تازيون خبرون

لوڊشيڊنگ!؛واحد پارس هيسباڻي

بجلي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي حوالي سان موجوده سرڪار طرفان جيتريون دعوائون ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن ان جي چوٿين حصي جيتري به سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي ها ۽ هن مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي وڃي ها ته شايد صورتحال اِن حد تائين نه پهچي ها، جنهن حد تائين اڄ نظر اچي رهي آهي. هونئن ته لوڊشيڊنگ جي حوالي سان حڪومت جي دعوائن جي تاريخ ڊگهي آهي، پاڻ گهڻو پوئتي نٿا وڃون، رڳو رمضان المبارڪ کان اڳ ۾ حڪومت طرفان جيڪا دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هِن ڀلاري مهيني ۾ انتهائي گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي، خاص ڪري سحري ۽ افطاري دوران ته قطعي به بجلي بند نه ڪئي ويندي، پر هينئر جيڪي پاڻ منظر ڏسي رهيا آهيون، انهن مان حڪومتي دعوائن جي پت پري کان وائکي ٿيل نظر اچي رهي آهي. سڄي ملڪ ۾ احتجاجن جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو جيئن پوءِ تيئن شديد ٿي رهيو آهي. رمضان المبارڪ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ واري دعويٰ ته پنهنجي جڳهه تي، پر قوم سان سحري ۽ افطاري دوران جيڪو بجلي بند نه ڪرڻ وارو واعدو ڪيو ويو هو اُهو به پورو نه ڪيو ويو آهي، هاڻي ته صورتحال اِن حد تي پهچي وئي آهي جو 10 منٽ بجلي هلي رهي آهي ته اڌ ڪلاڪ بند ٿي رهي آهي. ڏينهن ۽ رات جي فرق کانسواءِ اِهو سلسلو جاري آهي. نتيجي ۾ روزيدارن کي هڪڙي پاسي الڳ تڪليف ٿي رهي آهي ته ڪاروبار الڳ تباهه ٿي رهيو آهي، هِن صورتحال ۾ اليڪٽرانڪس جي شين جو ڪاٻاڙو نڪري ويو آهي. عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ حڪومت کي ڪنهن به قسم جي ڪابه پرواهه نه آهي. بجلي وارو وفاقي وزير نئين سج عوام کي نوان آسرا ڏئي رهيو آهي ۽ نوان خواب ڏيکاري رهيو آهي، پر بجلي جي لوڊشيڊنگ جو هي سلسلو گهٽجڻ بجاءِ مسلسل وڌي رهيو آهي. اسان کي اِها خبر نه ٿي پئي ته نيٺ هِن اهم مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ اُهي قدم ڇو نه پيا کنيا وڃن، جيڪي لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ۽ عوام کي رليف ملي سگهي.

بجلي جو بحران اهڙو مسئلو آهي، جيڪو ڊگهي عرصي کان عوام جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي ۽ هِن سلسلي ۾ صرف آسرا ئي ملندا رهيا آهن، جيڪڏهن حڪومت سنجيده ڪوششون وٺي ها ته هي اهڙو مسئلو هرگز به ناهي جو حل نه ٿي سگهي ها. هينئر تائين حڪومتي سطح تي جيڪو ڪردار نظر آيو آهي، اُهو بس جان ڇڏائڻ وارو رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي دوست ملڪن ان سلسلي ۾ سهڪار ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي آهي ۽ انتهائي گهٽ خرچ ۾ بجلي مهيا ڪرڻ جو چيو آهي، پر خبر ناهي ڇو ان آڇ کي اُها اهميت نه ڏني وئي آهي، جيڪا ڏيڻ گهرجي. تازو چيني صدر پاڪستاني دوري دوران جتي ٻيا ڪيترائي اهم معاهدا ڪري ويو، اُتي بجلي جي حوالي سان پڻ معاهدو ڪري ويو، اُن معاهدي جي بنياد تي حڪومتي سطح تان وڏا شادمانا ٻڌڻ ۾ آيا ته هاڻي لوڊشيڊنگ جو تصور به ختم ٿي ويندو، پنهنجون ملڪي ضرورتون ته پوريون ٿي وينديون پر اسين اوڙي پاڙي کي به بجلي ڏيڻ جهڙا ٿي وينداسين، پر ان معاملي کي به ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نظر نه پئي اچي. پاڻ وٽ توانائي بحران جو جيڪو عالم آهي، اُن ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هنگامي بنيادن تي اِن ڪيل معاهدي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي ها ۽ چين کان هِن سلسلي ۾ تڪڙو سهڪار حاصل ڪيو وڃي ها، پر جهڙي نموني ڍڳو پير پيران وارو منظر نظر اچي رهيو آهي، ان کي ڏسي نٿو لڳي ته هِن معاهدي تي ڪو تڪڙو عمل ٿيندو ۽ عوام کي ڪو تڪڙو رليف ملندو. پوري دنيا ۾ ائين ۾ ٿيندو آهي ته آبادي وڌڻ سان گڏ شين جي کپت کي سامهون رکندي اُن حساب سان پلاننگ ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ اهڙي قسم جو ڪو رواج قائم نه آهي. هتي اٺ تڏهن رڙندا آهن، جڏهن ٻورا سببا آهن، مسئلو ڀلي ڪيڏو به سنجيده قسم جو ڇو نه هجي، پر رويا سدائين غير سنجيده ئي نظر ايندا آهن ۽ اِن غير سنجيدگي ئي معاملن کي هِن حد تائين پهچايو آهي جو عوام لاءِ وڏو عذاب بڻجي ويو آهي. ان کان وڌيڪ افسوس واري ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو عوام کي نيون سهولتون ۽ سُک ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر اُهي شيون جيڪي بنيادي ضرورتن جي زمري ۾ اچن ٿيون، اُنهن کان به کيس محروم بڻايو ويو آهي. هڪڙي پاسي پاڻ وارو حڪمران طبقو دعوائون ته وڏيون ٿو ڪري ته اسين جديد ٽيڪنالاجي واري هِن دور ۾ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي رهيا آهيون ۽ ڪنهن به حوالي سان گهٽ نه آهيون، پر ٻئي طرف حالت اِها آهي جو عوام کي پوري بجلي به دستياب ناهي. اِهو حڪومت به چوي ٿي ۽ عوام به سمجهي ٿو ته بجلي جي هِن بحران جو سبب کپت جي ڀيٽ ۾ بجلي جي اُپت گهٽ آهي، جنهن ڪري هي مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي، يقينن جتي کپت جي ڀيٽ ۾ اپت گهٽ هوندي آهي، اُتي اُپت ۾ اضافي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون آهن، پر اسان وٽ بجاءِ بجلي جي نئين اپت واري پاسي ڌيان ڏيڻ جي، عوام کي بجلي بچائڻ جون صلاحون ڏنيون وينديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن 24 ڪلاڪن مان بجلي 5 ڪلاڪ به دستياب نه هجي ته اُن مان عوام ڪهڙي بچت ڪندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ اُن کي بچت جي صلاح ڏيڻ ساڻس مذاق ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي. هِن وقت گرمي جي جيڪا حالت آهي، اُها اسين سڀ ڏسي رهيا آهيون، 46 کان 48 ۽ 50 سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي پئي وڃي. گهر کورن جيان ٻري رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ روزيدار ڪيئن گذاريندا هوندا، اِهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. رمضان المبارڪ ۾ لوڊشيڊنگ گهٽجڻ ته پري جي ڳالهه پر ويتر به وڌي وئي آهي ۽ هاڻي بجلي بند ٿيڻ جو ڪوبه ٽائيم شيڊول نه رهيو آهي، هر 10 منٽن کانپوءِ بجلي بند ٿي رهي آهي، هِن صورتحال ۾ ماڻهو ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اُهي نه سولائي سان پنهنجو ڪو ڪم ڪار ڪري سگهن ٿا ۽ نه آرام ڪري سگهن ٿا. هنن حالتن کين سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

حڪومتي سطح تي دعوائن کان اڳتي ڪوبه سلسلو نظر نه پيو اچي. ماڻهن جي احتجاجن جو اُن کي ڪوبه احساس نه آهي. شهرن ۾ اِها حالت آهي، ٻهراڙين ۾ وري اڃا بدتر حالت آهي، اُتي سڄو سڄو ڏينهن بجلي بند رهي ٿي ۽ ماڻهن جي دانهن جو ڪوبه داد فرياد نه ٿو ٿئي. اصولي طور تي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته حڪومت پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي هنگامي بنيادن تي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي ها، پر هِتي بجاءِ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ جي ائين محسوس ڪرايو وڃي ٿو ته هُن جو ڪوبه ڏوهه ناهي، سڄو ڏوهه عوام جو آهي، جيڪو بجليءَ جو گهڻو استعمال ڪري ٿو. بهتر ائين ئي ٿيندو ته هنن روين کي تبديل ڪيو وڃي ۽ هِن اهم مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ته جيئن هِن جي حل جو ڪو رستو نڪري اچي ۽ عوام جي هِن عذاب مان جان آجي ٿي سگهي.پر اسان وٽ بجاءِ بجلي جي نئين اپت واري پاسي ڌيان ڏيڻ جي، عوام کي بجلي بچائڻ جون صلاحون ڏنيون وينديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن 24 ڪلاڪن مان بجلي 5 ڪلاڪ به دستياب نه هجي ته اُن مان عوام ڪهڙي بچت ڪندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ اُن کي بچت جي صلاح ڏيڻ ساڻس مذاق ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي. هِن وقت گرمي جي جيڪا حالت آهي،

اُها اسين سڀ ڏسي رهيا آهيون،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *