تازيون خبرون

مان نه شاعر هيس،عشق ٿيڻ کان اڳي!!: منير ڊومڪي

سنڌي ادبي آکيڙي ۾ هو نئين ٽهي جي تخليڪارن منجھ شايد پهريون تخليڪار هوندو، جنهن پنهنجي صوفي منش شخصيت ۽ منفرد  ڏات جي ڪري جلد هي منهنجي من اندر آکيرو ٺاهي گهرو تاثر ڇڏيو،جيئن سنڌ جو“شمشير”صرف هڪڙو ئي هو تيئن لاڙڪاڻي جو هو “فرازي” به صرف هڪ ئي آهي،ٻيو ڪو به نه.عام زندگيءَ ۾ سڪندر شيخ جي نالي سان ڄاتل سڃاتل هو شخص تخليق جي دنيا ۾ فرازي جي نالي سان ڄاتو(معاف ڪجو!نه ڄاتو) ويندو آهي.فرازي نئين نسل جي غزل جي صنف جو هڪ اڀرندڙ مخلص شاعر آهي،هو آزاد طبع رومانوي شاعر آهي.هن جا گھرا فڪري خيال به عنبر ۾ هر وقت اڏام ۾ هوندا آهن.هو جمال جو ڪمال جو ڪوي آهي،سندس اڪثر ڪويتائن ۾ان جو مظهر پڻ نظر اچي ٿو.هو جديد جُڳ جي سنڌي شاعريءَ ۾رديف ۽ قافيو جي قابليت جي حوالي کان پنهجي هڪ الڳ ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿو.هن پنهنجي گھري فڪري شاعريءَ ۾ نوان استعاره ۽ اڻ ڇهندڙ تشبيهون ڪتب آنديون آهن،جيڪي سنڌ جي اڪثر شاعرن جي شعرن ۾ اڻ لڀ آهن.

ڪنهن ته آهي غزل جي رڙ سمجهي،

ڪنهن ته اجڙي ويل جي رڙ سمجھي،

گھر چيو شام خوش ٿيئي مون کي،

ڪنهن ته آ گھر ڊٿل جي رڙ سمجھي.

 

ڪير ڪنهن سان سچو ڪٿي آهي!

ماڻهو  ماڻهو  رهيو  ڪٿي  آهي.

 

وئشيا  جي  پيار  وانگي،

زندگي  ٿي  بار  وانگي،

ڪنهن نه آ تو سان ملايو،

مان  رنس پئي ٻار وانگي،

تو سوا مرڪ منهنجي نيڻن جي،

نانءُ  آ ماتمي  نظارن  جو.

وڌيڪ هن جي شاعري جي قدامت ۽ فني گھري فڪر کي ڪو ڀليءَ ريت تڏهن ئي پروڙي سگھي ٿو،جڏهن ڪو هن جي شاعري جي پهرين مجموئي جي ڪتاب “سمنڊ تري آيا”کي هڪ نظر مان ڪڍندو ته هو پاڻ مرادو ان نتيجي تي پڄندو ته فرازي ڪويتائن جي ڪنهن هڪ پاسي جو شاعر نه آهي.فرازي ڪو هڪ نه آهي، بلڪه ڪيترائي فرازي آهن،فرازي پيار،وفا ۽ رومانس جو شاعر، فرازي عورتن جي نفيس جذبن جو شاعر،فرازي مزاحمتي قوم پرست شاعر،فرازي درد،پيڙاءُ ۽ پڇتاءُ جو شاعر يا فرازي مسلسل جدوجهد ۽ اميدن جو شاعر.اڄ جيڪڏهن هن جي سنڌ جي اڪثر امير ادبي حلقن ۾ هن جو نالو ناهي ته ان جو سبب هڪ ته هو غربت جي گھاڻي ۾ پيسنجندڙ شاعر آهي ۽ ٻيو هن جو قصور اهو آهي ته هو اڄ جي نام نهاد درٻاري شاعرن وانگر درٻاري مزاج جو ناهي، هو ته صرف پنهنجي تر ۽ گھر جي ٻاهران در جو شاعر آهي ۽ هو پنهجي اهڙي اسٽيٽس  کان مطمئن به نظر اچي ٿو.ڀلا جنهن “اسٽيٽس ڪيو” جي روڳ ۾ ورتل بيمار معاشري ۾ جڏهن هڪ استاد جي پيشه آورانه  علمي صلاحيتن کي گھٽ ۽ هن جي ٻاهرين ظاهري ڏيک جي ماڊلنگ کي وڌيڪ اهميت هجي،يا جتي هڪ اداڪار جي انفرادي صلاحيتن ۽ اداڪاري کي گھٽ ۽ هن جي ڪار کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي، اهڙي ڏيکاءُ ۽ نماءُ واري ماحول ۾ شيخ فرازي جهڙي گمنام تخليڪار جي تخليق کي ڪهڙي مڃتا ملندي؟ اڄوڪي اسان پنهنجي بحث ۾ فرازيءَ جي رومانوي شاعري واري پهلو ته هڪ نظر وجھنداسين.شيخ فرازي جي تقريبن سڄي شاعري جماليات ۽ حساسيت سان ڀريل آهي.

محبت خالي هڪ عاشق جو ڪنهن محبوب لاءِ اندر جو پاڪ جذبونه آهي بلڪه محبت ته هڪ مذهبي احساس پڻ آهي. محبت پنهنجو هڪ الڳ مذهب آڇيندي آهي، جنهن ۾ محبوب جا هٿ ڪنهن به وقت عقيدتمنديءَ سان چمڻ ان احساس جي انتها جي نشاني هوندي آهي.

ڪعبي جهڙي الفت سان،

رات چميا مون يار جا هٿ.

توهان يقين ڪريو ته جڏهن  محبوبا جي پيار جا هٿ عاشق جي هٿن ۾ ايندا آهن ته پوءِ درد تڪليفون ۽ ٻيا اذيت ڏيندڙ هٿ پاڻ مرادو پري ٿي ويندا آهن.

ويجھو آيا پيار جا هٿ،

پري ٿيا آزار جا هٿ.

هڪ وڏي رومانوي شاعر جون اهي ڪهڙيون ڪواليفيڪيشنس ۽ خصوصيتون آهن، جن جي ذريعي اها سڌ پوي ته اهو شاعر رومانوي شاعر آهي؟ هر رومانوي شاعر هڪ ته شاعري تمام سادي ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي ۽ هو عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ پنهنجا سڀ حواس پنهجي شاعري جي ذريعي جھجھي انداز ۾ پيش ڪندو آهي، هونه فقط پنهنجي شاعري جي ذريعي انهن حواسن جو بي تهاشا نماع ڪري، پر پڙهندڙن تي هن جي شاعري هڪ گھري تاثرسان گڏوگڏ جامع پيغام به ڇڏي.۽ وڌيڪ اهو ته هڪ وڏي رومانوي شاعر جي ٻي وڏي خصوصيت اها به هوندي آهي ته هو هميشه پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي شاعري جوهڪ الڳ تصور پڻ پيش ڪندو آهي. آئون نٿو چوان ته شيخ فرازي مشهور انگريزي رومانوي شاعرن وانگر ڪو وڏي قد ڪاٺ جو شاعر آهي، پر هو ايترو ته وڏي قد جو رومانوي شاعر ضرور آهي جو هن پنهنجي رومانوي شاعريءَ ۾ شاعريءَ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد تصور ڏنو آهي. هن جي رومانوي شاعريءَ جو تصور اهو آهي ته صرف اهو ماڻهو ئي شاعر ٿي سگھي ٿو، جنهن کي عشق جي چوٽ لڳي هجي ۽ هوان مرحلي مان گذريو هجي، جيڪو شاعر عشق جي تڙپندڙ تجربي مان نٿو گذري، فرازيءَ جي تصور مطابق اهو پاڻ کي شاعر چورائڻ جو به حق نٿو رکي،يعني رومانوي شاعر ٿيڻ لاءِ عشق پهرين ڪرايٽيريا آهي،جيئن فرازي چوي ٿو ته:

مان نه شاعر هيس،

عشق ٿيڻ کان اڳي.

۽ شاعري وارو ڏانءُ هڪ شاعر عاشق ۾ تڏهن ئي اچي سگھي ٿو، جڏهن هو پنهنجي ان محبوبا (جي مُک) ۾ چاهت جا مرڪندڙ گلاب ڏسي ۽ هن کي هلندي به ڏسي:

تنهنجو مرڪڻ گلاب چاهت جا،

۽ هلڻ تنهنجو شاعري آهي.

ٺيڪ آ! شاعري وارو ڏانءُ هڪ شروعاتي مرحلي ۾ هڪ شاعر عاشق ۾ عشق جي چڻنگ جي ڪري پيدا ٿيو، اها ته ابتدا هئي،پوءِ ڀلا ان شاعريءَ واري اختتام واري منزل تي هڪ شاعر عاشق ڪيئن پڄي؟! ان پيچيده سوال جو لازوال جواب ته خود رومانوي شاعر عاشق فرازي ئي بهتر ڏئي سگھي ٿو:

دهشتن جي مون کي رات هنج ۾ڪري

نيڻ ارپي ٻئي، شاعري ٿي ختم،

جديد ٽهي جي غزل جي شاعر فرازي جي شاعريءَ ۾ جيڪا شيءِ مون کي سڀني کان وڌيڪ حيران ڪن لڳي اُها اها آهي ته هو شاعري ۽ محبوبا کي ٻه الڳ شيون نٿو سمجهي بلڪه ٻنهي کي هڪ ٻئي جو ساڳيو تسلسل سمجھي ٿو.هڪ تخليڪار جي اڃ ڪيئن اجھامبي ڀلا؟هڪ تڙپندڙ عاشق جو پياس ڪيئن ختم ٿيندو؟جڏهن هن جو يار(شاعري) هن تائين( هن جي تصور تائين) اچي،پوءِ ڪا به پياس نه رهندي:

هاڻي ڪا ئي پياس نه رهندي،

آيو يار اڃارن تائين.

ڪنهن غزل جي رومانوي شاعر لاءِ سڀ کان وڌيڪ هن جي شاعريءَ لاءِ اسٽف يا مٽيريل ڪير مهيا ڪري سگھي ٿو؟اها آهي خود هن جي محبوبا،ڇو ته غزل چئبو ئي ان کي جيڪو محبوب جي حسن ۽ انگ جون هن سان ڳالهيون ڪري ۽ محبوب جون ڳالهيون (شاعري  جي ذريعي )ڪنهن سان اوري به،۽ گيت ۾ وري ڪا عورت پنهنجي عاشق جي واکاڻ  ڳائي ڪري ڪري،پر جيڪڏهن انهن ٻنهي جو ميلاپ ۽ اتصال هجي ته پوءِ؟!۽ جيڪڏهن محبوبا پنهنجي ديواني عاشق کي پنهنجا انگ به ارپي،گيت به ڳائي ته پوءِ؟ته پوءِ رومانوي غزل جو شاعر جهڙوڪ فرازي نه چاهيندي به غزل ته لکي ويهندو نه!۽ شاعر جي اجازت وٺڻ بغير، هوءَ دلربا پنهنجي انگ ۽ حسن جي تعريف ۾لکيل غزل ته وٺي ته ويندي نه!

انگ ارپي پئي،گيت ڳائي پئي،

مان غزل ٿو لکان،هوءَ وٺي ٿي وڃي.

هڪ عاشق جڏهن پنهنجي معشوقه جو ٻاهريون روپ ۽ اندريون روپ ۽ اندريان انگ ڏسندو آهي ته پوءِ هو دل هي دل ۾ عزم ڪري ويهندو آهي ته هن لاءِ هاڻ پنهنجي ان سهڻيءَ کان  ڏور رهڻ ناممڪن ٿي ويندو:

روپ تنهنجو ڏسي، دل عزم آ ڪيو،

دور توکان رهڻ، هاڻ ممڪن نه آ!

محبوبا جو جسم هڪ باغ مثل آهي،جنهن باغ جي شروعاتي حصي ۾ رومانس جي وقت رنگ به رنگي سهڻا پوپٽ گلن سان گڏ پڻ ٽڙندا آهن۽انهن پوپٽن کي پڪڙڻ ۽ ڇهڻ صرف محبوب جو ئي فطرتي حق هوندو آهي:

باغ بدن مان رنگ به رنگي،

سهڻا پوپٽ! گُل ٽڙن ٿا.

هڪ رومانوي شاعر جي ڪنهن دلربا لاءِ رومانس جي مسرت ۽ مزي جو انتها ٿئي ٿو،جڏهن هو انبر جي خوشبوءِ جيڪا خوشبوءِ سڀني کان وڌيڪ دلفريب ۽ وڻندڙ هوندي آهي،ان خشبودار وکر جي مهڪ کي به ڪجھ به نه سمجھي ان کي هو گھٽ ڪري،ان جي ابتڙ پنهنجي سهڻيءَ جي ململي جسم جي(گرم)پگھر کي وڌيڪ سمجھي ۽ هن کي ڏاڍو پسند به ڪري،جيئن فرازي چوي ٿو ته:

مهڪ انبر جي وڻي ڪنهن جاءِ تي،

پر مون کي تنهنجو پگھر، ڏاڍو وڻيو!

۽ جيڪڏهن ڳالهه دل جي من موهيندڙ مومل ڏانهن روز اچڻ وڃڻ جي هجي ۽ نيڻن کي نيڻن سان سلاميءَ جي هجي،پوءِ اهڙو ڪهڙو راڻوديوانو هوندو، جيڪو فرازيءَ جي هنن سٽن کي نظرانداز ڪندو؟

اسان جو اوهان ڏي اچڻ روز ٿئي ٿو،

اکين سان اکين کي چمڻ روز ٿئي ٿو.

رومانس درحقيقت هڪ عاشق ۽ معشوقه جي وچ ۾ جسماني محبت جو ڪلاميڪس هوندو آهي ۽ اهو انوکو ۽ وڻندڙ تجربو انهن ٻنهي جي ڪل ميراث هوندي آهي،ان دلفريب تجربي جي ابتدا محبوب ڪري يا محبوبا ڳالهه مڙئي هڪڙي ئي ليکبي.فرازيءَ جي رومانوي شاعري ۾ جتي عاشق جي رومانس جي انتها ڏيکاري وئي آهي، اتي ئي وري  لاڏلي معشوقه جي لاڏ لوڏن جورومانس سنڌي امتحاني پرچي جي سوال وانگر “کولي سمجھايو”واري انداز سان ڏيکاريو ويو آهي.

هوءَ ڏس هلندي اچي پئي روڊ تي،

لاڏلي لڏندي اچي پئي روڊ تي،

مون ڏٺو اڄ هرڻي وانگي نازنين،

ڪامڻي ڪڏندي اچي پئي روڊ تي

سنڌي ادب ۾ فرازي شايد پهريون رومانوي شاعر آهي، جنهن پنهنجي رومانوي شاعريءَ جي ذريعي محبوب ۽ محبوبا جي ذاتي رومانس کي ڪلچرل ٽچ پڻ ڏنو آهي:

خيال منهنجو گھوٽ بڻيو،

هوءَ سنوري ڪنوار وانگي.

فرازي جو “محبوبا جي رومانس جو تصور”ڪو هڪ نه بلڪه گھڻن رخن وارو آهي.ڪڏهن هو رومانس کي سهڻيءَ جي گلاب ڳلن کي چمڻ کانپوءِ غمگين عاشق جو اٿاه غم جو پاڻمرادو ختم ٿي وڃڻ نانءُ سمجھي ٿو:

مون اٿي ڳل چميا گلابن جا،

روشنين ۾ مئو ملال آهي.

ته ڪڏهن وري محبوبا جي هيري وانگر سفيد نيڻن کي چمڻ کانپوءِ هڪ آرڊنري عاشق، آرڊنري عاشق نٿو رهي بلڪه لازوال ٿي پوي ٿو.

نيڻ پکراج هي چمي تنهنجا،

ٿي پيو لازوال  آهيان  مان.

ته ڪڏهن وري محبوبا جي اظهار جا هٿ عاشق ديواني لاءِ نيڻن جي خوشي ۽ خوش حاليءَ جا سبب بڻجن ٿا.

ساوڪ بڻيا نيڻن جي،

هي تهنجي اظهار جا هٿ.

هڪ عاشق آسودو ۽ خوش حال ڪڏهن ٿيندو آهي؟ان وقت نه جڏهن هن کي دنيا جون سڀ مادي شيون ملي وڃن،بلڪه ان وقت جڏهن هو محبوبا جي نرم ٻانهن جي ٻک ۾ هجي، پوءِ ته سائين عاشق ڄڻ زمين تي نه فلڪ ۾ڪڪرن مٿان اگھور ننڊ ۾ ستو پيو هجي:

تنهجي ٻانهن ۾ فرازي رات ڀر،

ائين لڳو ڄڻ ننڊ هئس ڪڪرن مٿان.

ٻانهن جي ٻک کانپوءِ عاشق هن دنيا ۾ نه هوندو آهي هن کي معشوقه ڄڻ ته پاڻ سان گڏ هڪ ٻي دنيا ۾ وٺي ويندي آهي،اها دنيا جنهن ۾ هن دنيا جو ڪو به ماڻهو نه هوندو آهي، صرف اهي ٻئي محبوب ۽ محبوبا هوندا آهن ۽ انهن جوگرم پيار:

هيئن لڳي ٿو هتي نه آهيان مان،

پاڻ سان ڪا وٺي وئي آهي.

ته ڪڏهن فرازي وري ان رومانس کي گرميءَ ۾ گلوڪوز جي گلاس جيان هانءُ جو ٺار ڪوٺي ٿو:

ڪيترو پيار ٿو ڪيان تو سان،

هانءُ جو ٺار، ڪجھ ٻڌائي ٿو.

………………هلندڙ…………..

ان کان علاوه شاعر فرازي وري معشوقه جي رومانس کي عاشق جي رومانس مٿان فوقيت به ڏي ٿو ۽ ڪيترن ڊوهن دوکن باوجود به محبوبا جي رومانس جي ڪمٽمينٽ جو به انتها درجي جو مثال پڻ ڏي ٿو:

چئي ٿي دوکا ڊوهه ڪٽيندس،

جرئت سان ڏاٽا ٿي ڳولي،

فرازي مڃي يا نه مڃي، جيڪا محبوبا جنهن جرئت سان اڄ جيڪي ڏاٽا ڳولي ٿي،اها شباب ۽ نقاب جي بهاني ننڍپڻ ۾ محبوب سان هڪڙي ڳالهه ڪندي آهي ۽ جوانيءَ ۾ وري محبوب سان جٺ به ڪري ويندي آهي!

ننڍپڻ ۾ هن چيو هو، ملبو شباب ۾،

جڏهين جوان ٿي آ، ملي آ نقاب ۾.

جيئن پيارماڻهوءَ کي ڀٽڪيل،خواب ۽ ويسر واري زندگي مان جاڳائڻ جو نالو آهي،ائين ئي وري رومانس محبوب کي محبوبا سان مڪمل طور ملڻ لاءِ مڪمل تيارين لاءِ الرٽ ڪندو آهي:

اجھو ٿي رات منهن کولي،

رکو ٻاري بتي جانان!

رات وارو رومانس راتوڪو هو،صبح جو سويري جڏهن محبوبا محبوب جي اڳيان ايندي آهي ته ڪنهن ٻئي ويس ۽ روپ ۾ ايندي آهي:

صبح جو سويلو اسان جي اڳيان،

اڇو ويس پائي اچي چنڊ ٿو.

مختصرن،فرازي جي رومانس جي مئٿ ميٽڪس ايترو ته سمپل آهي، جو پيار ۽ رومانس ۾ تفريق وارو عنصر پڻ پاڻمرادو غائب ٿي وڃي ٿو.خيال+نيڻ+ڳل+هٿ+ٻانهون+ اڪيلي محبوب ۽ محبوبا جي دلفريب دنيا برابر رومانس.

هاڻي اسان انهن معصوم پر نظرانداز ڪندڙ خامين تي تڪڙي نظر وجھنداسين،جيڪي خاميون اسان کي فرازيءَ جي رومانوي شاعري ۾ نظر آيون. هڪ ته شيخ فرازيءَ جوڪن جڳهن تي پنهنجن خيالن جو ورجاءُ هن جي رومانوي شاعري ۾ بوريت جو ايليمينٽ پيدا ڪري ٿو:

جڏهن ٿو اچان رات جو دير سان مان،

ته  ٻاري  بتيءَ  کي  اٿي  ويٺي  آ

 

نه جھيڙو نه جھڳڙو ڪرڻ آءُ ڄاڻان،

اکين کي اکين سان چمڻ آءُ ڄاڻان.

۽ شاعريءَ ۾ اها فني لحاظ کان اوڻائي چئبي، پر ساڳئي وقت اها خوبي به چئبي،ڇو جو شاعر وٽ اهڙو ڏانءُ آهي جو هن کي ڪنهن هڪ خيال کي ڪيترن ئي طريقن سان پيش ڪرڻ جو باڪمال هنر ۽ اصلوب به اچي ٿو.ٻيو هن جي رومانوي شاعري خود هن جي ڪافي پنهنجن خيالن جو متضاد جهلڪ به ڏي ٿي هيٺيان ڪجھ شعرثبوت ڏين ٿا:(

1)

زمين آڪاش قرب تنهنجو،

حسين تو ۾ جمال آهن.

ٿر بڻائي وئي آ سڪ هن جي،

هو ڪڪر ٿي وسيو، ڪٿي آهي!

(2)ناز سان مون ڏي نهاري،

دل منهنجي وٺندي وڃي ٿي،

مان ڪري ڄڻ پيس فلڪ تي،

ديد مون تي پيس،اٿي وئي

(3) ننڍپڻ ۾ هن چيو هو، ملبو شباب ۾،

جڏهين جوان ٿي آ، ملي آ نقاب ۾.

چوي ٿي نه هاڻ ڪبو تو کان پردو،

ڪيل پنهنجي غلطي ڏسڻ شام آئي.

رومانوي شاعريءَ ۾ متضاد خيال پيش ڪرڻ خاميءَ سان گڏوگڏ رومانوي شاعريءَ جو حسن به آهي،چاهي پوءِ اها رومانوي شاعري ڪنهن سنڌي شاعر جي هجي يا ڪنهن انگريز شاعر جي.مشهور انگريزي رومانوي شاعر جان  ڪيٽس به پنهنجي شاعريءَ ۾ متضاد خيال پيش ڪيا آهن.جيئن هو پنهنجي نظم ”اينڊيامن” ۾ چوي ٿو ته:

A thing of Beauty is joy forever

يعني هر سونهن واري شيءِ سدائين لاءِ خوشيءَ جو بائث آهي،وري پنهنجي هڪ ٻئي نظم“ميلينڪلي”۾چوي ٿو ته :

يعني سونهن  خوشيءَ سان رهي ٿي،ٻنهي جو انت ٿيڻو ئي ٿيڻو آهي. She dwells with Beauty—Beauty that must die

تنهن ڪري متضاد خيال پيش ڪرڻ رومانوي شاعرن جو شاعري ۾ ڪفر ڪرڻ نه بلڪه احساسن جي ايمان کي وڌيڪ پختو ڪرڻ آهي.

فرازيءَ جي رومانوي شاعريءَ ۾ اسان کي ٽن حواسن تي مشتمل شعر جهجهي مقدار ۾ ملن ٿا،پر بقايا ٻن حواسن جهڙوڪ ٻڌڻ جي حس ۽ چکڻ واري حس تي شعرن جي ڪلت شدد سان محسوس ٿئي ٿي،هتي شيخ فرازي بطور رومانوي شاعر ٿورڙو کٽي پوي ٿو.شيخ فرازي جي خوبصورت شاعري واري داستان گھڻو رنگين ته آهي ئي آهي،پر هن جي عملي زندگي جي داستان ان کان به وڌيڪ سنگين آهي.

گھڻو جيڪو رنگين هو داستان،

اهو ئي  ته  سنگين  هو  داستان.

هو ان لاچار ۽ مجبور ڪنهن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور وانگر آهي،جيڪو مزدور جن شين کي فيڪٽري ۾ پاڻ پنهنجي جفاڪش هٿن سان پروڊيوس ڪندو آهي،پر جڏهن اهي شيون مارڪيٽ ۾ اينديون آهن،ته هن کي پاڻ ۾ به انهن شين جي قوت خريد نه هوندي آهي.ٺيڪ ائين ئي شيخ فرازي لاڪاڻي جي مشهور رابيل ڪتاب گھر ۾ پاڻ هڪ مزدور آهي،ماڻهن ۾ علم جا خزانه ادب تي روز نت نوان ڪتاب ته وڪڻندو آهي،پرهن ۾پاڻ ۾انهن ساڳين ڪتابن جي قوت خريد نه آهي.هڪ ماڻهوءَ سان اها ڪيڏي نه وڏي ٽريجڊي هوندي!اڄوڪو هي مضمون مون ان لاءِ نه لکيو آهي ته ڪو شيخ فرازي جي يا منهنجي “واه،واه”ڪرڻ ۾ هجي ته ڪيڏي نه ڀلي شاعري آهي ۽ ڪيڏو نه ليکڪ ان شاعريءَ تي سهڻي ۽ جامع نموني شاهڪار مضمون لکيو آهي،پر اڄوڪو هي مضمون ثقافت کاتي جي ننڊ ۾ اگھور انهن درد مند آفيسرن لاءِ آهي ۽ ٻين ساڃانهه وند درد انسانيت رکندڙن انهن ماڻهن لاءِ آهي،جيڪي شايد شيخ فرازي جھڙن اڀرندڙ شاعرن جي فطرتي ۽ لڪيل قلمي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا سهائتا ڪن.شيخ فرازي جو ٽن چئن ڪتابن جيترو شاعري مسودو تيار پيو آهي،پر هن ۾اها معاشي وسعت ناهي جو هو انهن کي ڪنهن پبلشر کان ڇپرائي سگھي!منهنجي ته اڃا ثقافت کاتي جي اعلى اختيارن کي اها نماڻي گذارش هوندي ته هو شيخ فرازي جهڙي تخليقار کي پنهنجي ڊيپارٽمينٽ ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ مستقل طور ٿورڙي جڳهه ڏين!هو ايترو ته پڙهيل لکيل ضرور آهي، جيترو شڪيسپيئر هو،ڪو ته هجي جيڪو هن جي لاوارث غزل ۽ اجڙي ويل وجود جي رڙ سمجھي؟! ته پوءِ هو به چئي ويهي ته:

ڪنهن ته آهي غزل جي رڙ سمجهي،

ڪنهن ته اجڙي ويل جي رڙ سمجھي.

Muneer03337569110@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *