تازيون خبرون

ماضيء جو آئينو؛ ” تاريخ، عورت ۽ موسيقي“: شفيق شاڪر

مشهور انگريز شاعر ”لانگ فيلو“ مطابق؛ موسيقي سموري انسانذات جو گڏيل ورثو آهي. موسيقي ۽ عورت جو پاڻ ۾ سدائين گهاٽو لاڳاپو رهيو آهي.جن منزلن مان عورت گذري آهي انهن ئي منزلن مان موسيقي به گذري آهي.روايتن موجب ڪنهن زماني ۾ ڳائڻ وڄائڻ صرف عبادت جو حصو هوپر هاڻي اهو هڪ پيشو بڻجي چڪاو آهي.آواز ۽ جسم ٻئي وڪجن ٿا.هرڪو ڳائڻ جي فن جو شوقين آهي پر ڪنهن ڳائڻي يا ڳائڻيء کي معاشري ۾ جيڪا عزت ملڻ گھرجي اها اڄ به ڪانهي.ماڻهو راڳ کي جنس ۽ ڳائڻي کي دوڪاندارسمجھن ٿا.اهو ٻڌائڻ ته مشڪل آهي ته ڪنهن ڪوٺي يا اڏي تي پهرين عورت آئي يا موسيقي يا وري ٻئي گڏ آيون هجن تڏهن به اهو مڃيل آهي ته ٻنهي ۾ قافيي ۽ رديف وارو تعلق رهيو آهي.عبادت گاهن ۾ به عورت،رقص ۽ ڳائڻ وڄائڻ گڏ رهيو ۽ بالاخانن ۾ به اهي گڏ آهن.جيستائين موسيقيء جو تعلق ڌرم يا مذهب سان رهيو،”ديوداسيون“ باقائدي موسيقيء جي تربيت حاصل ڪنديون هيون ۽ اهي بهترين ڳائڻيون ۽ ناچڻيون هيون.اهڙيء طرح موسيقيء جي ڄاڻ پراڻي وقت جي ٻانهين ۽ خادمائن جي لاء هڪ سٺي قابليت سمجھي ويندي هئي.اهو ئي سبب آهي جو ڪنيزن ۽ ٻانهين ۾ ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون ڳائڻيون پيدا ٿيون.هڪ خاص دور ۾ ته بادشاهن جون ڪجھ راڻيون به موسيقيء جي فن جون ماهر هيون.جهانگير جي زال ۽ شاهجهان جي ماء ”متي “ کي علم موسيقيء ۾ ايترو ته ڪمال حاصل هو جو جهانگير سندس محل جي طوائفن جو هڪڙو گروه موسيقي سکڻ لاء ان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. اورنگ زيب جي جانشينن ڪيتريون ئي ڳائڻيون عورتون پنهن جن محلن ۾ رکيون هيون.انهن جي پيرويء ۾ شهزادا به ان رستي تي هلي پيا. مغلن جي آخري دور ۾ ته اهو حال هو جو ڳائڻا ۽ ڳائڻيون وڌي وييون جڏهن ته ڪاريگر ۽ سپاهي اڻ لڀ ٿي ويا.

فخرالدين رازي لکيو آهي ته ايرانين مطابق موسيقيء جو باني ”فيثاغورث“ آهي جيڪو حضرت سليمان عه جو شاگرد هو.پر ان کان اڳ جي ڪتابن ۾ به موسيقيء جو پتو ملي ٿو.هندن وٽ موسيقيء جي لاء ” سنگيت“ جو لفظ ڪم اچي ٿو.انهن جو عقيدو آهي ته موسيقيء جا باني سندن ديوتا هئا. هندستان ۾ موسيقيء جو پهريون نشان ” سام ويد جا منتر“ آهن جن کي ”رڪ“ چيو وڃي ٿو.

مصرين جو چوڻ آهي ته موسيقي ۽ سازن جا باني انهن جا ديوتا آهن پر يونانين جو ضد آهي ته انهن جي ديوتا ”زيوس“ جون نو نياڻيون ”ميوزس“ موسيقيء جون باني آهن ۽ انهن مطابق لفظ ”ميوزڪ“  به انهيء ئي نسبت سان استعمال ٿئي ٿو.تورات مان بني اسرائيل جي موسيقيء سان دلچسپيء جو پتو پوي ٿو. حضرت آدم جي ستين پيڙهيء مان هڪ شخص ” بل“ جي نالي سان مشهور آهي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هن موسيقيء جو اوزار ” چنگ“ ايجاد ڪيو هو.حضرت دائود عه جا ”مزامير“ مشهور آهن.حضرت سليمان عه جي دور ۾ به موسيقيء جو وجود ملي ٿو.يونان کان پوء روم ۾ موسيقيء کي عروج حاصل رهيو. رومين کان ايراني به متاثر ٿيا.

اها حقيقت آهي ته عربن وٽ فن موسيقي موجود نه هو.”ابو مسحج“پهريون عرب هو جنهن ايران ۽ روم جي شهرن مان موسيقيء جو سرمايو جمع ڪيو.جنهن کان پوء ”اسحاق موصليء“ جهڙو مشهور گائڪ پيدا ٿيو جنهن جي شهرت ان وقت آسمانن کي ڇهڻ لڳي. ”ابن سينا “ کي موسيقيء جي فن ۾ ڪمال حاصل هو.”شهنائي“ ان جي ايجاد آهي.

مسلمان بادشاهتن ۾ ”خلجي“ ۽ ”تغلق“ خاندان جي موسيقيء سان لڳاء جا واقعا مشهور آهن.جنهن خاندان موسيقيء کي باقائدي هڪ فن جو درجو ڏنو اهو ”شرتي“ خاندان هو.مغلن ۾ اڪبر جو دور ڳائڻن ۽ ڳائڻين جي سرپرستي ڪرڻ جي لاء مشهور آهي.خود جهانگير موسيقيء جي رازن کان واقف هو.اڪبر جا وزير ابوالفضل ۽ فيضي موسيقيء جي فن کان گھڻو واقف هئا.انهن جڏهن تانسين کي ڳائيندي ٻڌو ته صرف ايترو چيوته ” ها،چڱو ٿو ڳائي!“

ملا عبدالقادر بدايوني بين وڄائڻ جو ماهر هو.شيخ سليم چشتيء جو پوٽو اسلام خان جهانگير جي دور ۾ بنگال جو گورنر هو جيڪو سال ۾ اسي هزار روپيا صرف ڳائڻ وڄائڻ جي محفلن  ۽ طائفن تي خرچ ڪندو هو. شهزادي مرادبخش کي جڏهن اورنگ زيب قيد ڪيو ته هو پاڻ سان گڏ ان وقت جي مشهور گائيڪ ”سرس ٻائي “ کي وٺي ويو.

موسيقي جي تاريخ جي ماهرن مطابق ڄاڻن موسيقيء جو فن موسيقار کان ايجاد ڪيو آهي جيڪر ڏٺو وڃي ته موسيقيء جي ان پکيء جي عمر لڳ ڀڳ هزار سال ٿئي ٿي ۽ ان جي چهنب ۾ ست سوراخ آهن.اهو پکي جڏهن به پنهن جي طبعي عمر کي رسي ٿو ته ڪک ڪچرو ڪٺو ڪري ان جي چوڌاريء نچي ۽ ڪڏي ٿو پوء هن جي سر مان اوچتو ان ڍير کي باه لڳي وڃي ٿي پوء پاڻ به ان باه ۾ ڀسم ٿي وڃي ٿو ۽ سندس خاڪ مان هڪ وري نئون جسم جنم وٺي ٿو.ان پکيء کي اردوء ۾  ”ققنس“، يونانيء ۾ ”فينڪس“، فارسيء ۾ ” آتش زن“ ۽ سنسڪرت ۾” ديپڪ لاٽ“ چئبو آهي.

موسيقيء جا ست ئي سر جانورن جي آوازن مان نڪتل آهن. ”کرج“ مور جي آواز مان، ” رکپ“ پپيهي جي آواز مان، ”گنڌا“ ٻڪريء جي آواز مان،”مڌم“ ڪلنگ مان،”پنجم“ ڪوئل جي آواز مان،   ”ڌيوت“ گھوڙي جي آواز مان ۽ ”نڪهار“ هاٿيء جي آواز مان نڪتو آهي.

توڙي جو ناچ يا رقص جي ظاهر ۾ ڪا تاريخ نظر نٿي اچي پر لڳي ايئن ٿو ته رقص ۽ راڳ ٻئي پاڻ ۾ جاڙيون ڀينرون آهن جن جي عمر ساڳي آهي.ڪنهن زماني ۾ رقص يا ناچ به عبادتن جو اهم حصو رهيو آهي ۽ توريت ۾ ان جو ذڪر موجود آهي.پر هاڻي ان جي حيثيت صرف فن واري رهجي ويئي آهي.پراڻي زماني ۾ بيت المقدس جي هڪ يهوديء بادشاه ” هردويا“ نالي هڪ ناچڻيء کان متاثر ٿي کيس چيو ته” گھر جيڪي گھرڻ چاهين ٿي.“ جنهن تي هن چيو ته ” بپتسما ڏيڻ واري يوحنا جو سر!“ ۽ نيٺ هن اهو سر وٺي پوء دم پٽيو

.مصر جي شروعاتي طائفائن ۾ جيڪي نچڻيون هيون انهن جي چوڻ مطابق انهن جو تعلق ”پرامڪا خاندان “ سان آهي.هندستان ۾ رقاصائن کي ” مرليون“ چيو ويندو هو.جڏهن عرب واپاري پهريون ڀيرو ملتان آيا ته اهي انهن مرلين جو ناچ ڏسي انهن جا مريد ٿي ويا.مطلب ته جيئن جيئن موسيقيء ۾ نيون نيون ڌنون جڙنديون وييون تيئن تيئن رقص ۽ ناچ ۾ به نوان نوان رنگ پيدا ٿيندا ويا.هاڻي ته رقص يا ناچ پنهن جي ڪمال جي حدن کي پهتل آهي.جتي موسيقيء جي زبان بند ٿي وڃي ٿي اتي رقص ڳالهائي ٿو پر راڳ وانگر هر قوم جو رقص به الڳ الڳ آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *