تازيون خبرون

مادري ٻولين جو ڏهاڙو ۽ منهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي: ماهم سنڌي / ميرپورخاص

اڄ 21 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي . اهو ڏينهن هر سال بنگال جي نوجوانن کي ڀيٽا ڏيندي پيش ڪيو ٿو وڃي ، جن پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي قوم جي بقا لاء جدوجهد ڪئي . انهن ڪوششن جي ڪري ئي اڄ اوڀر بنگال جو حصو بنگلاديش بڻجي پنهنجي آزاد ملڪ ۾ پنهنجا حق حاصل ڪري رهيو آهي . بنگلاديش جي هاڻوڪي گادي جي هنڌ ڍاڪا  يونيورسٽي ۾ شاگردن جي هلايل تحريڪ  ۽ ان جي نتيجي ۾ رياست طرفان ٿيل خونريزي سدائين تاريخ جي پنن تي تازي رت جيان آلي رهندي . پر سندن پنهنجي ٻولي لاء هلايل تحريڪ ۽ ڏنل قربانين  نيٺ رنگ لاتو . انهن کي ڀيٽا ڏيڻ لاء اقوام متحده پاران هر سال 21 فيبروري جو ڏهاڙو مادري زبانن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو . دنيا ۾ مادري ٻولين جي اهميت کي سمجهندي انهن کي ترقي وٺائڻ لاء وڏا قدم کنيا پيا وڃن . جيڪي مادري زبانون خطري هيٺ آهن انهن جي بچاءُ لاء پڻ لساني ماهر تحقيقون ڪري نوان اُپاءُ وٺي رهيا آهن . پر افسوس جي ڳالھ آهي ته اڄ به اسانجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ٻين مادري ٻولين سان ويڳاڻين وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي . سنڌ ۾ سنڌي کان سواء ٻيون ڪيتريون ئي مادري ٻوليون خطري جي لڪير هيٺ اچي ويون آهن . ٿرپارڪر ۾ ئي ٻين هنڌن تي ڳالهايون ويندڙ ٻوليون هاڻي توجه نه ملڻ سبب پوئتي پئجي رهيون آهن . انهن جي ڳالهائيندڙن ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي . سنڌي ٻولي ڏاڍي قديم آهي ۽ ان جي لکڻي جا اهڃاڻ پنج هزار ساله پراڻي سنڌي ندي جي تهذيب موئن جي دڙي سان ڳنڍيل ملن ٿا . ماهر لسانيات تحقيق سان اتان مليل مُهرن تي  ۽ ٻين شين تي لکيل صورتخطيءَ کي ترجمو ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهن جن تي مڪمل ڪامياب ناهن ٿي سگهيا . تاريخي ماهرن موجب سنڌي ادب پهرين ديوناگري لپي جي مختلف روپن ۾ لکيو ويندو هو . محقق ۽ سياح البيروني جي ڪتاب الهند موجب  يارهين صدي عيسوي ۽ پنجين هجري جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ٻولي راجپوتانا  ،  پنجاب ۽ سرحد تائين ڦهليل هئي  . سنڌي ٻولي ڪيترن ئي سازشن جي باوجود گهڻي قديمي ۽ ترقي يافته زبان رهي آهي . سنڌي ٻولي ادبي حوالي سان پڻ هڪ شاهوڪار ٻولي رهي آهي . هونئن به چون ٿا جنهن ٻولي کي ختم ڪرڻو هجي ان کي ادب کان پوئتي هٽائي ڇڏيو اها پاڻهي زوال طرف ويندي . شروع ۾ جڏهن عربن حملا ڪري قبضو ڪيو هيو ته ، هو انهيء بغض ۾ هئا ته سنڌ ۾ اڳ جي رهيل هندو قوم کي ڪئين به ڪري مسلمان ڪجي .  انهي ڏس ۾ انهن ٻولي جي رسم الخط کي به نه بخشيو ۽ عربي جا ڪيترائي الفاظ سنڌي ۾ شامل ڪيا ويا جيڪي اڳ ۾ ڪونه ٿا ملن . جهڙي طرح محمد بن قاسم کي هيرو ۽  سنڌ جي حڪمران راجا ڏاھر کي ظالم ڪري پيش ڪيو ويو  ،  تئين عربي زبان کي لاڳو ڪرڻ لاء پڻ وڏا وس ڪري ڏاڍ ڪيا ويا . عربن جي شروعاتي دور ۾ مدرسا قائم ڪري ٻارن کي صرف نجي عربي ۾ تعليم ڏيڻ لازم ڪيو ويو هو . هر ٻار تي لازم هيو ته عربي ڳالهائڻ توڙي پڙهڻ به ڄاڻي . ان جو مثال ائين وٺجي ته جئين اڄ  سنڌ جو ٻار ڀلي سنڌي پڙهي ، ڳالهائي ڄاڻي يا نه پر اردو پڙهڻ ڳالهائڻ ضرور ڄاڻي . جڏهن سومرن جو دور شروع ٿيو ته اهو سنڌي ادب جو شروعاتي دور ليکجي ٿو ، ان بعد جڏهن سنڌ تي سمن جي حڪومت شروع ٿي ته ان دور ۾ شاعر قاضي قادن جو نالو وڏو مشهور ٿيو هيو . ارغونن جي دور ۾ وري شاھ عبدالڪريم سميت مخدوم نوح رحه ،  لطف الله قادري جهڙا نالا سنڌي  ادب جي ذميواري ڪلهي تي کنيو بيٺل نظر اچن ٿا ، جن مکيه موضوع تصوف کي بڻايو ھو   . ڪلهوڙن جو دور سنڌي ٻولي جو سنهري دور چئي سگهجي ٿو .  ان دور ۾ لال لطيف جهڙا لافاني شاعر پيدا ٿيا . شاھ عبدالطيف ڀٽائي جهڙي عالمي شاعر سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻولي کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو . “شاھ جو رسالو “ ادبي دنيا جي خزاني ۾ انهي ڪوھ نور هيري مثل آهي جنهنجي خالق سنڌي زبان آهي . شاھ عبدالطيف سنڌي زبان ۾ تصوف سميت وحدانيت ، عشق ، حب الوطني  سميت هر موضوع کي پنهنجي ٻولي ۾ کڻي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي . ان سان گڏ شاھ عنايت رضوي ، شاھ عنايت شهيد  ، خواجه محمد زمان به پنهنجي دور جا وڏا شاعر هيا    . مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌي الف ب ٺاهيندڙ ليکيو وڃي ٿو . ان بعد ٽالپرن جي حڪمراني دوران سچل سرمست پڻ سنڌي ٻولي کي گهڻو ئي اڳيان کڻي آيو . ان سان گڏ خليفو نبي بخش قاسم ، سامي جنهنجي  بيتن کي “ سامي جا سلوڪ“ سڏبو آهي ، روحل فقير  ۽ مرثيه خوان جي صنف متعارف ڪرائيندڙ سيد ثابت علي شاھ پڻ هو . سنڌ  تي جڏهن 18هين صدي جي وچ ڌاري مسلمانن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندي انگريزن قبضو ڄمايو پئي   ، تنهن وقت انگريزن سنڌ ۾ اچي سرڪاري طور سنڌي لغت لاڳو ڪئي وئي . جنهن موجب صوبي اندر سڄي لک پڙھ سنڌي ۾ ٿيندي هئي . سرڪاري غير سرڪاري طور تي سڄي سنڌ ۾ سنڌي زبان لاڳو هئي . جيڪر ڪو غير سنڌي به ملازمت سان لڳندو هو ته  به ان تي لازم هوندو هو ته هو ترت ئي سنڌي زبان ڳالهائڻ سکي وٺي . کيس قانون موجب ملازمت جي  18 مهينن جي عرصي اندر سنڌي زبان سکڻي هئي  . ماهر لسانيات جي راء موجب سنڌي ٻولي جي اوسر ۽ اوج جو وقت انگريزن جي قبضي واري وقت هو ،  جڏهن صحيح معنيٰ ۾ سنڌي زبان ترقي جون منزلون طئي ڪيون . 1853ع ۾ منظور ڪيل سنڌي رسم الخط اڄ به رائج آهي . مرزا قليچ بيگ ھن   دور ۾ سنڌي زبان کي عروج تي پهچائڻ لاء پڻ وڏا قدم کنيا . مرزا قليچ بيگ 400 کان مٿي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ماڻهن تائين پهچائڻ لاء ڪوششون ورتائين . انهي جي ڪارنامي سان ئي اڄ اسان وٽ انگريزي ادب پڻ سنڌي ۾ گهڻي حد تائين موجود آهي . ڊاڪٽر گربخشاڻي ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ، ڀيرومل مهر چند ، دين محمد وفائي وڏي تعداد ۾ نثر لکيو . سنڌي ادب دنيا جو شاهوڪار ادب آهي .  شيخ اياز پڻ سنڌي ٻولي ۾ نثر ۽ جديد شاعري متعارف ڪرائي ان ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي کيس وڏي ترقي ڏياري . ان سان گڏ تنوير عباسي  ، استاد بخاري ، انور پيرزادو ،  سراج الحق ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي اڻ ڳڻت شاعرن ۽ نثر نويسن سنڌي ٻولي ۾ ادب کي اونچو ڪيو . سائين جي ايم سيد جي نالي کڻڻ کانسواء پڻ سنڌي ادب اڻپورو سڏبو . سائين جي ايم سيد سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . سنڌي ٻولي مختلف لهجن سان سنڌ توڙي هندوستان ۾ ايندڙ ڪڇ ، گجرات جي وڏي حصي تي ڳالهائي ويندي آهي . سنڌي ٻولي عام طور تي هڪ مٺڙي زبان تصور ڪئي وڃي ٿي .  سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف لهجن ۾ سنڌي ٻولي جو استمعال مادري ٻولي طور ٿئي ٿو .   مرحوم ابراهيم جويو موجب ته “ اسين پنهنجي ٻولي لاء چئي سگهون ٿا ته اها اسان جو ڏڍ آهي ،  آٿت آهي ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿو ۔ جيڪا اسان کي اڄ سندي ذات هنجن جهڙو نثر ڏئي سگهي ٿي ۽ ان جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي . اها ٻولي ڪئين نه عظيم هوندي.

اڄ مادري ٻوليون سنڌ اندر خطري جي گهنٽي هيٺ آهن . سنڌ اندر سازشي عنصرن جي رضامندي خاطر اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار جن لاء مادري ٻولي ۾ شروعاتي تعليم اهم هجي ٿي انهن کان اهو حق کسيو ويو آهي . سنڌ جي اندر وڏن شهرن ۾ موجود خانگي اسڪولن مان سنڌي زبان کي بلڪل نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ ان جي جڳھ تي اردو کي لازم قرار ڏئي اها پڙهائي پئي وڃي . جيڪو ٻار پنهنجي مادري ٻولي پڙهي لکي نه ڄاڻندو ٻي ٻولي کي بهتر نموني ڪئين ته سمجهي سگهندو ؟ اڄ به شهر جي اسڪولن ۾ سنڌ جي ٻارن کان انهن جي پنهنجي ٻولي کسي کين مٿان زوري ٻيون ٻوليون مڙهيون پيون وڃن . سنڌ ۾ اردو يا انگريزي زبان پوء ايندي ، سڀ کان پهرين هر ٻار جو حق به آهي ته فرض به آهي ته هو سنڌي چڱي طرح لکي ۽ پڙهي سگهي . سنڌ ٻولي جو ٻيهر اوج بحال ڪرڻ بنھ سولو ڪونهي . اڄ هٿ وٺي جٿي ڪٿي سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جي سازش رچائي وئي آهي . سڄي لک پڙھ  انگريزي يا اردو ۾ ڪرڻ کي اهميت ڏني وڃي ٿي . سنڌي سميت ٻين مقامي ٻولين جو حق آهي ته کين قومي ٻولي  جو درجو ملي پر هر دفعي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران ٻولين کي قومي حيثيت ڏيڻ وارو بل رد ڪيو ٿو وڃي . جنهن سان سنڌي سميت ٻين ٻولين جي وڏي پيماني تي حق تلفي ٿئي پئي . جتي سڄي دنيا ۾ قديمي ٻولين کي بچائڻ لاء لسانيات جا ماهر ڪوششون وٺي رهيا آهن ، اتي پاڪستان اندر ٻولين جي اهميت درگذر ڪرڻ سٺو سنئوڻ ناهي . تازو ئي ان حوالي سان اسلام آباد جي لوڪ ورثه ۾ ٻه روزه ميلو جيڪو  “اسانجيون ٻوليون اسانجي پهچان “ جي نالي سان منعقد ٿيو ۽ 18 فيبروري تي پڄاڻي تي پهتو . سنڌ جي محقق ۽ دانشور دُر محمد پٺاڻ ان ۾ پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو ته “  اهڙا ميلا صرف نمائش رکڻ لاء ڪيا وڃن ٿا . اهڙن ميلن ذريعي مادري ٻولين کي بچائي نٿو سگهجي .  “ سنڌي ٻولي سميت ٻين مادري ٻولين جي  تحفظ لاء ڊاڪٽر الانا جون هدايتون اڄ به ڪتب آڻي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا . ان ڏس ۾ گهڻو وقت اڳي ڊاڪٽر الانا جون ليکل ڪجھ تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون جيڪي سنڌي ٻولي جي روشن مستقبل لاء ٻڌايون ويون هيون . هن موجب “ سنڌي زبان ۾ ٻارن لاء به اهڙو علمي توڙي سائنسي ادب پيدا ڪيو وڃي ته جئين ننڍڙائپ کان وٺي انهن جو ذهن سائنس طرف وڌيڪ لاڙو رکي . اسانجي عالمن استادن ۽ ليکڪن جيڪڏهن جديد فني علمن جهڙوڪ انجنيئرنگ ، اليڪٽرانڪس ، ڪمپيوٽر  ،  علم طبعي ، علم ڪيميا ، علم ارضيات ، علم حياتيات ،ڳ علم طب ۽ اهڙن ٻين علمن تي سنڌي زبان ۾ مواد پيش نه ڪيو ويو ته سنڌي زبان اڳتي وڌي ڪين سگهندي  ۽ اسان چند شاعري ۽ افسانوي ادب جي ڪتابن کي زبان جي ترقي سمجهي خوشفهمي ۾ رهجي وينداسين “ .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *