تازيون خبرون

قلندر جي نگري ۾ رتوڇاڻ : تشڪيل حيدر سنديلو

گذريل ڏينهن سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي  احاطي ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 80 ماڻهن جي شهادت واقع ٿي، جڏهن ته 250 کان وڌيڪ درگاهه تي زائرين زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايس ايڇ او سيوهڻ موجب ته ڌماڪي بعد درگاهه مان 100 لاش ڪڍيا ويا آهن پرسيوهڻ اسپتال جي ايم ايس پاران ايس ايڇ او سيوهڻ جي 100 لاش ڪڍڻ واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، خير 80 ماڻهن جي شهادت هجي يا وري سئو جي اسان هتي اهي ڳڻڻ جي ڳالهه ناهيون ڪري رهيا، سو ايڏي وڏي سانحي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، آءُ سمجهان ٿو ته هي واقعو نه رڳو سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، گهرو کاتي پر وفاقي سرڪار جي سيڪيورٽي تي به هڪ سواليه نشان آهي، ڳالهه اها ٿي پيدا ٿئي ته درگاهه تي هزارن جي تعداد ۾ ملڪ توڙي پرڏيهه مان ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن، پر وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاران سيڪيورٽي جا ڪي به خاص انتظام ناهن ڪيا ويا، نه ئي وري درگاهه ۾ اچڻ وڃڻ ڪو ”گيٽ ٿرو“ جو اهتمام ڪيو ويو آهي.

دهشتگردي ته پوري ملڪ ۾ ٿي رهي آهي، گذريل 5 ڏينهن ۾ رڳو لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ سيوهڻ ۾ پڻ 5 ڌماڪا ڪيا ويا جن ۾ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويا، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت انهن ڌماڪن کان پوءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن، صوبائي توڙي وفاقي سرڪار رڳو مذمتي بيان ڏيڻ ۽ واقعي بابت جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي اعلانن تائين محدود ٿيل آهي ۽ ان بعد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهي مذمتي بيان ۽ جوڙيل جاچ ڪميٽيون پاڻ ئي دم ٽوڙي ڇڏينديون آهن، انهن واقعن بابت جوڙيل ڪميٽين جي رپورٽ نه عوام سامهون آندي ويندي آهي ۽ نه ئي وري اها ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌائي ويندي آهي، هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي واقعا ٿيڻ جو ڪارڻ ڇا آهي، آءِ ايس پي آر جي رپورٽ موجب ته ملڪ ۾ ٿيل تازي دهشتگردي جي واقعن جي منصوبابندي افغانستان ۾ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ايجنسين کي ان بابت ڪا ڄاڻ آهي ته اها گهرو وزارت سان ونڊڻ گهرجي ۽ گهرو کاتي جو ڪم آهي ته انهن تي صحيح طريقي سان عملدرآمد يقيني بڻائي، پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وفاقي گهرو کاتي جي بهتر حڪمت عملي نه هئڻ جي ڪري دهشتگرد جن کي اسان جي فورسز ضرب عضب سميت ٻين آپريشنز ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو هو اهي وري ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن ۽ هڪ دفعو ٻيهر بيگناهه شهرين جو قتلام شروع ٿي ويو آهي.

دهشتگردي جي واقعي دوران درگاهه ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا جن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته خميس جو ڏهاڙو هجڻ جي ڪري ڌمال جي وقت گهڻي تعداد ۾ ماڻهو درگاهه جي احاطي ۾ موجود هئا، حڪمران ته واقعي جي مذمت ڪري هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ ان سانحي کي وساري ڇڏيندا پر جنهن گهر جو ڪو فرد سانحي جو شڪار ٿيندو آهي ان جي گهر ۾ ڪهڙو ماتم برپا هوندو آهي اهو اهي ئي سمجهي سگهن ٿا.

سيوهڻ سنڌ جو اهو شهر جنهن کان شايد ئي ڪو ماڻهو اڻواقف هجي ۽ جتي انتهائي سخت سيڪيورٽي جي ضرورت هجڻ گهرجي ها پر اتي نالي ماتر سيڪيورٽي انتظام هجڻ جي ڪري ايڏو وڏو سانحو پيش آيو، قلندر جي نگري ۾ ايڏو ڪهر ٿي سگهي ٿو ته پوءِ صوبي جا ٻيا شهر ڪيئن محفوظ ٿي سگهن ٿا؟ ڇو جو سنڌ نگري جيڪا آهي اها اوليائن سان ڀريل آهي، قلندر جي مزار جيان صوبي جي ٻين مزارن تي سيڪيورٽي جا انتظام نه هجڻ جي برابر آهن، جتي پڻ ڪنهن به وقت ڪا به دهشتگرد ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ان کان اڳ اسان شاهه نوراني واقعو پڻ ڏٺو جنهن ۾ به ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، اسان کي اهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ها پر افسوس ته اسان ان جي باوجود سيڪيورٽي جا ڪي به صحيح انتظام نه ڪيا، ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگرد ڪاررواين کي ڏسندي ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت ادهشتگرد جي تازي لهر کي روڪڻ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ طالبان ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهيا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ انهن جي حمايتين جي انگ ۾ به اضافو نظر اچي رهيو آهي جنهن مان ظاهر طور ته اهو ئي لڳي رهيو آهي ته سياسي جماعتون انتهائي سخت ٻڏ تر جو شڪار ٿي ويون آهن، جڏهن ته اهي اهڙي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ انهن وٽ ڪا خاص پاليسي نظر نه اچي رهي آهي

لعل شهباز قلندر جي نگري ۾ ٿيل ڌماڪي جي ذميواري ڪير به قبول ڪري پر آءُ سمجهان ٿو ته پر مان سمجهان ٿو اهڙين ڪاررواين جي پويان اهي ئي قوتون آهن جيڪي نه ٿيو چاهين ته اسان جي ملڪ ۾ امن بحال ٿئي اهي نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ترقي ڪري، ان کان پوءِ انهن قوتن جو هڪ ئي ڪم آهي رڳو معصوم ماڻهن جي رت سان کيڏڻ ۽ انهن جون پاليسيون رڳو ظلم ۽ بربريت آهي، حڪومت طرفان دهشتگردن خلاف ڪيل ڪارروايون ايتريون خاص ناهن جن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي دهشتگردن خلاف ايڪشن وٺڻ واري پاليسي ۾ تمام گهڻي تبديلي جي ضرورت آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستاني جي شهرين ۽ پر ملڪ جي بين الاقوامي ساک کي بهتر ڪري سگهبو.

هتي هڪ ڳالهه انتهائي اهم آهي ته ملڪ جي سپهه سالار دهشتگردن کي چٿڻ ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا انتهائي اهميت واري آهي، آرمي چيف کي نه رڳو ملڪ جي بارڊر جي حفاظت يقيني بڻائڻ گهرجي پر جتي جتي دهشتگرد ڪارروايون ٿين ٿي اتي ان کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ پاڪ فوج کان علاوه ملڪ جي سياسي توڙي سماجي تنظيمن جو به فرض بڻجي ٿو ملڪ جي موجوده صورتحال بابت پنهنجون تجويزون حڪومت کي ڏين ته جيئن دهشتگردي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *