تازيون خبرون

مادري ٻوليء کي بگاڙ کان بچائڻ گھرجي.: شفيق شاڪر

پنهن جي مادري ٻوليء کان سواء ٻي ٻولي ذريعي انسان پنهن جن خيالن.جذبن ۽ احساسن جو اتم نموني  اظهارڪري نٿو سگھي توڙي جو.ٻوليون سڀ سهڻيون آهن ۽ انهن سان ساڙ رکڻ انڌي تعصب سبب آهي، جنهن ڪري انسان دنيا جي هڪ وڏي علمي خزاني ۽ دانش جي موتين کان پا ڻ کي محروم ڪيو ڇڏي. اهڙن ماڻهن  کان جڏهن ڪنهن غيرمادري ٻوليء واري شاعر يا اديب جي ڪنهن ڪتاب  يا شعر جي باري۾ سوا ل ڪجي ٿو ته اهي طنز واري انداز۾ جواب ڏين ٿا ته  “اهوشاعر يا اديب ته فلاڻي قوم يا نسل جو آهي!”.ڇا اسان سعدي شيرازيء جي شاعري ۽ جلال الدين روميء جون حڪمت ڀريون حڪايتون ان ڪري سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيون جو هڪڙو ايراني ۽ ٻيو رومي آهي! خليل جبران جا جوت ڀريا جواهر صرف ان ڪري ضايع ڪري ڇڏيون جو هو هڪ لبناني عرب عيسائي آهي، ابوالڪلام آزاد جي قادرالڪلاميء کي صرف ان ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيون جوهوڀارتي آهي.اقبال، لال حسين،بابا غلام فريد،شيخ باهو، ۽بلي شاه جي سموري دانش تي پاڻي ڦيري ڇڏيون جو اهي پنجابي آهن.هي جو چيو ويندو آهي ته“ فن ۽ فنڪار جون ڪي ملڪي يا علاقائي سرحدون نه ٿينديون آهن”سو اهو فن صرف ڳائڻ،وڄائڻ ۽ ادڪاري ڪرڻ ئي ته ناهي. ان سڄي بحث جو مقصد اهو ته پنهن جي ٻوليء سان پيار ڪرڻ جو مطلب ٻين ٻولين سان نفرت ۽ حقارت ڪرڻ هرگز ناهي.ها جيڪر پنهن جي مادري ٻوليء کي نظرانداز ڪري ٻين ٻولين طرف ڌيان ڏنو وڃي ته ان کي مناسب رويو نه چئبو.سنڌجيڪا پنهن جي تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان شاندار تاريخ جي وارث رهي آهي، تنهن تي  ماضيء ۾غير ملڪين جي حاڪميت جي باوجود اڄ به سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ پنهن جي مجموعي هيئت ۽ صورت برقرار رکندي پيئي اچي.پر ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته سنڌي ٻوليء کي مستقبل ۾ ڪي خطرا نه آهن.خاص طور تي دنيا ۾ جيڪو انٽرنيٽ،ميڊيا ۽ ٽيليويزن جو اوچتو طوفان آيو آهي،انهيء سنڌيء ٻوليء لاء ڪيترائي چيلينج پيدا ڪيا آهن.انهيء جو هڪ وڏو سبب اهو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي جنهن ٻوليء جو رواج وڌندو ٿو وڃي،انهيء لاڙي جي اڳيان جيڪر ڪي مضبوط بند نه ٻڌا ويا ته صورتحال گھڻي تشويشناڪ ٿي ويندي.توهان سوشل ميڊيا توڙي موبائيل جي ذريعي ٿيندڙ ميسيجنگ مان ان جو اندازو لڳائي سگھوٿا.هڪ معاملو جيڪو سمجھ کان ٻاهر آهي ته جيڪر ميسيجنگ جي عمل ۾ ٻئي ڌريون سنڌي ڳالهائيندڙ آهن ته پوء اهي هڪٻئي ڏانهن ميسيج سنڌيء ۾ لکڻ بجاء اردوء ۾ڇو ٿا لکن؟جيڪر انگريزيء جا ميسيج انگريزيء ۾ لکيا وڃن ته وري به ڪو منطق ٺهي ٿو پر ميسيج انگريزي اسڪرپٽ ۾ لکجي پيو پر آهي اردو! مثال؛ Aap ko shadi ki Mubarak ho.، يعني اردو رومن ۾ لکڻ! هاڻي جيڪر ڪنهن کي رومن لکڻ جو ايتروئي شوق آهي ته رومن ۾ اردوء جي بدران سنڌي ڇو نٿو لکي؟خير،اهو ته هڪ بحث طلب موضوع آهي ته رومن ۾ سنڌي لکڻ گھرجي يا نه، پرهتي اسان صرف اهو ظاهر ڪرڻ گھرون ٿا ته اسان جي مادري ٻوليء سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ٻيا ته جيڪو ڪن پيا سو ڪن پيا پرهن معاملي ۾ اهو اسين پاڻ به ڪري رهيا آهيون.اسان خبر ناهي ٻين جي تهذيب کان ايترو دٻيل ڇو آهيون جو “امان” جهڙي محبتن سان ٽمٽار لفظ کي به “ مما” ، “ مڌر” يا “ موم” جي لفظن سان مٽائڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺل آهيون.“ چاچا” مان “چچويا انڪل”، “ماما” مان “ خالو” ، “اديء ” مان “ديدي”،“ادا” مان “ڀائي جان.” ۽ ڀاڄائيء مان “ ڀاڀي” ،مطلب ته ڪهڙا ڪهڙا مثال ڏجن.. ٻوليء جي ترقي ته رهي پنهن جي جاء تي اسان ته هروڀرو پنهنجي ئي ٻوليء کي هليم بنائڻ ۾ لڳي ويا آهيون. ضروري آهي ته ٻوليء کي وڏي بگاڙ کان بچايو وڃي نه ته ايندڙ وقت ۾ “ امان”جهڙا لفظ به اسان جي ڊڪشنريء مان ئي غائب ٿي ويندا!

ٻوليء جي بگاڙ جو ٻيو اهم ذريعو اليڪٽرانڪ ميڊيا آهي توڙي جو سنڌي پرنٽ ميڊيا اڃا گھڻي حد تائين ڪنهن وڏي حادثي کان بچيل آهي تڏهن به اخبارن ۽ رسالن ۾ به ٻولي جي بگاڙ جي حوالي سان ڪافي شيون روزانو نظر مان گذرنديون رهن ٿيون.هڪ اهم ڪمي اها پيدا ٿي رهي آهي جو نوجوان پوء انهن جو تعلق ڪهڙي به شعبي سان هجي انهن جي اڪثريت پراڻي سنڌي ادب جي خزاني سان پنهن جو تعلق ٽوڙي چڪي آهي ايستائين جو انهن اخبار پڙهڻ به ڇڏي ڏني آهي.ظاهر آهي ته اخبار رڳو واقعاتي ۽ حادثاتي خبرن جو پنو ته نه هوندو آهي،اخبار جو جوهر ته ايڊيٽوريل صفحو ٿئي ٿو جن ۾ نه رڳو انهن واقعن ۽ حادثن جو تنقيدي جائزو ورتو ويندو آهي پر ٻولي، تهذيب۽ثقافت جا رنگ به نروار ٿيندا آهن ۽ وڏي ڳالھ اها ته پڙهندڙن جو پنهن جي مادري ٻوليء سان رشتو به قائم رهي ٿو.جڏهن اخبارئي پڙهي نٿي ٿئي ته ڪتابن ۽ رسالن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي! جيئن موجوده ڪمرشلائيزيشن جي ڀوت سماج جي هر ڌر کي متاثر ڪيو آهي،اتي اخبارن جي دنيا به ان جي وڪڙ ۾ آيل آهي.جنهن ڪري اخبار جي معيار کان وڌيڪ اشتهارن ۽ سنسني خيز خبرن طرف لاڙو ٿيندو پيو وڃي.اهڙا ايڊيٽر به آهن جيڪي ڪنهن مضمون يا خبر جو هر لفظ اڄ به پڙهن ٿا ته جيئن ٻولي يا گرامر جي غلطين کي درست ڪري سگھجي پر افسوس سان اهڙيون اخبارون به آهن جيڪي صرف ليکڪ يا رپورٽر جو وڏو نالو هئڻ ڪري سندن مواد جيئن جو تيئن ڇپيو ڇڏين .حالانڪه ايڊيٽر يا نائب ايڊيٽر جو ڪم صرف هڪ هنڌان مليل مواد کي پنن تان کڻي اخبار تي ٽپائڻ نه هوندو آهي پر ان مواد جي تدوين ،ترڪيب۽ ترتيب ڪرڻ هوندو آهي.جهڙيء طرح ڪو موسيقار ڪنهن راڳيء جي وات مان نڪرندڙ هر لفظ کي موسيقيء جي پيماني تي تڪيندو ۽ توريندو آهي

مذڪر کي مونث ۽ مونث کي مذڪر ڪرڻ به سنڌي ٻوليء ۾ عام ٿيندو ٿو وڃي جنهن جو ڪو خاص خيال نٿو رکيو وڃي.مثال؛ “ اخبار” لفظ اردو ۾ نر جڌهن ته سنڌيء ۾ مادي آهي پر ڪيترائي پڙهيل لکيل دوست چوندا آهن ته “ اڄوڪو اخبار” ۽ ڪافي اردوء وارا به غلطيء وچان چوندا آهن ته “ آج ڪي اخبار”. اهڙيء طرح “ آواز” سنڌيء ۾ مذڪر پر اردو ۾ مونث آهي.“ دل ” اردو ۾ نر پر سنڌيء ۾ مادي آهي.لفظ “ شان” سنڌيء ۾ مذڪر پر اردوء ۾ مونث آهي.لفظ “ روح” سنڌيء ۾ نر پر اردوء ۾ مادي آهي.لفظ “ عرض” سنڌيء۾ مذڪر پر اردوء ۾ مونث آهي. “ بازار” اردوء ۾ مذڪر پر سنڌيء ۾ مونث آهي.اهڙا ٻيا کوڙ لفظ آهن، مقصد اهو ته ان قسم جا ٻيا لفظ به پرکي انهن جو صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي.

گفتگو۾ ته ٺهيو پر اخبارن جي ڪالمن جا موضوع به انهن غلطين کان بچيل ناهن.مثال؛ “ نفرتن جو بازار” ، “حق جي آواز”، “ دردن ڀريو دل” ، “ مزدور جي شان” ،“ معصوم جي روح” وغيره وغيره

هم شڪل ۽ هم مطلب لفظن، تشبيهن ۽ استعارن،محاورن،اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين جي استعمال  ۾ به غلطيون ڪيون وڃن ٿيون.هم شڪل لفظ اهي آهن جيڪي ڏسڻ ۾ هڪ جهڙا آهن پر انهن جون معنائون الڳ ٿين ٿيون.مثال؛ اثر،اسر ۽ عصر، اثر نتيجي، اسر رات جي آخري حصي جڏهن ته عصر وچين جي وقت يا زماني لاء ڪم اچي ٿو.اهڙيء طرح سمر۽ثمر، آسي ۽ عاصي، زد ۽ ضد، بسر ۽ بصر،قمر ۽ ڪمر، نظر ۽ نذر،  سحر ۽ صحر،شڪي ۽ شقي، ساگر ۽ ساغر، آتشي ۽ آشتي، بغل ۽ بگل،نڪتو ۽ نقطو، زندان ۽ زنده،مرحوم ۽ محروم،قصر ۽ ڪسر، حجر۽ هجر،

سُڌ ۽ سَڌ، سُرهو ۽ سَرهو،ڪثرت ۽ ڪسرت، باد ۽ بعد، روزو ۽ روضو، ساحل ۽ سائل ،سرير ۽ شرير،لرزش ۽ لغزش ، تڪثير ۽ تقصير،غضب ۽ غصب، ڪسر،ڪثر ۽ قصر وغيره جهڙا لفظ جن مان گھڻا لفظ فارسي،اردو ۽ عربيء جا به آهن پر سنڌيء ۾ استعمال ٿين ٿا.

گھڻ معني لفظ جيڪي هڪ کان وڌيڪ معنائون ڏين ٿا.مثال؛ لفظ “ چاڪ” زخم، تندرست ،ٽانڪي توڙي ڪنهن لباس جي بکيي جي لاء به استعمال ٿئي ٿو. شعر جي هيء سٽ ڏسو؛

“ جڏهن کان “چاڪ” ڪئي دل تو،تڏهن کان “چاڪ” ٿي ناهي.”

لفظ “ دم” ساه ،وقت جي گھڙي ۽ سهڪي جي بيماريء لاء به استعمال ٿئي ٿو وري جڏهن چانور تيار ٿيڻ جي ويجھو هوندا آهن ته انهن جي هيٺان باه جھڪي ڪري ڇڏبي آهي ۽ چئبو آهي ته چانور هاڻي “ دم ” تي آهن.هم معني لفظ اهي آهن جن جو مطلب ساڳيو هوندو آهي مثال؛ “اميد ”جي لاء ٻيا ساڳي معنٰي وارا لفظ آهن، آس،آشا، امڪان وغيره ۽ “خواهش” جي لاء تمنا،ارمان،گھرج، تقاضا،حسرت، چاهت وغيره ساڳي معنٰي وارا لفظ آهن. اهڙيء طرح اصطلاح به ٻوليء جي سونهن ۾ اضافو ڪن ٿا.اصطلاح اهڙا مرڪب لفظ ٿين ٿا جن جي ٻوليء جي لحاظ کان ظاهري معنٰي هڪڙي پر اصل معنٰي ٻي ٿئي ٿي.مثال “ اک لڳڻ” جو مطلب محبت ٿي وڃڻ به آهي ته ننڊ ڪرڻ به.ساڳي شاعر جي غزل جي هڪ سٽ ڏسو؛

“ جڏهن کان“ اک لڳي” توسان تڏهن کان“ اک لڳي” ناهي.”

رڳو “اک” جي لفظ تي مشتمل اصطلاحن جوجائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو  ته اهولفظ ڪهڙيء طرح مختلف معنائن جا ويس پائي ٿو. مثال؛ اکيون اٽڪڻ،اکيون پورڻ،اکيون پٽڻ،اکيون ڏيکارڻ،اکيون پسائڻ،اکيون ملائڻ،اکيون جھڪائڻ،اکيون ڦاٽڻ،اکيون وڇائڻ،اکيون چورائڻ ۽.اکيون ڦيرڻ وغيره

تشبيهون ۽ استعارا به ٻوليء کي خوبصورت لباس پارائيندا آهن. “ تشبيھ” جي معنٰي آهي ڀيٽ ڪرڻ. “استعارو” به هڪ قسم جي ڀيٽ ئي هوندي آهي پر ٻنهي ۾ فرق اهو جو تشبيھ اهڙي ڀيٽ آهي جيڪا امڪانات مان هجي ۽ گھڻو ڪري جنس جي جنس سان ڀيٽ ڪبي آهي،مثال هڪڙي ماڻهوجي ڪنهن خوبي يا خاميء جي ٻئي ماڻهوء جي خوبي يا خاميء سان ڀيٽ ڪرڻ.مثال؛ “ سخي اهڙو جهڙو حاتم طائي!” يا “ هو ظلم ۾ هلاڪو خان بڻجي ويو!”

جڏهن ته استعاري جي لفظي معنٰي آهي ڪا شيء اڌاري ورتل.يعني اها وصف ان جنس ۾ موجود ئي ناهي پر ٻي جنس مان اڌاري وٺي ڀيٽ ڪئي ويئي. مثال؛ “ڪنوار جو چهرو چوڏهينء جو چنڊ هو!”

اهڙيء طرح ڪيترا اصطلاح به استعاري ٿين ٿا.مثال؛ علم جي روشني،جهالت جي اونده،لڙڪن جو سمنڊ،ظلم جو گھاڻو،سماج جو آئينو،عروج جو آسمان، ذلت جي کڏ،دل جي زبان،نظرن جا تير،زبان جو خنجر،دردن جي زنجير،اميدن جو محل،پکين جي پارليامينٽ وغيره وغيره.اهڙيء طرح چوڻيون ۽ پهاڪا آهن جن ۾ وسيع ۽ جامع مفهوم سمايل هوندو آهي.انهن اصطلاحن جي استعمال ۾ به گھڻي احتياط ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي. مثال؛ ڪو ايئن نٿو چئي سگھي ته “ اميدن جي اونده” بلڪه “اميد” لفظ هڪ مثبت تصور رکي ٿو جڏهن ته “اونده” هڪ منفي تصور آهي ان ڪري انهن ٻنهي تصورن کي ڪنهن اصطلاح ۾ عام طور تي گڏي نٿو سگھجي.اهي رڳو چند مثال هئا ته اسان ٻوليء جي صحيح استعمال جي معاملي ۾ ڏينهون ڏينهن غيرذميداريء جو شڪار ٿيندا ٿا وڃون جنهن طرف گھڻي ڌيان جي ضرورت آهي.انهيء جي لاء پنهن جي مادري توڙي ٻين آس پاس جي ٻولين جو مطالعو ۽ مشاهدو تمام ضروري آهي.

*****

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *