تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ماضيء جو آئينو ؛ مسلمان معاشرن جو الميو!: شفيق الرحمان شاڪر

تاريخ جي هڪ سخت ۽ ڪڙي سچائي اها به آهي ته ڌارين کان وڌيڪ خود مسلمانن هڪ ٻئي تي ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرايا آهن.تاريخ جي هر دور ۾ مسلمانن جي پنهنجي اندروني جھڳڙن ۽ گھريلو لڙائين جو نقصان سدائين مسلمان سماجن کي ئي ڀوڳڻو پيو آهي.اڄ به چئني پاسين ڌارين جي سازشن ۽ ٻاهرين خطرن جي واويلا متل آهي پر جيڪي ڪجهه مسلمان سماجن جي اندر ٿي رهيو آهي اهو سڀ سندن پنهنجوپيدا ڪيل آهي.اصل ۾ مسلمان سماج ڪيترين ئي صدين کان اڳواڻيء جي سخت گھوٽالي ۽ اڻ هوند سبب ذهني جمود ۽ فڪري انتشار جو شڪار رهندا ٿا اچن.جڏهن ته مختلف دورن ۾ سڌاري جون جيڪي به تحريڪون اڀريون انهن مسلمانن کي فڪري طور تي جديد دور جي گھرجن سان هم آهنگ ڪرڻ بدران وڌيڪ تهذيبي نرگسيت جي اونداهين ۽ اونهي کوهه ۾ اڇلي ڇڏيو.ان ڪري ضروري آهي ته ان نڪتي طرف به سوچڻ گھرجي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي مسلمانن جي زوال توڙي ذلت جا سبب بڻيا؟پوء اڳواڻيء جي ان بحران تي به ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي جنهن مسلمان معاشرن جي ترقيء جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون.اهو به ڏسڻ جي گھرج آهي ته مسلمان سماجن ۾ ڪو اهڙو مدبر ۽ ڊگھي نظر رکندڙ اڳواڻ پيدا نه ٿي رهيو آهي جيڪو مسلمانن کي تهذيبي نرگسيت جي سهي واري خواب مان سجاڳ ڪري دنيا جي سچائين کان واقف ڪري سگهي؟

هن وقت زمين جي گولي تي ڇاونجاهه ملڪ اهڙا آهن جتي مسلمان گھڻائيء ۾ آهن ۽ اتي انهن جون حڪومتون قائم آهن.ان کان سواء ڪو به اهڙو کنڊ نه آهي جتي مسلمان موجود نه هجن.مسلمانن جي عروج جو دور صرف ٽن صدين تائين محدود آهي جيڪو ستين صديء کان ڏهين صديء تائين جاري رهيو.ان دوران انهن علم ۽ دانش جي مختلف ميدانن ۾ شاندار اڳڀرائي ڪئي ۽ گھڻ طرفي ترقيء جون منزلون پار ڪيون.جنهن  جي نتيجي ۾ هڪ نئين تهذيبي ورثي جو بنياد پيو جيڪو بابل ۽ نينوا جي وادين مان نڪري اتر ۾ يورپ جي وچ،ڏکڻ ۾اولهه صحارا،اوڀر ۾ هندستان ۽ اولهه ۾ ترڪيء تائين پهچي ويو.ان تهذيبي مرڪز کي اڻ پڙهيل ۽ جھنگلي تاتارين ان ڪري لتاڙي ڇڏيو جو خود مسلمانن ۾ فڪري ارتقائي عمل رڪجي چڪو هو ۽ منجهن تهذيب ۽ تمدن جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت اڻ لڀ بڻجي ويئي هئي.ان سچائيء کان انڪار ممڪن ناهي ته ٽن صدين ۾ مسلمانن دينيات،اخلاقيات،سائنس ۽ ٽيڪنالاجي،رياضي ۽ فلسفي،تاريخ ۽ادب سميت ان ڳڻين موضوعن تي تحقيق ۽ تخليق جا ڏيئا روشن ڪيا پر ان کان بعد بهرحال زوال جي نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ٻه واقعا مسلمانن کي فڪري،سياسي.سماجي ۽ نفسياتي طور تي بريء طرح گھايل ڪرڻ جو سبب بڻيا.

انهن مان پهريون واقعو 1258ع  ۾ تاتارين جو بغداد تي حملو ۽ ان جي تباهي آهي جنهن هر لحاظ کان مسلمانن جي چيلهه چٻي ڪري رکي.اهو شهر جتي ڪوويت يونيورسٽيء جي محقق پروفيسر بسم عجمي جي تحقيق مطابق هڪ هزار تحقيقي مرڪز مذهب کان سواء ٻين علمي موضوعن تي کوجنا ڪرڻ ۾ مصروف هئا.شهر ۾ پنج سو کان وڌيڪ ڪتب خانا شاندار ۽ ان لڀ ڪتابن سان ڀريل هئا.ان حملي جي نتيجي ۾ ڪتاب دريا جي وهڪرن ۾ وهي ويا جڏهن ته تحقيقي مرڪز رڳو ماضيء جو قصو بڻجي ڪري رهجي ويا.ٻيو سانحو 1492ع  ۾ اسپين ۾ مسلمانن جي حڪومت جو خاتمو ۽ انهن جو اتان نڪرڻ هو.جنهن مسلمانن کي سخت نفسياتي مونجھارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

تحقيق ۽ تخليق جو اهو عمل رڳو خليج،وچ ايشيا تائين ئي محدود نه هو پر اسپين ۾ به هر شعبي تي  تحقيقي ڪم جاري هو.الڪندي،فارابي ۽ ابن رشد مئل يوناني فلسفي کي زندهه ڪرڻ ۽ ان جي فڪري موشگافين مان مستفيض ٿيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئا.ابو عبدالله موسيٰ خوارزمي هندي رياضيء جي مدد سان ڏهائي سرشتو ترتيب ڏنو ۽ الگورٿم جنهن کي بعد ۾ مينلو گارٿم سڏيو ويو ان جو تصور پيش ڪيو.حڪيم ابو وفا پرڪار جي مدد سان مختلف درجن جون ڪنڊون بنائڻ جو تصور پيش ڪيو.جابر بن حيان گنڌڪ جو تيزاب ايجاد ڪيو.عمر خيام جيڪو مسلمان دنيا ۾ رڳو پنهنجي شاعريء ڪري مشهور آهي اهو اصل ۾ هڪ وڏو رياضي دان هو جنهن ”بائنوميل ٿيورم“ متعارف ڪرائي ڪلڪيوليٽر ۽ ڪمپيوٽر جي ايجاد جو بنيادرکيو.مطلب ته اهو ڪهڙو شعبو هو جنهن ۾ تحقيق ۽ تخليق جو عمل جاري نه رهيو هجي پر محلاتي سازشن ۽ مفاد پرست عالمن جي تنگ نظري ۽ ٻين سازشي هٿڪنڊن سبب ترقيء جو اهو سلسلو ترت ئي ختم ٿي ويو ڇو ته ڪجهه محققن کي ڪافر ۽ بي دين قرار ڏيئي انهن تي مختلف قسمن جون پابنديون هنيون وييون جڏهن ته گھڻن کي معتزلي يا رافضي قرار ڏيئي تضحيڪ ۽ تذليل جو نشانو بنايو ويو.اهڙيء طرح اهل علم ۽ دانش جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو ويو جنهن جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ڏسي سگھجن ٿا.مثال؛ ابن رشد جي ڪتابن ۽ تحقيقي مواد کي اسپين جي حڪمران منصور ٻئي جي حڪم تي قرطبا جي چوڪ تي ساڙيو ويو،عمر خيام کي ايران ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.اهڙيء طرح تحقيق ۽ تخليق جي جيڪا روايت ستين صديء ۾ نهايت ئي تيزيء سان شروع ٿي هئي وقت گذرڻ سان گڏ دم ٽوڙڻ لڳي ويئي.جڏهن علم ۽ دانش جون راهون مٽجي وڃن ته سماج فڪري طور تي سنڍ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ انهيء ۾ اڳيان وڌڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقي رڪجي وڃي ٿي ۽ سماج جمود جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

مسلمان سماج تيرهين صديء کان جنهن فڪري جمود جو شڪار بڻيا آهن ان جي نتيجي ۾ پيداوار جي طرز ۾ تبديليء جو لاڙو به ختم ٿي ويو آهي.اهڙيء طرح معيشت جي پکيڙ ۽ سماجي ترقيء جون سوچون به اڻ لڀ ٿينديون وييون ۽ حڪمرانيء جي نظام ۾ بهتريء جو تصور به ڪو خواب يا خيال بڻجي ڪري رهجي ويو.علم کان دوري ۽ ماضيء جي پرخمار روايتن ۾ گم رهڻ، انهن معاشرن جي عادت بڻجي ويو.جڏهن جهالت وڌي ٿي ته منطق ۽ دليل بجاء پاڻ ڏيکارڻ ۽ پاڻ پڏائڻ جڏهن ته تحمل ۽ برداشت جي بدران جنون ۽ شدت پسندي گڏيل فخر بڻجي وڃي ٿي.اهڙا سماج پنهنجو پاڻ کي وقت جي تقاضن ۽ حالتن جي گھرجن سان ايڪتا پيدا ڪرڻ ۽ تاريخ جي اوسر جي عمل ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ بدران ماضي پرستي ۽ تهذيبي نرگسيت جو شڪار بڻجي فڪري زوال جي اونهي ڪن ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ پنهنجي جهالت ڀريل سوچن ۽ روين تي ضد ۽ تعصب وچان ڄمي وڃن ٿا. ٻيو الميو اهو رهيو جو ست سو سالن دوران جيڪي به تحريڪون مختلف  خطن ۽ علائقن مان اڀريون،اهي ڪا اهڙي مدبر ۽ صاحب بصيرت قيادت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون جيڪا انهن معاشرن کي فڪري جمود مان ڪڍي ترقي ۽ ڪاميابيء جي راهه تي لڳائي سگھي ها.گڏيل دانش ۽ قياس جي صحيح استعمال سان انهن کي عقيدت منديء جي جادو نگريء مان ڪڍي زمان ۽ مڪان جي حقيقتن جو شعور ڏيئي سگھن ها.

ويهين صديء ۾ البت مسلم دنيا ۾ ٻه اهڙا آواز اڀريا جيڪي واضح فڪر سان گڏ جديد دنيا جي گھرجن جو واضح شعور ۽ ادراڪ رکندا هئا .انهن مان ننڍي کنڊ ۾ ڊاڪٽر اقبال ۽ ايران ۾ ڊاڪٽر علي شريعتي سوچ جا نوان رخ متعارف ڪرايا.اقبال جي سوچ جي بنياد تي نئون عمراني معاهدو ترتيب ڏيڻ بدران سندس شاعريء کي قوالن جي حوالي ڪري ڇڏيو ويو ۽ اهو ئي ڪجهه علي شريعتيء سان به ٿيو.ايراني عوام سندس فڪر ۽ فلسفي ۽ عمراني نظرين کي سمجھڻ بدران شهنشاهيت کان ڇوٽڪاري لاء ٿيوڪريسيء ۾ پناهه ڳولهي.عرب دنيا ۾ اڻويهين ۽ ويهين صدي دوران جيڪي تحريڪون اٿيون تن ۾ اخوان المسلمين ماضي پرستي کي جڏهن ته بعث پارٽي عرب قوم پرستيء کي پنهنجو محور بنايو.اهڙيء طرح مسلمانن ۾ ڪا عالمگير سڌاري جي تحريڪ وجود ۾ نه اچي سگھي.

اڄ صورتحال اها آهي جو زمين جي گولي تي موجود ڇاونجاهه مسلمان ملڪن جي ڪنهن به حڪمران،منصوبا ساز يا سياسي مدبر جي پهرين ترجيح تعليم ڪانهي جنهن سبب پوري مسلمان دنيا ۾ ڪابه اهڙي يونيورسٽي ، درسگاهه يا تحقيقي ادارو موجود ڪونهي جيڪو دنيا جي ڏهن ته ڇا پر دنيا جي پنجاهه وڏين مثالي يونيورسٽين يا تحقيقي ادارن جي فهرست ۾ شامل هجي.اهو ئي سبب آهي جو مسلمان دنيا ۾ تعليم جي شرح نهايت گھٽ آهي.ان کان سواء جيڪا تعليم ڏني پيئي وڃي ان جو معيار عالمي پيمانن مطابق نهايت ئي ڪريل آهي.سو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلمان دنيا زندگيء جي مختلف شعبن ۾ عالمي معيار جا ماهر پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي.البت جيڪي اهل علم پنهنجي ذاتي محنت،دلچسپيء ۽ اولهه جي دنيا کان حاصل ڪيل وسيلن جي بنياد تي ڪي نمايان ڪارناما سرانجام ڏين ٿا انهن کي سندن پنهنجن ملڪن ۾ همت افزائي ته ٺهيو پر مختلف قسمن جي طعنن،مهڻن،تنقيدن ۽ الزامن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جهالت پسنديء جي ان ماحول ۾ ترقي دوست تنظيمون ۽ اهل نظر دانشور جنم نه وٺندا آهن بلڪه شدت پسند ۽ جنوني تنظيمون اڀرن ٿيون جيڪي ڪٿي عقيدي ۽ مسلڪ جي بنياد تي،ڪثي زبان ۽ نسل جي بنياد تي تشدد ڀريل روين ۽ سوچن کي پالي وڏو ڪن ٿيون.موقعي پرست حڪمران اهڙين تنظيمن جي سرپرستي ڪندي پنهنجي اقتدار کي ته وقتي طور تي بچائي وٺن ٿا پر سماج ۾ نفرت۽تعصب جو هڪ اهڙو زهر گھوٽي ڇڏين ٿا جيڪو ڏهاڪن تائين نه پر صدين تائين هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو.

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *