تازيون خبرون

قومي ادارن جي نيلامي ۽ عوام جي ننڌڻڪائپ: وزير علي جمالي

هن ملڪ ۾عوام کي “عوامي خدمت ” جي نالي ۾ ايترو ته خوار خراب ڪيو ويو آهي جو هاڻي حڪمرانن جي واعدن تي ڪو به اعتبار ناهي رهيو، ان کان وڏي ناانصافي ٻي ڪهڙي هوندي جو  ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هيل تائين هڪ ننڍڙي اقليت هن ديس جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل آهي ۽ اڪثريت تي پنهنجي مرضيءَ جون پاليسيون مڙهي رهي آهي، انهن جو رت پي رهي آهي. انهيءَ مخصوص طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ملڪ جي هر اهم اداري ۾ موجود آهن، جنهن ۾ سوِل ۽ ملٽري اسٽيبلشمنٽ سميت سڀئي اهم ادارا شامل آهن. هنن ماڻهن ملڪ تي گذريل 67 سالن کان لاڳيتو حڪومت ڪئي آهي، چاهي اهي سول حڪومتون هجن يا وري ملٽري ڊڪٽيٽر شپ هجي. مزي جي ڳالهه اها ته هنن هن وقت تائين مسڪين ماروئڙن ۽ اٻوجهه عوام سان جيڪي ڪلور ڪيا آهن، انهيءَ کي هڪ خوبصورت نالي ”عوامي خدمت“ جو نالو ڏنو ويو آهي. منافقتن ۽ بي واجبين جي ان داستان کي جيڪڏهن پني تي اُتارڻ جي ڪوشش ڪجي ته هڪ ڪتاب لکجي سگهجي ٿو. هن طبقي پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ ملڪي وسيلن کي جنهن نموني سان لٽيو ۽ ڦريو آهي، دنيا جي ڪنهن به سُڌريل ملڪ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. عوامي اهنج هنن کي ان وقت ياد ايندا آهن، جڏهن ڦرلٽ ۽ قومي خزاني کي ڦرڻ جا پنج سال پورا ٿي رهيا هوندا آهن ۽ هيءَ ايندڙ پنجن سالن لاءِ هڪ ڀيرو وري مسڪين ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ صوبي، وسيلن، ترقي ۽ عوامي خدمت جي پُرفريب نعرن سان “عوام” نالي مخلوق جي دَر تي حاضري ڀرڻ جهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن.

هن وقت تائين ملڪ ۾ جيڪي به عوامي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪارناما انجام ڏنا ويا آهن، انهن  کي نالو ته عوامي خدمت جو ڏنو ويو پر ان ئي عوام کي ڪنهن به معاملي ۾ اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي. اهو آهي “جمهور جو راڄ” جنهن ۾  هميشه جمهور کي ئي خوار خراب ٿيڻو پوندو آهي. جڏهن بنا رٿابندي جي غلط پاليسيون يا فيصلا مڙهيا ويندا ته اهي عوام کي ڪو لاڀ ڏيڻ بجاءِ عوام لاءِ عذاب بڻجي ويندا آهن. اڄ ڪلهه وري پاڪ وطن ۾ ”نجڪاري“ جي نالي تي عوامي سهنج ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪرڻ توڙي قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان آجو ڪرڻ لاءِ ملڪ جي معتبر قومي ادارن جي لوٽ سيل لڳائڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ لکين خاندانن کي فاقه ڪشي تي مجبور ڪرڻ جي رٿا بندي تيزي سان جاري آهي. جيڪڏهن ڪا صاف شفاف انڪوائري ڪرائجي ته پتو پوندو ته انهن قومي ادارن کي پڻ سياست، مفادن ۽ پنهنجا نوازي تحت ان مخصوص طبقي جنهن طرح سان ڦريو ۽ لٽيو آهي ان جو دنيا جي مهذب ملڪن ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. اهڙن سياسي، فوجي ۽ بيوروڪريسي سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو احتساب ڪرڻ بدران سڄو گناهه عام ملازمن مٿان ڪيرائي انهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي. دنيا ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا ممڪن ناهي ؟ نيت جي سچائي ۽ بهتر طريقيڪار سان سڀ ڪجهه ممڪن بڻجي سگهي ٿو. پر ڏچو اهو آهي ته اسان جا سڀ معاملا ”ڪم ٽپايو“ يا ايڊهاڪ ازم واري پاليسي تي هلي رهيا آهن. اسان جي حڪمرانن کي اها ڳالهه الائي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته دعوائن ۽ ڳالهين سان ڪڏهن به ڪو مسئلو حل نه ٿيندو آهي. مسئلن کي چئلينج سمجهي منظم رٿابندي ۽ بهتر طريقيڪار سان حل ڪري سگهجي ٿو. بنا ڪنهن اڳواٽ رٿا بندي ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ جي اهو سڀ ڪجهه فقط آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان وڌيڪ قرض جي وصولي ۽ اڳوڻي اوڌر جون قسطون ادا ڪرڻ لاءِ ملڪ جي اهم ادارن کي ”نجڪاري” جي مقدس نالي تي قربان ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ موجوده وفاقي حڪومت ۽ خاص طور تي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار جيڪو ميان نواز شريف جو ويجهو عزيز پڻ آهي، اپوزيشن جي سڀني پارٽين جي سخت مخالفت ۽ ملازمن جي شديد احتجاج، جنهن ۾ پي آءِ اي جي ڪارڪنن جو رت پڻ شامل ٿي چڪو آهي، ٽس کان مس ٿيڻ لاءِ به تيار ناهي. ان سلسلي ۾ سڄاڻ ڌريون اڳ ئي اهي دانهون ڪري رهيون آهن ته ملڪ جي مُک ادارن جيڪي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکن ٿا، انهن کي خانگائڻ ۽ نتيجي ۾ هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ واري ڪارروائي جي ردعمل ۾ حالتون ايتريون ته خراب ٿي سگهن ٿيون جو انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ وڏو مسئلو بڻجي ويندو، پر لڳي ائين ٿو ته اسان جا حڪمران ان معاملي تي ڪابه سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

جيڪڏهن ملڪ ۾  پاليسيون  اهڙيون ٺاهيون وينديون جن سان عوام رليف يا ڪا مدد ملڻ بجاءِ وڌيڪ اذيت ملندي ته پوءِ اهڙيون پاليسيون نه ٺاهڻ ۾ ئي  ملڪ جي بهتري آهي. هڪ پاسي مهانگائي جو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ طوفان ملڪ جي ڪروڙين غريب ۽ مجبور ماڻهن لاءِ اڄوڪي دور جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل آهي. خاص ڪري هاڻوڪن حڪمرانن جي هٿ ٺوڪي جمهوري دور ۾ ته مهانگائي جا اڳيان پويان رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن ۽ ٻچن کي مانيءَ جو ڳڀو مهيا ڪرڻ غريب عوام لاءِ ڏينهون ڏينهن مشڪل کان مشڪل ٿيندو پيو وڃي، پيءُ چئن معصوم پُٽن کي پنهنجي هٿن سان موت جي وادي ۾ ڌڪي آخر ۾ پنهنجي ساهه جي تند کي به ڇني ڦٽي ڪري ٿو، جنهن جو درد سمجهڻ لاءِ شايد ڪو حڪمران هن دنيا ۾ ناهي رهيو. تعليم ۽ صحت جون سهولتون رڳو امير ۽ سرنديءَ وارن کي ميسر آهن. مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جي ماريل عوام وٽ پنڻ، خودڪشي ڪرڻ يا پنهنجي ٻچن کي بازار ۾ آڻي وڪڻڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي. حڪمرانن ڳاٽي ٽوڙ وياج تي ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف جهڙن عوام جي رت پياڪ ادارن کان سخت ۽ عوامي مفادن جي خلاف شرطن تي اربين رپين جا قرض ورتا آهن، جنهن جي بنياد تي ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان، ملڪي اهم ادارن جي نجڪاري، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جي ماريل عوام مٿان وڌيڪ ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ شامل آهي، پر اوڌر ۽ ڳري وياج تي ورتل  اهو سڄو پئسو حڪمران ٽولي جي عياشين ۾ خرچ ٿي رهيو آهي ۽ غريب ماڻهن کي نه پهريان ڪجهه مليو هو ۽ نه وري هاڻي ڪجهه ملڻ جي اُميد آهي. رپورٽن موجب هاڻوڪي حڪومت جي دور ۾ ملڪ ۾ هر روز 8 ارب ۽ ساليانو 600 ارب روپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، جنهن جو اڳ ۾ مثال نٿو ملي. موجوده نوازليگ حڪومت جي اڍائي سالن جي ڪارگردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي آهي ۽ عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو سڀ ڪجهه کسجي چڪو آهي، ملڪ ۾ هر پاسي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ دهشتگردي جو راڪاس واڪا ڪري رهيو آهي، صحيح معنيٰ ۾ پڇاڻي يا چيڪ اينڊ بئلينس نه هئڻ ڪري سرڪاري ادارن جو خانو خراب ٿي ويو آهي، چور کي سزا نه ٿي ملي ۽ شريف کي مدد نه ٿي ملي، اهڙي صورت ۾ مايوسي ۽ انارڪي ڦهلجڻ فطري ڳالهه آهي. سياسي جماعتن جي ساک جي حالت اها آهي ته انهن جي پارٽي ليڊرشپ ڪڏهن ”اينٽ سي اينٽ بجادين گين“ ته ڪڏهن وري منافقي ۽ چاپلوسي جون سڀئي حدون ڪراس ڪندي ”جاني ڪي باتين جاني دو“ وارو راڳ آلاپي پنهنجي ڪيل ڪارنامن ۽ ڪرپشن کي احتسابي پنجوڙ کان آجو ڪرائڻ آهي. اهڙي ليڊرشپ کان ڪنهن اُميد يا آسري جي آس لڳائڻ پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ برابر آهي، ڇو ته بقول چوڌري نثار جي ته ”هتي سڀني سياسي پارٽين جو هڪٻئي جي مفادن جي حاصلات لاءِ مُڪ مڪا ٿيل آهي، ”نفسياتي مونجهارن، خودڪشين جي وَر چڙهيل ۽ فاقه ڪشي“ جي تصوير بڻيل عوام کان ”عوامي خدمت“ جي نالي تي جيئڻ  جو حق کسڻ وارو اختيار اوهان کي ناهي ڏنو ويو، پر حڪومتن طرفان سائنسي ۽ منظم انداز ۾ ڪرپشن جا اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙڻ جي مُهم گذريل ڏهاڪو سالن کان جنهن نموني سان جاري آهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻي منافعي بخش ادارن کي به هٿرادو طريقي سان نقصانڪار ڄاڻائي اڌ موڙي ۾ وڪڻي رهيل ڪسر پوري ڪرڻ لاءِ تيزي سان سفر جاري آهي.عملي طرح سان گذريل فوجي ڊڪٽيٽرشپ کان پوءِ سياسي پ پ ۽ نواز حڪومت پاران اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو جو عوام نڌڻڪائي واري احساس کان ٻاهر نڪري سگهي. لکين ماڻهو حڪومتي بي حسي ۽ بدديانتي توڙي مها ڪرپشن جي ڪري بُک، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي سيلاب آڏو بي وس ۽ چونڊيل ”عوامي“ حڪومتن جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي ڏکين حالتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. هڪ طرف پي آءِ اي، ريلوي، اسٽيل ملز جي ظالماڻي طريقي سان نجڪاري ته ٻئي پاسي وري سنڌ حڪومت طرفان صحت جون اڻپوريون سهولتون مهيا ڪندڙ سرڪاري اسپتالن، ڊسپنسرين کي نجڪاري جي نذر ڪرڻ جون تياريون عروج تي آهن، ڪٿي ڪٿي ته اهڙيون ڪاغذي ڪاروايون مڪمل پڻ ٿي چڪيون آهن رڳو انتظام سنڀالڻ جي دير آهي. پيپلزپارٽي جيڪا مرڪز ۾ هن وقت مخالف ڌر وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مرڪزي حڪومت جي مبينه نجڪاري واري پاليسي جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي، ان پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، جيڪا وري سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن کي نجڪاري جي نانگ جي منهن ۾ ڏيڻ جا سانباها ڪري رهي آهي، ان کي منافقتن جو شاهڪار نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي.اسيمبلي اندر جيڪا فرينڊلي اپوزيشن موجود آهي ان جو ڪردار حڪمران ڌر کان وڌيڪ شرمناڪ ۽ نندا جوڳو آهي،غريب عوام جو ڪو اوهي واهي نه رهيو آهي ۽ جن ماڻهن عوام جي مينڊيٽ ذريعي اقتدار ماڻيو آهي، اُهي عوامي  مسئلن ۽ اهنجن کي وساري چڪا آهن.

بدامني ۽ لاقانونيت جو ڳوٺن توڙي شهرن ۾ راڄ آهي، سنڌ صوبي سان ته ايتري ويڌن آهي جو ان جا شهري علائقا ڀتي خور دهشتگردن ۽ ٻهراڙيءَ وارا علائقا پاٿاريدار وڏيرن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ٿيل آهن، جتي ڀنگ لاءِ اغوا انڊسٽري اڄ سڀ کان نفعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، مهانگائي بيروزگاري، غربت ۽ بدامنيءَ جو هي طوفان ملڪ کي ڪهڙي اونداهي ڪُن ۾ وڃي اڇلائيندو، ان جي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمرانن کي ڪا به پرواهه ناهي! اڃان به وقت آهي ته انڌ جي گهوڙي تي سوار حڪمران ٽولو عقل کان ڪم وٺي، عوام دشمن پاليسين کي ڇڏي ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ اپاءَ وٺي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي فرمائشي نجڪاري واري پروگرام کان پاسيرو ٿي 20 ڪروڙ عوام جي حقيقي انداز سان خدمت ذريعي مليل مينڊيٽ جو احترام ۽ مسڪين ماڻهن کي موت مار مهانگائيءَ، بيروزگاري ۽ بدامني توڙي لوڊشيڊنگ جي آزار کان نجات ڏيارين توڙي پنهنجا غيرترقياتي خرچ گهٽائي سادگي واري حڪمراني اختيار ڪري عوام سان ڪيل وچن پورا ڪن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *