تازيون خبرون

لاڙڪاڻي ضلعي جي آثار قديمه جي تاريخ ۽ موهن جو دڙو

تاريخ جي ورقن ۽ آثار قديمه جي تحقيقي رپورٽن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ لاڙڪاڻي وارو علائقو سنڌو ماٿر جي پروقار ۽ عظيم تهذيب ۽ تمدن جو هنڌ هو. علم الارضيات جي ماهر ۽ تاريخ نويس لکن ٿا ته هزارين ورهيه اڳ، تاريخ واري زماني کان به اڳ  ڪي اهڙا سڻاوا هنڌ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ٻه ٽي هئا، جتي تهذيب ۽ سڀيتا جي سلا اول اڀريا، جي پوءِ وڌي وڻ ٿيا. هڪڙو مصر ملڪ ۾، ”نيل نديءَ جي ماٿري“ ٻيو ميسوپوٽيميا ڏي ”فرات ۽ دجله ندين جي ماٿري“ ٽيون چين ولايت ۾ ”هونگ هو ۽ يانگ ٽسيڪانگ“ واري ماٿر ۽ چوٿون سنڌ ۽ پنجيب ۾ سنڌو نديءَ واري ماٿر.“ شروع شروع ۾ مٿي ذڪر ڪيل ندين جي ڪناري پاڻيءَ جي سهنج سبب گروهن جي شڪل ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن پنهنجون بستيون قائم ڪيون، جن اڳتي هلي تمدن ۽ تهذيب جي صورت اختيار ڪئي. مذڪوره تهذيبن جي اڀرڻ کان اڳ، گهڻو اڳ ڌرتيءَ جي ڦرندڙ گولي تي برفاني دور (Ice Age) جو جڏهن خاتمو ٿيو تڏهن زمين پاڻي سان ڍڪجي وئي ڪنهن زمان کان پوءِ وري زمين جو پاڻي کان آجي ٿيڻ وارو دور”Tertiary age“ جو آغاز ٿيو. عام طور تي هي تصور موجود آهي ته نيلگون آسمان جي هيٺان ڌرتيءَ تي چار ڀاڳوند قومون هيون. سنڌي (هيني لوڪ)، مصري، سميري ۽ چيني. انهن قومن کي قدرتي طور پاڻيءَ جي سهنج ڪري عاليشان ۽ پروقار تهذيبن جي حيثيت ۾ ڌرتيءَ تي اڀرڻ ۽ اسرڻ جو موقعو مليو. سنڌونديءَ جي جرڪندڙ، ڪڙڪاٽ ڪندڙ ۽ اجهل پاڻي سنڌ واري ايراضي جي زمين جي خشڪ حصن کي ريجڻ شروع ڪري ڏنو، نتيجي ۾ نيڻ ٺاريندڙ ساوا گاهه ڦٽي پيا ۽ اهڙي ريت اپائڻهار جي قدرت سان هيءَ ڌرتي سون ورني ٿي پئي.
سنڌ جي اترين ٽڪريءَ تي خصوصاً ضلعي لاڙڪاڻي واري ايراضي ۽ تاريخ جي دور کان اڳ هڪ عاليشان تهذيب ڪر ڪڍيو. انهيءَ تهذيب ۽ تمدن کي هن وقت ”واديءِ سنڌ جي تهذيب“ يا سنڌو ماٿري جي آڳاٽي سڀيتا سڏيو وڃي ٿو.

موئن جو دڙو:

موئن جو دڙو ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي ريلوي اسٽيشن کان تقريباً يارهن ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر ۾ واقع آهي. ”سنڌوسونيئر“ جو ليکڪ گنگارام سمراٽ لکي ٿو: ”ڀارت جو پرانتو (Archaelogy) کاتي جي شري رکلداس بينرجي 1918ع کان 1922ع تائين ڏکڻ پنجيب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ اليگزينڊر جي يادگارن جي تلاش ڪري رهيو هو. هن سنڌ جي کير ساگر (کيرٿر جبل) کان سنڌو ندي تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ اٽڪل 27 وڏن ڦٽل کنڊرن جي کوٽائي ڪئي، پر اهي سڀ ئي ٻڌ يادگار نڪتا. ايئن اتفاق سان ”موئن جو دڙو“ هٿان هڪ ٻڌ اسٽوپا تي اچي پهتو“ جنهن جي کوٽائي ڪندي کيس اتان پٿر جي ڪپ هٿ آيا، جي اڍائي ٽي هزار ورهيه عيسوي سن کان اڳ جي هئا. بس اتان کان وٺي هن سنڌو سنسڪرتيءَ جو چنڊ اڀريو.“ سنڌ جيڪا اتهاسڪ گرنٿن ۾ نظر انداز ڪئي ويندي هئي، سا هنن بيجين مٽيءَ جي دڙن مان ٻرندڙ جبل جي لاوي جيان ڌرتي ڏاري ٻاهر نڪري آئي ۽ سنڌ گهٽ ۾ گهٽ ”سنڌ“ نالي سان چمڪي اٿي.   (2) دنيا جي تهذيبن ۾ موئن جي دڙي مٿان چڙهيل رئي ۽ مٽيءَ جي تهن هيٺان جنهن سنڌو تهذيب جو ظهور ٿيو، تنهن (Pre-Historic) جي تهذيبن واري نظريي ۾ وڏو ڦيرو آندو. اتهاس، ليکڪن طرفان اڳ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته آريه لوڪ ڀارت ۾ چار سؤ هزار ورهيه اڳ آيا هئا يعني لوهه يگ ۾ آيا هئا ۽ هتي جي جهنگلي، ڪارن ۽ اڻ سڌريل لوڪن کي جيتي ٿانيڪا ٿي ويٺا. آرين کان اڳ هتي ڪا به سڀيتا ڪانه هئي، جنهن جو ذڪر ڪري سگهجي.   ان رايي (Theory) کي هاڻي رد ڪرڻو پوندو. موهن جي دڙي جي کوج ثابت ٿي ڪري ته آرين جي اچڻ کان اڳ (آريا آيا ڪونه پر موهن جي دڙي وارا خود آريا هئا.) سنڌ ۾ تمام اتم درجي جي نهايت انتي ڪيل سڀيتا موجود هئي، جيڪا ان وقت جي ايلام، ميسوپوٽيميا، بئبيلونيا ۽ ايجپٽ جي آرين کان به گهڻو انت هئي“ (3)   سنڌو ماٿر جي هن عاليشان تهذيب جي برآمد ٿيڻ کان پوءِ ان جي اوج کان ويندي انت تائين مختلف علمن جي ماهرن جي وڏي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي ۽ انهيءَ موضوع تي غير سائنسي ۽ غير منطقي مفروضن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. ڏيهي عالمن مان خاص طور هندن، جن جو ايمان ويدن ۽ رگ ويدن تي رهيو آهي، تن ”سنڌو“ جي تهذيب کي هندستان جي گڏيل تهذيب يعني سنسڪرتي اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان جي مقابلي ۾ پرڏيهي عالمن ۽ ماهرن قديم تهذيبن جو تقابلي جيئزو وٺي، جيڪي ڪجهه خيال ظاهر ڪيو آهي، تنهن ۾ هنن ٿورو احتياط کان ڪم ورتو آهي. انهن مان ڪيترن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي طريقن تحت بنا ڪنهن جذباتي لڳاءَ جي خيال ظاهر ڪيا آهن. اهڙن عالمن موئن جي دڙي مان هر هڪ لڌل وٿ کي ”عمل حقريات“ ذريعي باريڪ بينيءَ سان پرکيو ۽ پسيو آهي، تنهن کان سواءِ ڀون وگيان جي اصولن موجب، تاريخ جي اڳ ۽ پٺ جي دورن جي ڀيٽ ڪري سنڌ سڀيتا جي قدامت، ان جي سماجي حالتن ۽ جيگرافيائي ڦيرن گهيرن تي روشني وڌي آهي.

موئن جي دڙي مان آڳاٽي سنڌوماٿر جي تهذيب جي دريافت: ”واديءِ سنڌ جي آثارن جي اشارا ان جي کوٽائيءَ کان گهڻو اڳ دستياب هئا. پهريون ڀيرو اهي پنجيب واري علائقي ۾ سن 1852ع ۾، تنهن بعد 1853ع ۾. انهن مان ڪن مهرن جون تصويرون 1875ع ۾ شايع ڪيون ويون“ (4) تنهن بعد واديءِ سنڌ جي تهذيب جي آثار ۽ اشارا وڌيڪ دريافت ٿيڻ لڳا. انهن اشارن مان ڪي اشارا ان وقت دستياب ٿيا، جڏهن ڪراچيءَ کان لاهور تائين نارٿ ويسٽرن ريلوي (N.W.R) لائن وڇائڻ جي شروعات 1850ع ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته اهڙن اشارن جي معلومات هڪ انگريز آفيسر جي ياداشت مان اوچتو هٿ آئي، جيڪو ريلوي لائن وڇائڻ کان اڳ ريلوي آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ جيين ۽ ڪوارٽرن جي تعمير جي ڪم تي مامور ٿيل هو. سندس نالو جين برونٽن (Johan Burunton) هو. هن اهڙي ياداشت پنهنجي ڀاءُ وليم برونٽن کي خط ذريعي موڪلي هئي. ياداشت ۾ ڄاڻايل هو ته کيس هتي جي ڪنهن آڳاٽي تهذيب جي آثارن سان گڏ کوٽائي ڪندي ڪي نوادرات به دستياب ٿيا آهن. 1921ع ۾ راءِ بهادر ديارام شاني جي اڳواڻي هيٺ جديد سائنسي طريقن کان ڪم وٺي واديءِ سنڌ جي آثارن جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيندو ويو.

1922ع ۾ ”ٻڌ مڙهي“ اسٽوپا (Stopa) جي کوٽائي ٿي. هن اسٽوپا، يعني ٻڌ مڙهيءَ جو تعلق پهرين صدي قبل مسيح سان هو، مگر جيئن اسٽوپا جي کوٽائي هيٺ گهري ٿيندي وئي ته کوٽائي ڪندڙ ٽيم کي آڳاٽي تهذيب جي آثار واضح طور نظر اچڻ لڳا. هنن آثارن جي دستيابي جون رپورٽون هندستان ۾ مقيم آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل سرجين مارشل کي پيش ڪيون ويون. جنهن پنهنجي نگرانيءَ ۾ 1922ع ۾ موئن جي دڙي جي کوٽائي جو منصوبو تيار ڪيو. موئن جي دڙي جي کوٽائي جو ڪم جين مارشل جي نگرانيءَ ۾ 1927ع تائين جيري رهيو. بعد ۾ انهيءَ ڪم ۾ ڊاڪٽر ميڪي (Dr.E.J.H.Mackay) کي شامل ڪيو ويو، جنهن 1930ع تائين کوٽائي جي ڪم کي جيري رکيو جنهن ۾ چانهوءَ جي دڙي جي کوٽائي به ڪئي. بعد ۾ دريافت ڪندڙن ۾ مارٽيمر وهيلر (Martimer Wheeler) ۽ جيرج ڊيلز (Dalese) پڻ باقي آثارن جي کوٽائي تي مامور ٿيا. مٿي ذڪر ڪيل ماهرن سان گڏ مسٽر سي جي گاڊ، محمد ادريس صديقي ۽ برٽش ميوزيم جو هڪ ماهر مسٽر سڊني سمٿ به دڙي جي کوجنا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيا هئا. انهن عالمن جي کوجنا وارين رپورٽن، سنڌو ماٿر جي آڳاٽي شانائتي تهذيب کي سڄي دنيا آڏو پيش ڪيو. هن تهذيب جي اسرڻ واري زماني، تهذيب جي انحطاط ۽ خاتمي واري زماني ۽ دستياب ٿيل رسم الخط، بين الاقوامي طور تي قديم تهذيبن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن ۽ عالمن کي محو حيرت ڪيو.

سنڌو ماٿر جي تهذيب موئن جو دڙو ڪيئن ٿي: موئن جي دڙي جي باري ۾ ٻولين ۽ ادب جي عالمن کان وڌيڪ غور طلب ۽ قابل قبول حقائق علماءَ آثار قديمه جي آهن.”قديم آثار، زير زمين ڪيئن ٿين ٿا ۽ انهن کي نئين سر کوٽي ڪڍڻ جي ضرورت ڪهڙي سبب ڪري پيش اچي ٿي. جييون ۽ ڳوٺن جي ڳوٺ زمين ۾ ڪيئن دفن ٿي وڃن ٿا.“ درحقيقت اهي دفن نٿا ٿين، پر زمين ۽ مٽيءَ جي سطح بلند ٿي انهن کي ڍڪي ڇڏي ٿي. اهڙي قسم جو عمل روزانو اسان جي چوڌاري ٿئي ٿو. اهو عمل ايترو ته عام آهي جو، ان جي باري ۾ ڪڏهن سوچڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. لاهور، ٺٽو، اچ، سيوهڻ ۽ ملتان جون موجوده بستيون پنهنجي قديم بستين جي آثارن تي اڏيل آهن. هتي آڳاٽين عمارتن جي دفن ٿيل آثار سولائي سان ڏسي سگهجن ٿا.“(5)”پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪا جيءِ ڪرندي هئي تڏهن ان جي نئين اڏاوت گهڻو تڻو ان جي پراڻن بنيادن کي هموار ڪري، ان جي مٿان مٽيءَ جي ڍير تي ڪئي ويندي هئي. اهڙي قسم جو عمل لاڳيتو جيري رهندو هو. ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ته جيتريون ڀتيون زمين جي مٿان هونديون هيون، اوتريون زمين اندر ڀرجي وينديون هيون. مشرق قريب ۾ جتي عام طور تي ڪچين سرن سان اوساري ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي وري ڪافي ٿلهو ڪيو ويندو آهي، اتي اهڙي قسم جو عمل تڪڙو ٿيندو آهي. جڏهن اهڙيون ڀتيون ڪري پونديون آهن، تڏهن انهن جو ڀنجو گهڻو گڏ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ڀنجوءَ کي ڍوئڻ هڪ وڏو مسئلو ٿي پوندو آهي، تنهنڪري ڀنجوءَ کي ساڳي هنڌ وڇائي سنوت ڪري مٿس ساڳين بنيادن تي نئين تعمير ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت زمين جي سطح ويندي آهي مٿي بلند ٿيندي ۽ پراڻا ڳوٺ ويندا آهن مٿي چڙهندا. ان ڏس ۾ جيڪي بستيون برباد ٿي وينديون آهن، يا ماڻهو انهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي سڻائي هنڌ لڏي ويندا آهن، تڏهن زماني گذرڻ کان پوءِ انهن جون ڀتيون ڊهي پونديون آهن، ڇتيون ڪري مٽيءَ جي ڍير ٿي پونديون آهن. جن کي وري اڏائيندڙ تکيون هوائون، مٽي ۽ واريءَ جي ذرن سان هموار ڪري ڇڏينديون آهن. مينهن وري ان مٽيءَ کي آلو ڪري ڇڏيندو آهي. خشڪ ٿيڻ کان پوءِ اها مٽي ڄمي سخت ٿي پوندي آهي، جڏهن هزارن سالن جي عرصي کان پوءِ دڙن جي کوٽائي ڪري پراڻيون بستيون کوٽي نروار ڪيون وينديون آهن، تڏهن ائين پيو لڳندو آهي ته ڄڻ زمين هيٺان شهر کوٽي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. مختلف سببن کان شهر آباد ۽ برباد ٿيندا رهندا آهن، وري برباد ٿيل شهرن جي مٿان ويندا آهن، نوان شهر اڏبا، اهڙي ريت ڪيترا ڀيرا برباد ٿيڻ ۽ وري وري اڏجڻ ڪري انهن جي مختلف تهه ٺهندا رهندا آهن اهڙن تهن جي وڏي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته اهي مختلف زمانن گذرڻ بعد ٺهن ٿا. هر هڪ تهه ڪنهن خاص جُڳ جي نمائندگي ڪري ٿو (6) ۽ انهن تهن مان لڌل وٿن جي جيچ ۽ کوجنا ڪري تاريخي نتيجي ڪڍڻ ۾ ڀون وگيان ۽ آثار قديمه جي ماهر تمام گهڻو مددگار ثابت ٿين ٿا.
”ضلعي لاڙڪاڻي جي سرزمين تي قائم موهن جي دڙي جي آثارن ۽ آڳاٽن سنڌي پڻي لوڪن جي شانائتي تهذيب بڻجڻ کان اڳ اٽڪل چئن کان پنجن هزارن سالن جو هڪ وڏو عرصو، جيڪو تاريخ جي دورن کان اڳ اٽڪل ستن جڳن تي مشتمل آهي، گذاريو هو.“ (7) تنهنڪري زمانن جي وهڪري ۾ وهي هلندڙ هن سنڌو ماٿر جي تهذيب جي انت جي ڪيئي اسباب بحث هيٺ آيل آهن. جهڙوڪ:
ٻوڏون: سماجي طور تي زوال پذير ٿيڻ ۽ تعميري ڀڃ ڊاهه وغيره ئي علم الارضيات ۽ علم الآثار قديمه جي ماهرن جي خيالن موجب اهي مڙئي گڏيل سبب آهن، يا ٿي سگهن ٿا.
سنڌوءَ ڪناري آباد ڪلچر جي تباهي تي ايڇ ٽي لئمبرڪ جيڪو تحقيقي مقالو لکيو آهي، تنهن ۾ هن تاريخ واري زماني کان اڳ ۾ آيل قهري ٻوڏن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي پڻ موئن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن جي تباهي جو اهم سبب ڄاڻايو آهي، هن جي خيالن موجب ڪيترا ڀيرا لاڳيتو آيل قهري ٻوڏن سبب اهو ”شاهه شهر“ (موئن جو دڙو) پاڻي جي وچ ۾ گهيريل اپٻيٽ ٿي ويو هو. ڄڻڪه اهو شهر ڪنهن ڍنڍ جي وچ ۾ اچي ويو هجي. اهڙي زماني ۾ هتان جي پڻي لوڪ جن جي هٿن ۾ تمدن جي خوشحالي هئي، هتان لڏي ويا هوندا“ (8) تنهن کان پوءِ شهر جي زندگي جو اهو پهريون ڌنڌلو دؤر اهڙي وقت تي نئين سر آباد ڪاري جي صورت ۾ شروع ٿيو. جڏهن اهو ڪافي گهڻي عرصي لاءِ ان کان اڳ مڪمل طور يا جزوي طور تي خالي ڪيو ويو هوندو. سو به سنڌو لوڪن جي طرفان. ”قهري ٻوڏن کان علاه لئمبرڪ ڪن حملي ڪندڙ وحشي لوڪن جو به ذڪر ڪري ٿو. ”سنڌو ڪناري آباد ڪلچر وارا جڏهن انحطاطي، پر جهد البقا واري دور مان لنگهي رهيا هوندا تڏهن حملي ڪندڙ وحشي لوڪن انهن امن پسند ۽ ڏتڙيل ماڻهن تي آخري زبرو حملو ڪيو هوندو، جنهن جي نتيجي ۾ هنن جو قتل عام پڻ ڪيو ويو هوندو. اهڙي حملي جي نتيجي ۾ انساني هڏن جي پڃرن جي ڍڳ جن تي ڌڪن ۽ گهائن جي نشان صاف ظاهر اچن ٿا. موهن جي دڙي جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي هنڌ تي ڪٺا ملن ٿا ۽ انهن مان اڪثر شهر جي بلڪل آبادي وارين سطحن مان دستياب ٿيا آهن. اهي شهري انتهائي پوئين دؤر تي مشتمل حملن ۾ ماريل هوندا.“ (10) ان يگ ۾ جنهن جو اندازو تقريباً 2300 قبل مسيح آهي، موئن جي دڙي ۾ رهندڙ شهرين جي آدمشماري 35000 ماڻهن کان مٿي ڪانه هوندي. (11)
قتل عام کان پوءِ ويران ۽ ڀڙڀانگ دڙي ۾ واري ۽ مٽي چڙهڻ جو عمل شروع ٿي چڪو هو. اهو ساڳيو عمل جنهن سنڌ جي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ عمارتن ۽ شهرن جي ڦٽل نشانين تي ساڳئي قسم جي خاڪي ۽ ميٽوڙي رنگ جي مٽي جي چادر چاڙهي ڇڏي هئي. ڪنهن خيالي ڍنڍ جي مٽيءَ ۾ ڍڪجي ۽ جڪڙجي وڃڻ جو عمل نه بلڪه ڌوڙين ۽ مٽيءَ جي آندين جي ڪلهي تي سوار ٿي ايندڙ دز ۽ دڙن مٿان پوندڙ برسات سبب مٽيءَ جو ڄمڻ ۽ پڪي ٿي وڃڻ جو عمل جيري رهيو. اهڙين حالتن جي منهن ڪڍڻ کان پوءِ  ”انهيءَ بدنصيب فاقه ڪش شهر کي ان کان پوءِ وجود ۾ رهڻ جو ڪو به سبب ڪونه هو گهر ۽ جييون ڀڄي ڀري ويون. هوائون پوءِ خشڪ ۽ ويران ميدانن مان لنگهندي پاڻ سان واري مٽي جي گهاٽا ڪڪر کڻي اينديون هيون، جن کي اهي ڊٺل جيين جي باقي بيٺل ڀتين، ۾ سٿينديون ۽ گڏ ڪنديون رهيون ۽ جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ عظيم شهر هو سو نيٺ ويران برپٽ بنجي ويو.“ (12) موئن جي دڙي جي زوال کان پوءِ هڪ اهڙو اونداهو دؤر گذريو آهي جنهن بابت ڪا معلومات ڪانهي..

mohenjo-daro_priesterkönig-wiki_1429086181

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *