تازيون خبرون

مائي مِٺي اداس آهي: ماهم سنڌي

ڳالھ ٿا ڪن ته مائي مٺي نالي هڪ عورت دنيا جي ستين نمبر وڏي ريگستان ، سنڌ جي زميني جاگرافي مطابق اتر پاسي واقع ،  ٿرپارڪر ۾ رهندي هئي . اُها جهوني عورت انسانيت جي وڏي خدمتگذار هئي ۽ هر ايندڙ ويندڙ واٽهڙي کي مٺو پاڻي پياريندي هئي . سندس ذمي هر اڃايل جي اڃ مٺي پاڻي سان لاهڻ هئي . هو مسافرن کي توڙي اتي موجود ايندڙن ويندڙن کي مٺي نلڪي مان پاڻي پياري کين سيراب ڪندي رهندي هئي ، جنهن سبب سڀ ان کي مائي مٺي چئي مخاطب ٿيندا هئا . ڪي چون ٿا سندس نالو مٺي هو ۽ ڪي چون ٿا ته  مٺو پاڻي پيارڻ سبب کيس اهو نالو پيو ،  جنهنڪري ان جي مرڻ بعد اهو علائقو به مٺي سڏجڻ لڳو .  ان بعد اڳتي هلي مٺي علائقي مان شهر جو روپ ورتو .  جڏهن نئوڪوٽ کان وٺي ننگر پارڪر جي چوٽين تائين جٿان انڊيا شروع ٿئي ٿو ، تيستائين جڏهن ٿرپارڪر جون جاگرافيائي حدون طئي ڪري ان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ته مٺي شهر کي ان جو هيڊڪوارٽر بڻايو ويو . جٿي ضلعي سطح جون سڀ آفيسون ،  بازارون ، هاء اسڪول توڙي ڪاليج ۽ يونيورسٽي ڪئمپس پڻ قائم ڪيا ويا . اڄ جي دور جي ڪا عورت هجي ها ته ان جي ڪنهن ننڍڙي سماجي خدمتگذاري واري ڪم کي به سوشل ميڊيا ذريعي ايڏي توجه ۽ شابس ملي ها ، جو  اُها شهرت جي بلندين تي هجي ها پر هي مائي مٺي خاموشي سان ماڻهن جي اڃ اجهائيندي وڃي آرامي ٿي .

مائي مٺي جي زماني ۾ قربتن جا سانوڻ ٻارهن ئي مهيني پيا وسندا هيا . ٿر جي واري بيشڪ سانوڻ مُند لاء ڪنهن اياڻي ٻار جيان سڪندي هئي ، پر انسانن توڙي پکين جون محبتون ايڏيون چوٽ چڙهيل هيون جو تتل ريت تي به ٿڌڙي هير محسوس ٿيندي هئي . ان جي زماني ۾ هڪ ماڻهو جي فطري موت به پوري علائقي ۾ اداسي پکيڙي ڇڏيندي هئي . مهينن تائين سندس سوڳ جاري رهندو هو ، ايتري تائين جو آسپاس جي گهر وارا ماڻهو ڪڪڙ جو گوشت  کائڻ کان ۽ نوان ڪپڙا توڙي شادي مرادي ۽ ڳيچ سهرن کان به پرهيز ڪندا هئا . پر اڄ ڏسجي ته سنڌ جي وارياسي حصي جون قديم روايتون ۽ امن پسند هئڻ جي روايت ائين اوچتي گُم ٿي وئي آهي ، جئين ڪو قومپرست جماعت جو سرگرم ڪارڪن هجي جنهنجو گُم ٿيڻ بعد نه ڪو پتو پوي نه ڪا قانوني ڪاروائي ٿئي.  شهر مٺي ۾ موجود گڊي ڀٽ مان جڏهن ڪو بيهي ڀٽن تان لهندڙ چڙهندڙ پڪن رستن جو معائنو ڪندو ، ته  لڳندو ڄڻ دلين جا ڪٺور ۽ پڪا ماڻهو ان شهر ۾ پنهنجي حوس پکيڙڻ لاء پهچي چڪا آهن . اهي رستا ۽ انهن تي ٿر جي مخصوص کيکڙو ، جيڪو ٿر جي خاص پهچان آهي تنهن تي به ڪي رهزن سوار ٿي ائين امن جي پکئيڙن کي نوسي رهيا آهن جئين ڪي رولو ڪتا يا ڪا شڪاري ڳجھ هجي . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آهي ته ان  مٺي مائي جي شهر ۾ هاڻ موت ڪمند جي لٿل اگهه جيان سستو ۽ زندگيون تيل جي اگهن جيان چوٽ چڙهي ويون آهن . هتي ڪڏهن مور ، ڪڏهن ناياب  نسل جا هرڻ ڪڏهن معصوم ٻارڙا ته ڪڏهن ٻه  واپاري ڀائر سر عام گوليون هڻي ماريا وڃن ٿا . پر  انصاف ائين رُٺل آهي ، جئين ڏڪار جي مُند ۾ مينهن رُسي وڃي ٿو  . تازو ئي نئي سال جي پهرين مهيني جي پهرين هفتي 5 جنوري تي جڏهن پوليس اٽالا خاص طور تي ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ آصف زرداري جي جلسي لاء موڪليل هئا ، انهي صبح جو مٺي لڳ ٻن واپاري ڀائرن کان ڦُر ٿي ،  مزاحمت ڪرڻ تي ٻن  واپاري سڳن ڀائرن دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمار مهيشوري تي بندوقن جا منهن کولي ، جسم رتو رت ڪيا ويا . ان اوچتي ناحقي قتل بعد مٺي جا ماڻهو توڙي مقتول ڀائرن جا وارث انصاف لاء روڊن تي نڪري آيا . انهي ردعمل ۾ نوٽيس ورتا ويا ، هنگامي دورا ٿيا  ، ڪئي ئي قول ۽ واعدا ڪيا ويا پر سڀ بي نتيجا نڪتا . اڄ به قاتل سي ئي آزادي سان گهمندا ٿا وتن ، کين ڪا قانوني گرفت پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي نٿي سگهي .  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ تائين قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جا بيان جاري ٿيا .  آء جي سنڌ  اي ڊي خواجه کان وٺي پي پي پي جي چئيرمين  بلاول ڀٽو  ۽ ڪيترين ئي سياسي سماجي جماعتن پڻ بي گناھ هندو واپاري ڀائرن لاء ظاهري طور آواز اٿاريو پر قاتل جيڪي سڀن کان وڌيڪ طاقتور هئا سي لڳي ٿو زير زمين لڪي ويا . ٿرپارڪر جي سونهن بڻيل مور جٿي وبائي بيمارين سبب مري رهيا آهن اتي مورن جهڙا ملوڪ ماڻهو پڻ  سرعام قتل ٿي رهيا آهن . ٿر مٿان لٿل موت جو راڪاس ڪڏهن معصوم ٻارڙا ڳيهي وڃي ٿو ته ، ڪڏهن جوان مڙس پنهنجي شڪنجي ۾ ڪيو وڃي ٿو پر ان موت جي سر عام آزادي سان گهمندڙ طوفان کي ڪو روڪڻ وارو ۽ قيد ڪرڻ وارو ناهي . گزريل سالن کان ٿر ۾ ڏڪار جي موسم لٿل آهي . 2015ع ۾  کاڌي جي کوٽ سبب 400 کان مٿي اسپتالن ۾ ٻارن تڙپندي دم ڏنو ۽ پنهنجي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ، معصوم چهرن  تي ڊگهي ننڊ جي چادر اوڙهي سمهي رهيا تن جي به ڪا واهر نٿي . هن سال به سياري جي موسم ايندي ئي ٿر ۾ ٻارن جي موت جون خبرون اچن پيون پر ٿر واسي پوء به بي يارو مددگار لڳي رهيا آهن . اچڻ کان ته وڏا ننڍا سڀ مير پير آيا پر ڪنهن جي به مدد ڪاغذي نوٽيسن کان نڪري ٻاهر نه آئي ۽ ڪا خاطرخواهي نٿي سگهي . آڪٽوبر 2017ع کان اسلام ڪوٽ لڳ گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت تي 12 مقامي ڳوٺاڻن جي رهواسين جي احتجاج کي سوين ڏينهن ٿي ويا آهن پر کين ڪو سولو مُنهن ڏيڻ لاء تيار ناهي . اينگرو ڪمپني وارا ڳالهائڻ ۽ انهن جا جائز خدشا ٻڌڻ لاء تيار ناهن . ٿر جي ڪوئلي تي به مقامي ماڻهن جو حق نالي ماتر آهي .
ٿر جي ريت ته انسانن کي عزت ۽ پيار بخشڻ جي هئي . ٿر جي ڀٽن تي رهندڙ مارئي جڏهن عمر بادشاه قلعي ۾ اچي قيد ڪئي هئي ته ، سندس ماروئڙن سان بي انتها محبت ۽ پنهنجي ديس سان لڳاءُ ڏسي ، بادشاھ ڪنڌ جهڪائي مارئي کي چادر اوڍي مانائتو ڪري واپس ڇڏي اچڻ تي مجبور ٿي پيو هو .  18هين صدي جي وچ ڌاري جڏهن انهي ٿر جي علائقي ننگرپارڪر تي انگريز جنرلن قبضي جي نيت ڪئي ته ، اتي  ڌرتي جي سچي سپوت روپلي ڪولهي آزادي خاطر وڙهندي سوريءَ کي ڳلي ۾ وجهڻ کي ئي سينگار سمجھيو .   جنهنجي بهادر وني آخري ملاقات ۾ چيو هو ته “روپا تون جان کان وڌيڪ مٽي ماء کي عزت ڏجانء ، منھنجو سھاڳ ڌرتي مٿان قربان ٿيو ته مان بافخر بيواھ ٿي پوندس“. ٿر جي ڪوئل طور مشهور راڳي مائي ڀاڳي جڏهن هڪ هٿ ڪَن تي ڏئي وڏي سُر منجهان چوندي هئي “ لوڙهه منجهان لڙهندي اچي تارن مان ترندي اچي دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري “ ته سندس سُر ٿرپارڪر جي هر واهڻ وسندي ۾ گونجي سڪون ڏيندو هيا  . مٺي جو سريلو راڳي صادق فقير جڏهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي ئي مخصوص  انداز ۾ ڳائيندو هيو ته  “ٻاٻيهو ٿو ٻولي “ ته سچ پچ لڳندو هيو ٿر ۾ ٻاٻيها ڄڻ اچي لٿا آهن .  شاندار مذهبي رواداري ، ماڻهپي ۽ امن پرستي جي روايت ۽ حب الوطنيء جو   تاريخي پس منظر رکندڙ  ٿر ۾ موت جو باز انسانن جون جانيون جئين جهٽي رهيو آهي سو واقعي مَت منجهائيندڙ آهي . جنهنڪري مائي مٺي انتهائي اداس ۽ حيران پڻ آهي . سندس ديس جي ماروئڙن لاء ڪير ڪڇڻ وارو ناهي . مائي مٺي ٻيو ڪجھ نه صرف اهو انصاف طلبي ٿي ، اھو  انصاف جيڪو ان جي پاڻي کي ايڏو ته مٺو ڪندو هيو جنهن جي هڪ سڪ سُرڪ به سنڌو جي پوتر پاڻي جيان پاڪ ۽ ماکيءَ جهڙي مٺاس سان ڀريل هوندي هئي  .

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *