو ذريعو سمجھيو پيو وڃي، جتي اهو رويو آهي اتي تعليم ذميوار اهلِ علم فرد ٺاهڻ بدران لکيا پڙهيا جاهل پيدا ڪري ٿو، جيڪي معاشري لاءِ وڏي نقصان کان گھٽ نه آهي. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضرورت انهيءَ ڳالھه جي آهي ته پنهنجن روين کي مثبت بڻايون ۽ تعليم کي ڪاروبار بدران ڀلائي واري سمجهه سان حاصل ڪجي، جنهن سان ذميواري جو احساس جنم وٺي، جنهن سان تبديلي جو سفر شروع ٿيندو ۽ معاشري ۾ مثبت رويا رکندڙ فرد حقيقي انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداته معاشري ۾ بگاڙ بدران سڌاري وارو ماحول جڙندو ۽  مثالي ماحول قائم ٿي ويندو، جنهن سان منفي روين کي مثبت روين ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل کي پختگي ملندي، اهڙي طرح منفي رويا بهتر ۽ مثبت روين ۾ تبديل ٿيندا رهندا ته شعور جاءِ ولاريندو، جنهن سان بهتر شخصيتون جڙنديون شخصيت ئي سماج تي پنهنجا اثر ڇڏي ٿي، ان لاءِ  شخصيت ۾ به نکار رويا آڻين ٿا ۽ مثبت رويا وري بهتر شخصيت کي اڀار ڏين ٿا. تاريخ جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مثبت رويو رکندڙ فرد ئي بهترين شخصيت ثابت ٿيو آهي جنهن معاشري ۾ تبديليون آنديون آهن منفي روين ۾ ڦاٿل ماڻهن مثبت رويي تي قائم رهندڙ شخصيت جي فڪر کي قبوليو آهي. علمِ نفسيات جي ماهر شخصيت جون مختلف وصفون بيان ڪيون آهن، انهن ۾ الپورٽ :اٽڪل پنجاھه  قسمن جون وصفون بيان ڪيون آهن.

*******

سندس چوڻ آهي ته شخصيت ماڻهن جي انهن طور طريقن جو نالو آهي جيڪي کيس ماحول ۾ نمايا مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا  وري راس اسٽينگنر: جو خيال آهي ته شخصيت ٻين ماڻهن تي شخص جي ذاتي  ٽاثر جو نالو آهي مطلب ته ٻين ماڻهن کي ڏسي شخص جيڪو تاثر ظاهر ڪري تنهن جو نالو شخصيت آهي ، واٽسن: جي خيال ۾ شخصيت انسان جي عملن ۽ ڪردار جو نالو آهي مطلب جنهن ماڻهون جو ڪردار سٺو هوندو تنهن کي سٺي شخصيت جو مالڪ چئبو ۽ جنهن جو ڪردار خراب هوندو تنهن کي خراب شخصيت جو مالڪ چئبو ، ٽريڪسلر: جي چوڻي موجب سماجي ماحول ۾ فرد جي سموري ڪردارجو نالو شخصيت آهي ، سائمنڊ : چوي ٿو ته شخصيت انسان جي طبعي تصوير جو نالو آهي، جنهن ۾ فرد جا سڀئي رخ گڏجي ڪم ڪن ٿا ، مئي: جي خيال ۾ شخصيت فرد جو سماجي محرڪاتي قدر آهي ۽ هي عام تصور آهي ته جن سماجي قدرن سان ماڻهن جي شخصيت جڙي ٿي ۽ ٻين کي متاثر ڪري ٿي ، آگسرن ۽ نمڪاف : چون ٿا ته شخصيت اهڙن خيالن جو ميڙ آهي جيڪي هڪ ماڻهو ٻين تي ظاهر ڪندو رهي ٿو، يونگ: جي چوڻ موجب شخصيت انهن خيالن ، خواهشن ، خاصيتن ، قدرن ۽ ردِعمل جي ميڙ جو نالو آهي، جيڪو ماڻهو معاشري ۾ ٻين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ وقت اختيار ڪندو آهي . ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي نفسياتي ماهرن پڻ وصفون بيان ڪيون آهن، جن  ۾ گھڻي قدر بيان ڪيل وصفن سان هڪجھيڙائي رکن ٿيون.  مٿي مختلف ماهرن جي بيان ڪيل وصفن لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسين جئين آساني سان سمجھي سگھون ته رويا ئي تبديلي جو سبب بڻجن ٿا ، انهن ماهرن مان واٽسن ۽ الپورٽ جي بيان ڪيل وصف کي بهتر سمجھيو ويندو آهي، جڏهن ته الپورٽ واري بيان ڪيل وصف به وزنائتي آهي. هتي مونکي شخصيت جي موضوع تي ڳالهائڻو نه آهي پر رڳو اهو سمجھائڻ هو ته انساني قدر ، عمل روين مان ڦٽن ٿا، انسان جا رويا ئي آهن جيڪي بهتر سماجي لاڳاپا جوڙين ٿا، جيڪي فردن ۾ ڪردار جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ ڪردار شخصيت کي واضع ڪن ٿا شخصيت پنهنجا اثر سماج تي ڇڏي ٿو جنهن کي عام ماڻهو قبول ڪري ٿو  اهي لاڳاپا بهتر معاشري کي جنم ڏين ٿا ان ڪري اسان کي پنهنجي روين تي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان اهي رويا اختيار ڪريون جيڪي لاڳاپا وڌائڻ ۾ مثبت ثابت ٿين ان لاءِ اسين سڀ کان پهريان پنهنجي گھر ۾ تجربو ڪيون منفي روين جي ڀيٽ ۾ مثبت رويو اختيار ڪريون ته اسين پنهنجي گھر اندر پنهنجي شخصيت جوڙي ان جا اثر محسوس ڪري سگھون ٿا اهڙي طرح دوستن ۾ ، آفيس ۾ محلي ۾ ، جنهن به اداري ۾ ڪم ڪندڙ هجون اتي پنهنجي رويي کي مثبت رکي ڪري پنهنجا اثر ٻين سڀن تائين ڇڏي معاشري ۾ تبديلي جي خواب ساڀيان ڏئي سگھون ٿا .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *