تازيون خبرون

ماضيء جو آئينو؛ ”مڇيء جو شڪار ۽ يهودين جون اٽڪلون.“: شفيق شاڪر

حضرت موسيٰ عليه السلام جي دور کان گھڻو پوء يهودين جي هڪ جماعت بحر ڪلزم جي ڪناري آباد ٿي ويئي هئي.جيئن ته اهي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ هئا تنهن ڪري مڇي انهن جو قدرتي شڪار هو.جيڪا نه صرف انهن جي وڻندڙ وندر هئي پر سندن گذر سفر جو ذريعو پڻ. انهن ماڻهن کي هفتي جا ڇهه ڏيننهن شڪار ڪرڻ جي مذهبي طور تي اجازت هئي باقي ڇنڇر جو ڏينهن انهن جي لاء عبادت جو ڏينهن مقرر ڪيل هو.دلچسپ ڳالهه اها جو شڪار وارا ڇهه ئي ڏينهن عام طور تي مڇيون پاڻيء جي اندر غائب رهڻ لڳيون باقي منع ڪيل يعني ڇنڇر جي ڏينهن سمنڊ جي پاڻيء جي سطڃ تي ننڍين وڏين مڇين جو ميلو مچي ويندو هو.اصل ۾ ان معاملي ۾ انهن جي لاء خدا تعاليٰ جي پاران هڪ قسم جي آزمائش هئي.

ڪجھ عرصي تائين ته يهودي ان معاملي کي صبر سان ڏسندا رهيا پر نيٺ رهي نه سگھيا.انهن مان ڪجھ شرارتي ماڻهن اهڙيون اٽڪلون ڪيون جن مان اهو به ظاهر نه ٿئي ته اهي ڪو خدا جي حڪم جي صاف خلاف ورزي ڪري رهيا آهن پر گھڻي تعداد ۾ مڇيون به پڪڙي سگھن.سو انهن اهڙو طريقو اختيار ڪيو جو جمعي جي شام جو سمند ڪناري وڃي ننڍيون ننڍيون کڏون ۽ کوٻا کوٽي ڇڏينداهئا ۽ سمنڊ مان ڪجھ ڪسيون ڪڍي ڇڏيندا هئا ته جيئن ڇنڇر تي جيئن ئي گھڻيون مڇيون پاڻيء جي سطح تي اچن ته اهي انهن ڪسين وسيلي سندن کوٽيل کڏن کوٻن ۾ پهچي وڃن جن کي هو ايندڙ ڏينهن تي آرام سان شڪار ڪري وٺن.اهي پنهن جي ان چالاڪيء تي ڏاڍو خوش هئا.قوم جي ڪيترن ئي نيڪ مردن کين نصيحت ڪئي ته اهي ان نموني سان خدا جي حڪم جي خلاف ورزي نه ڪن پر اهي اهڙا ڍيٽ هئا جو پنهن جن انهن ڪريل حرڪتن تي پڇتائڻ بدران چوڻ لڳا ته خدا ته اسان کي رڳو ڇنڇر جي ڏينهن شڪار کان منع ڪئي آهي.اسان ڇنڇر ڏينهن نه پر آچر جي ڏينهن شڪار ڪندا آهيون جيڪو جائز آهي!

اصل ۾ اهي خدا جي حڪمن تي  سچائيء سان عمل ڪرڻ نه گھرندا هئا جنهن ڪري هنن مختلف حيلن ۽ بهانن سان غلط کي صحيح ۽ صحيح کي غلط چوڻ جو رويو اختيار ڪيو هو.اهي پاڻ ته دوکي ۾ پيل هئا پر قوم جي ٻين ماڻهن کي به گمراه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا. آخر حالت اها وڃي بيٺي جو بستيء جي نيڪ ماڻهن به نه رڳو انهن کي گناه تي روڪڻ ٽوڪڻ ڇڏي ڏنو پر ڳوٺ جي هڪ وڏي اڪثريت آهستي آهستي انهن سان ان ڏوه ۾ شامل ٿي ويئي.ان ڳوٺ جي ڀرسان موجود هڪ ٻئي ڳوٺ جي نيڪ ماڻهن جي هڪ ٽولي ان ڳوٺ ۾ اچي ماڻهن کي خدا جي ان صاف نافرمانيء کان باز اچڻ جي نصيحت ڪئي پر جڏهن اکين تي نفساني خواهشن ۽ دل تي هوس جا پردا چڙهي وڃن ته ڪنهن به خيرخيواه جي نصيحت کان ڪن ٻوڙا ٿي ويندا آهن،سو هن قوم جي به اهائي حالت هئي،ڪنهن به نصيحت جو انهن تي ڪوبه اثر نه ٿيو.

آخر نصيحت ڪندر نيڪوڪار جماعت جا ٻه حصا ٿي ويا.هڪڙي ٻئي کي چيو ته هنن ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ اجائي آهي،اهي ڪنهن به نموني سمجھڻ وارن مان ناهن.ڇو ته جيڪر اهي گناه کي گناه سمجھي ڪن ها ته اها اميد هئي ته شايد اهي ڪنهن وقت پنهن جي گناه کان توبه ڪري وٺن ها پر جڏهن اهي مختلف شرعي حيلا بهانا ٺاهي پنهن جن بدعملين تي پردو وجھڻ گھرن ٿا ته هاڻي اسان کي ڊپ ٿي پيو آهي ته هنن ماڻهن تي جلد ڪو خدا جو عذاب اچڻ وارو آهي يا اهي ٻي ڪنهن وڏي آفت ۾ گرفتار ثيڻ وارا آهن.انهيء ڪري هاڻي جيترو ٿي سگھي هنن کان پري رهجي.

نيڪوڪار جماعت جي ٻئي حصي جو چوڻ هو ته اسان هنن کي آخر تائين نصيحت ڪندا ۽ کين نافرمانيء کان روڪيندا رهنداسين ته جيئن قيامت جي ڏينهن الٰله سائين اسان کي هن ڏوه م نه پڪڙي ته اوهان هنن کي آخر تائين نافرمانيء کان روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ ۽ اهو به ته اسان بلڪل مايوس ناهيون ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي هنن کي ڪا نصيحت فائدو ڏئي ۽ هي خدا جي عذاب کان بچي وڃن.

بهرحال جيڪا جماعت خدا جي حڪمن جي نافرمانيء تي سندرو ٻڌي بيٺي هئي ۽ بار بار جي نصيحت باوجود پنهن جو رويو بدلائڻ لاء تيار نه ٿي ان جي ابتڙ اهي نهايت ئي بيپرواهيء سان خدا جي حڪمن جو مذاق اڏائڻ لڳا.تڏهن اوچتو ئي اوچتو قدرت جو هنٽر حرڪت ۾ آيو،جيئن ئي هڪ صبح جو اهي ننڊ مان جاڳيا ته سندن چهرا بدلجي خنزيرن ۽ باندرن وارا بڻجي چڪا هئا ته جيئن ايندڙ دنيا تائين ماڻهو عبرت حاصل ڪن ته خدا جي حڪمن جي نافرماني،سندس مرضيء سان بغاوت ۽ سندس قانونن جو مذاق اڏائن وارن جو انجام ڇا ٿيو!انهن کان اشرف المخلوقات جي پوشاڪ کسي کين هميشه لاء ذليل ۽ خوار بڻائي حيوانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو.جنهن بستيء تي اهو حادثو گذريو هو ان جو نالو ” ايلا“ ۽ اها بحر ڪلزم جي ڪناري سان آباد هئي.ايئن سمجھو ته جيڪر مصر جو ڪو رهاڪو مڪي شريف جي سفر تي نڪري ته اها بستي سندس رستي ۾ ايندي هئي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *