تازيون خبرون

لسانياتي پاليسي ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺل آهي؟: شوڪت لوهار

ٻولي قومن جو اوڇڻ ٿئي ٿي. ٻولي آهي ته هي سڀ لقاءُ موجود آهن، ٻولي ناهي ته ڪجهه به نه آهي. اوهان جو نالو اوهان جي شناخت، اوهان جي جيون جي سڄي ڪٿا جو ڪارڻ ئي ٻولي آهي. جيڪڏهن ٻولي نه هجي ها ته هي  اسان جي چوڌاري جيڪو ڪجهه آهي، اهو صرف مادو ئي هجي ها. ٻولين جي بچاءَ ۽ ٻولين جي مرتبي جا ڪئين ڪارڻ آهن. ائين ڪونهي ته ڪنهن هڪڙي مفروضي  تحت هن پرولي کي سلي سگهجي.

جهرڻن جو گڙگاٽ ڪندڙ پاڻي، هوائن جو سر سر ڪندڙ آواز يا پکين جون لاتيون سڀ ٻولي ئي آهن. ٻولي جي ڪا هڪ وصف ڪونهي، جنهن تحت ان کي هڪ جاءِ تي محدود ڪري سگهجي، بلڪه ان جون ڪئين وصفون آهن. بهرحال ڪنهن معصوم ٻار ۾ ڪنهن به شيءِ جو تصور ٺهڻ نه صرف انهيءَ مادي شيءِ بلڪه ٻولي جو ٺهڻ پڻ ڪارڻ آهي. دنيا ۾ ڇهه کان ست هزار جي لڳ ڀڳ ٻوليون موجود آهن، جن مان سڀ کان گهڻي ڳالهائجندڙ ٻولي چيني آهي. اهو انهيءَ ڪري ناهي  ته ڪو چيني ٻولي  دنيا ۾ عام ۽ رابطي جو ڪارڻ آهي پر ڇاڪاڻ ته چيني قوم تعداد ۾ دنيا ۾ سڀ کان گهڻي آهي، ان ڪري انگن اکرن ۾ ٻولي جي معاملي ۾ ان جو نمبر پهريون اچي ٿو.

دنيا ۾ ٻولين جي ڦهلاءُ  جو سبب صرف ۽ صرف طاقت جي ڪارڻ ٿيو آهي. انهيءَ کانسواءِ به گهڻا ئي سبب آهي پر حقيقت ۾ جيڪي اهم ڪارڻ آهن، انهن ۾ سڀ کان اهم ٻين ملڪن کي طاقت جي زور تي جهڪائڻ ۽ پنهنجو ڪلچر مڙهڻ سان ئي اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي.

دنيا ۾ ٽن ٻولين کي قاتل ٻوليون سڏبو آهي، انهن ۾ فرانسيسي، هسپانوي ۽ انگريزي شامل آهن.  خاص طور تي دنيا جي سڄي آبادي انگلستان، جرمني، اٽلي ۽ فرانس جون بيٺڪتون  رهيون آهن. بيٺڪيت يا ڪالوني ان کي چئبو آهي جيئن ڪنهن به آزاد  ۽ خودمختيار ملڪ مٿان قبضو ڪري ان جي وسيلن کي هٿ ڪري ان مٿان گهڻ پاساوان الزام هڻي ان تي پنهنجي ثقافت مڙهي وڃي. جيئن انگريزن ڏکڻ آفريڪا سميت اتر آمريڪا، ڪيريين رياستن سميت ننڍي کنڊ تي قبضو ڪيو. ابتدائي دور ۾ انهن جي ٻولي پاليسي اِها هئي ته انگلستان مان جيڪو به گورو آفيسر ايندو هو، ان کي هتان جي مقامي ٻولي سکڻي لازمي قرار ڏنل هو پر پوءِ جڏهن هو آهستي آهستي پنهنجي قبضي هيٺ آيل بيٺڪيت کي سمجهي ويا، تڏهن پنهنجي ٻولي مڙهڻ شروع ڪيائون ۽ انهيءَ ذريعي تمام گهڻو اڻ ميو ناڻو ڪمايائون ۽ انهيءَ کان علاوه شاهوڪار ڪٽنبن جي ٻارن لاءِ انگريزي پڙهڻ جا اسڪول کوليائون. انهيءَ سان جيڪو نئون نسل جڙيو، انهيءَ جي سوچ جو جهڪاءُ انگريزن طرف هو، توڙي جو نسلي طرح اهي مقامي ماڻهو هئا.

ايڏي وڏي سازش ڪو رات پيٽ ۾ ممڪن ڪونه ٿي سگهي. انهيءَ خاص ڪم لاءِ ننڍي کنڊ  لاءِ لارڊ ميڪالي کي انگلستان مان تعليمي ماهر طور گهرايو ويو، جنهن جو جهڪاءُ اينگليڪن وڌيڪ هو بنسبت انهن انگريز آفيسرن جي، جيڪي مقامي ثقافت کي پڻ سٺو سمجهندا هئا. لارڊ ميڪالي جي پيش ڪيل تعليمي پاليسي يا ان طرفان پيش ڪيل منٽس ۾ اهو بيان ڪيو ويو ته ”جيئن ته هندستان هڪ گهڻ ٻوليائي علائقو آهي ۽ اتان جا ماڻهو گهڻا جذباتي آهن، تنهن ڪري مان توڙي جو سنسڪرت ۽ عربي ٻوليون پنهنجي مطالعي هيٺ آنديون آهن، جيڪي پنهنجي ڳر ۾ ادب سان ٽمٽار آهن، پر انهن کي ڪنهن به طرف سان عالمي سطح يا لک پڙهه لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ٻيو ته هتان جي ماڻهن جهيڙاڪ ۽ هر وقت آزادي لاءِ وڙهندڙ ماڻهن جي فطرت تي قابو پائڻ لاءِ انهن جي ذهنن ۾ لهڻ ضروري آهي. اهو ان ڪري جو پنهنجي رنگ ۽ رت ۾ ماڻهو ڀل هندستاني ڇو نه هجي پر عادت ۽ خيال ۾ هو انگلستاني هجي، ان ڪري مان انگريزن  خلاف نفرت کي ختم  ڪري سگهجي ٿو.“

ميڪالي جي تعليمي پاليسي جو اهڙو اثر  ٿيو جو  ڏسندي ڏسندي هندوستاني وايولينٽ Violent قوم انگريزي طرف جهڪاءُ جي ڪري پنهنجي  سوچ ۽ عادت ۾ انگريزي ٿي ويئي. انهيءَ  سڀ ڪجهه دوران آزادي  جي هيروئن خاص طور جهانسي جي راڻي، ڀڳت سنگهه  ۽ منگل پانڊي جون آزادي لاءِ ڪيل بغاوتون تمام گهڻيون سحر انگيز آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي ٻولي کي تمام  گهڻي اهميت حاصل هئي پر اسان جي بدقسمتي چئجي يا ٻيو ڪجهه؟ جو هڙ هندو اديب هندستان لڏي وڃڻ سبب ۽ اتان پناهگيرن جا لشڪر سنڌ پهچڻ سان سنڌي ٻولي جيڪا اڳ ۾ ئي گهڻن خطرن هيٺ هئي، ان کي آبادي جي تبديلي سبب تمام گهڻو ڌڪ رسيو ۽ خاص طور تي شهري علائقن ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباد ٿيڻ ڪري سنڌي ٻولي آهستي آهستي غائب ٿيڻ لڳي.

ٻولي جو بچاءُ خاص طور تي  رياستي ٻوليائي پاليسي سبب هوندو آهي. انهيءَ کان علاوه ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي ادارا قائم ڪيل هوندا آهن، انهن طرفان خاص قسم جا پروگرام ۽ پراجيڪٽ شروع ڪري ٻولي کي وڌائي سگهجي ٿو.

جيستائين علائقائي ٻولين جو قومي ٻولي جي درجي ملڻ جو تعلق آهي، ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏجي ٿو ته ان جي واڌ ويجهه  لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ٻيو ته جيستائين ڪا به ٻولي مارڪيٽ ۽ معيشت جي ٻولي نٿي ٿئي، اها ٻولي وڌي ويجهي نٿي سگهي.

صرف شاعري جا ڪتاب ڇپي ۽ ٻه چار نثر  جا مضمون لکڻ سان ٻولي جو بچاءُ ڪونه ٿيندو آهي. جيستائين ٻولي کي هوڪن، نعرن، بازار ۾ ٻولي ڏيڻ ۽ ريلوي اسٽيشن، هوائي جهازن تي اعلانن  لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.

اسان سان بدقسمتي اها آهي جو  ڏاها، مها ڏاها ۽ مها اديب جهڙا پنج مڻا لقب هڪ ٻئي کي آڇي پنهنجي ذميواري کان آجا ٿي ويهي رهون ٿا. اڄڪلهه ٽيڪنيڀاس جو دور آهي ۽ اڄوڪي دور ۾ ٻولي جو زنده رهڻ يعني موبائل ۽ انٽرنيٽ ۾ ٻولي جو موجود هجڻ ضروري آهي پر انهيءَ طرف ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه ٿو وڃي. ڪاغذي لسانياتي مها ڏاها ٿيڻ صرف ۽ صرف نرگيست ۾ وٺجڻ ۽ سرڪار  طرفان ڪجهه مراعتون ملڻ کان وڌيڪ ڪجهه به نه  آهي.

سنڌي ٻولي جي بچاءَ لاءِ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جو پڙهائڻ پڻ لازمي آهي، پر انهيءَ کان به وڌيڪ جيڪا ڳالهه اهم آهي سا آهي سنڌي ميڊيا ۾ سنڌي ٻولي جو واهپو. اسان ڏٺو آهي ته روزانو سون جي تعداد ۾ سنڌي اخبارون ڇپجن ٿيون پر انهن ۾ بگاڙ ڏينهان ڏينهن وڌي رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ جيڪي ڪيبل چينل آهن، انهن تي جيڪا جُٺ سنڌي ٻوليءَ سان ٿي رهي آهي، اُها نه ئي ٻولي اختياري کي نظر  ٿي اچي ۽ نه ئي لسانياتي ماهرن جي نظر جي گهٽي مان گذري ٿي.

انهن ٽي وي چينلن تي ڪو به پروگرام ڏسو، ان ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اردو ڳالهائي وڃي ٿي پر ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به پروگرام ۾ پنج سئو ماڻهو ويٺا آهن، ان ۾ هڪ يا ٻه ماڻهو ٻي ٻولي ٿا ڳالهائين ته پروگرام جو ميزبان جهٽ ۾ پنهنجي ٻولي جي قرباني ڏيئي انهيءَ جي ٻولي ۾ لهي وڃي ٿو.

سنڌي ميڊيا جي حوالي سان اها ڳالهه پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي ته لاڙ،  سري، وچولي ۽ اتر جي لهجن جو اثر پڻ وڏو  اثرانداز ٿئي ٿو پر انهيءَ جو هرگز  اهو مطلب ڪونه آهي ته اوهين ٻولي قربان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان کي سڄو پروگرام غير سنڌي زبان ۾ ئي ڪرڻو آهي ته ان لاءِ الڳ چينل کولي ڇڏيو پر جيئن ته ٽي وي مالڪ خود انهيءَ ڳالهه ۾ سرها آهن ته ڀل ٻولي بگڙي ته بگڙي، پر کين اشتهار ملن، پوءِ جيئن هر سرمائيدار چاهي ٿو، ائين ئي سنڌي ٻولي سان ٿي رهيو آهي.

سرڪاري سطح تي پڻ جيڪڏهن ترجمي لاءِ ٽرانسليشن بيورو جوڙيا وڃن ته اهي ٻولي جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ تمام وڏي وٿ ثابت ٿي سگهن ٿا. انهيءَ کان علاوه سنڌي ٻولي اڃا تائين ڪرنسي ٻولي ڪونه ٿي آهي، جيئن انگريزي يا اردو آهي. سنڌي چينلن تي معياري ڊرامن ۽ تفريحي پروگرامن جي کوٽ دراصل انهيءَ ڳالهه  ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته جيستائين اوهان ڊرامي لکڻ واري کي سٺو اجورو  ڪونه ڏيندا، ڪردارن کي نڀائيندڙ اداڪارن ۽ ڪلاڪارن کي معاوضو ڪونه ڏيندا يا مناسب معاوضو ڪونه ڏيندا، تيستائين ”معيار“ هڪ سوال ئي رهندو. ٻولي پاليسي ۾ سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ ڦهلاءُ لاءِ سڄي قوم ۽ حڪومتي ادارن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *