تازيون خبرون

لکي ڏنو سون ڪراچي پنهنجي قول فعل سان: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

پاڪستان ٻه ٽڪر ٿيو، هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ بڻجي ويا ۽ پوءِ ماڻهن جا وات کليا ته هاڻي ٻن مان ٻارنهن ٿيندا ۽ ڪڻي مان ڪيچ ٿيندا. ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جي واڳ ملي ۽ هن سنڌ ۽ بلوچستان جي حالتن کي ڏسندي چيو ته نه گريٽر بلوچستان قائم ٿيندو ۽ نه وري سنڌوديش ٺهندو. هو پاڻ ته نه رهيو پر ماڻهن جون سوچون ۽ لوچون باقي رهيون.

شهيد ڀٽي جيڪي چڱا ڪم ڪيا، انهن مان هڪ هيءُ به هئو ته جهڙوڪ ديڳ چاڙهي سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون به ڏنائين ۽ پلاٽ به ڏنائين. سندس ذهن ۾ اهو هئو ته ڪراچيءَ ۾ لساني توازن قائم ڪجي. هن کان اڳ ايوب به ائين ڪيو هئو. سندس ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ بي لغام هل هنگامن جو ٽوڙ  هن ٻن طريقن سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پهريون ته پٺاڻن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ ماحول پيدا ڪري ڏنائين ۽ ٻيو ته ملڪ جي گادي مٽائڻ جو فيصلو ڪيائين ته جيئن حڪمراني ڪندڙن کي عادي وڳوڙين جي مصيبت کان بچائي سگهجي. ايوب جو پٺاڻن پيغام سمجهي ورتو. ان ڪري پٺاڻن چوڪيداريءَ، بوٽ پالش ڪرڻ، ۽ ننڍڙن هوٽلن هلائڻ  وارن ڪمن تي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي. هڪ ننڍڙي جاءِ ۾ ٽن شفٽن جي صورت ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اڄ ڪراچيءَ ۾ اهي پاڻ کي قوت طور مڃائي چڪا آهن.

ان جي برعڪس ڀٽي جي ڳالهه اسان  ماڻهن کي ٻئي طريقي سان سمجهه ۾ آئي. جن کي پلاٽ مليا، تن مان ڪيترن پلاٽ وڪرو ڪري، ڏوڪڙ کيسي ۾ رکي واپس وڃي پنهنجا وٿاڻ سنڀاليا، جن کي نوڪريون مليون، تن مان ڪيترن غنيمت ڄاڻي ڪراچيءَ کي ٻک وجهي رهڻ جو فيصلو ڪيو، انهن مان جن جي هلندي پڄندي هئي، سي بدليون ڪرائي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽي ويا. پلاٽ وڪرو ڪندڙ ۽ بدلي ڪرائيندڙن کي امڙ ماتا ته ياد آئي، پر ڌرتي ماتا وساري ويٺا. نتيجي ۾ ڪراچي ٻين حوالي ڪري روئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪيائون ته ڪراچي سنڌين جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي.

ڪراچي هاڻي به سنڌين کان خالي ڪانهي، پر سنڌين جي ”مفاداتي لڏپلاڻ“ ڪراچيءَ ۾ باقي رهيل سنڌين کي سمجهوتي واري زندگي گذارڻ تي آماده ڪيو. هنن لاءِ ان کانسواءِ ڪو چارو ئي ڪو نه رهيو ته اهي اڌ ڪاٺ جا ۽ اڌ لوهه جا ٿي رهن. قومي اتحاد ۽ اتفاق جي نالي ۾ پنهنجي گهرن مان پنهنجي مادري زبان کي نيڪالي ڏين. ڪن همراهن قومي يڪجهتيءَ جي عظيم تر مفاد ۾ شاديون مراديون به هتي غيرن ۽ غير زبانن وارن مان ڪيون. پوءِ ”دولها ڀائي“ جي لقب ماڻڻ لاءِ پنهنجي مستقبل ۽ ثقافت جي نسوري ڀينگ ڪري ڇڏي. عبدالواحد انڍهڙ اڳ ۾ ائين شادي ڪئي ۽ هن کي ”جيلاني“ اولاد پيدا ٿيو. سندس اولاد انڍهڙ سڏائڻ بدران جيلاني سڏرايو ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ عيب  سمجهيو. مرحوم عبدالڪريم سعدي سنڌ جو مايه ناز صحافي هئو. هن ”دولها ڀائي“ جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. وڏي ۽ شاندار گهر ۾ کيس نوڪرن وارو ڪمرو مليل هئو. پاڻ گهر کان ٻاهر سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو هو ۽ گهر ۾ سندس جهوليءَ ۾ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جو گاهه گند اڇليو ويندو هو.

اهڙيءَ  ريت گهڻو اڳ ڪراچيءَ ۾ اسان سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ وڏا وڏا ميڙ ڪندا هئاسين، جلسا ڪندا هئاسين ۽ اجلاس گهرائيندا هئاسين. انهن ميڙن ۾ جيڪو گهڻيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪندو هو، ان جي گهر جي چوکٽ کان اندر سنڌي ٻولي جو نالو نشان به ٻڌڻ ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو هو.

ڀٽي کان وٺي بينظير ۽ انهن ٻنهي شهيدن کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين سنڌ ۾  اڪثر حڪومتون سنڌين جون ئي رهيون آهن. هاڻي حڪمرانن ۾ ڀٽي جهڙي سوچ نه رهي آهي. هنن وٽ منظم نموني سان ڪراچيءَ ۾ لساني توازن قائم ڪرڻ ۽ سنڌين جي ڪراچيءَ تي حق قائم ڪرڻ جي ڪا منظم ۽ واضح  حڪمت عملي ڪانهي. پر جت پنهونءَ جا ڀائر مصداق ماڻهن جي به پنهنجي عظيم شهر ۽ باقي شهرن سان لاتعلقي واري ساڳي تحريڪ جاري آهي. حڪومت خواهه اسان انهن روايتن کي اڃا به قائم ۽ دائم رکندا پيا اچون. اسان جون دانهون ۽ ڪوڪون به ساڳيون آهن، عمل ۽ افعال به ساڳيا آهن. ان ڪري صورتحال به ساڳي آهي.

تازو ٿيل مڪاني چونڊن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي وقتي مالڪيءَ لاءِ جيڪو فيصلو اڳيان آيو آهي، اهو باشعور ۽ سنڌ دوستن ماڻهن جي لونءَ ڪانڊارڻ جي لاءِ ڪافي آهي. ائين به ٿيندو آهي ته سياست جي شطرنج جي مُهرن کي استعمال ڪرڻ لاءِ چونڊن ۾ اهڙي چال هلائي ويندي آهي ته جيئن مستقبل قريب ۾ ان جا سياسي مقصد حاصل ڪري سگهجن. هڪ طرف الطاف ۽ سندن ساٿين تي ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس جي وفاق پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ انهيءَ جماعت جي مڪاني چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا ٿي سگهن ٿا ۽ اهو سڪو مستقبل قريب ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڳالهه ڪيئن به هجي پر ويچارڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌ واسي ڪٿي بيٺا آهيون ۽ ڪهڙيءَ ريت پنهنجي شهرن جي وارثيءَ ۽ مالڪيءَ تان هٿ پيا کڻون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *