تازيون خبرون

قلم جي سگهه ۽ صحافيءَ جو سچ!؛عاجز جمالي

قلم جي سگهه جي باري ۾ شايد ئي ڪير ڄاڻي ته هيءَ ايڏي سگهاري آهي جو دنيا جي چرخي کي بدلائي سگهي ٿي. طاقتور ماڻهو سگهاريون ڌريون ۽ پاڻ کان وڏا طاقتور قلم جي سگهه کان ان لاءِ ڊڄندا آهن جو کين اندازو آهي ته انسان قلم وسيلي جيڪا تخليق ڪري ٿو، اها ان زمين تي رهندڙ ماڻهن تي سڌي ريت اثر انداز ٿيندي آهي. ان ڪري جابر قوتون ڪاتبن جي هميشه خلاف هونديون آهن. ڪاتبن کي پراڻي دور ۾ قسمت لکندڙ چيو ويندو هو. ڪائنات ۾ رهندڙ سمورن انسانن جو هر وهنوار ڪنهن نه ڪنهن نظام تحت هلي رهيو آهي. ان نظام جو هڪ نظم ۽ ضبط آهي، اهو نظم ضبط لکندڙ ڪاتب يا قلم جا ڌڻي هوندا آهن. ڪائنات جو هر قانون قلم سان لکيل آهي، ان ڪري قلمڪار يا ڪاتب يا قلم کي استعمال ڪندڙ، قلم ذريعي دماغ ۽ دل جي ڳالهه ماڻهن تائين پهچائيندڙ اصل ۾ ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي به راڄ ڪندا آهن، ڇو ته ماڻهن کي لکيل اهي ڳالهيون پنهنجون ڳالهيون لڳنديون آهن.

صحافت، قلم ڌڻين جا اها ڪرت آهي، جنهن جو سڌيءَ ريت عام ماڻهوءَ سان واسطو آهي. صحافي جي قلم مان سرجيل سٽ اصل ۾ ان وقت جي زمان ۽ مڪان جي سڀ کان اهم تحرير هوندي آهي. اها تحرير ان وقت جي اهڙي مامري سان آهي، جيڪو سڌي ريت ان ماڻهوءَ سان واڳيل هوندو آهي. صحافي جو قلم هر دور ۾ انتهائي طاقتور تصور ڪيو ويندو آهي. ڇو ته ان قلم سان وقت جي سڀ کان تلخ ۽ سڀ کان سچي ڳالهه لکي ويندي آهي، جيڪا ان ئي وقت يا ٻئي ڏينهن لکين ڪروڙين ماڻهن تائين پهچي ويندي آهي. ان تحرير ۾ اهو سچ هوندو آهي، جنهن جي باري ۾ عام خلق کي خبر نه هوندي آهي. اهڙو سچ منظر تي اچڻ سبب صحافي ان ملڪ جي ماڻهن لاءِ معتبر هوندو آهي ۽ عام طور تي صحافت کي پيغمبري پيشو چيو ويندو آهي پر صحافت جي تاريخ ان کان به پراڻي آهي. جڏهن کان قلم ۽ ڪاغذ جو وجود ٿيو، تڏهن کان صحافت به آهي. پراڻي زماني جا لوڪ داستان ۽ ديومالائي ڪردار به صحافت کان شروع ٿيا.

صحافت ۾ ڇا ڪوڙ آهي ڇا سچ آهي؟ خبر ڇاهي، تجزيو ڇاهي، ڪاروبار ڇاهي پيشو ڇاهي؟ جديد ميڊيا جي دور ۾ پراڻا رواج ۽ معيار بدلجي ويا ته طور طريقا به بدلجي ويا پر پاڪستان ۾ اڄڪلهه جنهن اسڪينڊل جو سڀ کان وڏو بحث هلي رهيو آهي يا جنهن سڄي ملڪ جي ميڊيا انڊسٽري ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي، ان ڀونچال جو سبب آمريڪي صحافي ”ڊڪلين واش“ جنهن پاڪستان جي تاريخ جي هڪ وڏي اسڪينڊل تان پردو کنيو آهي. دنيا جي مشهور ڪمپني ايگزيڪٽ جيڪا ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر جو بظاهر ڪاروبار ڪندڙ ڪمپني آهي ۽ اها ڪمپني گذريل ٻن سالن کان پاڪستان جو هڪ وڏو ٽي وي چينل آن لائن ڪم ڪري رهي آهي، سندس منصوبي ۾ مختلف ٻولين ۾ اخبارون ڪڍڻ جي رٿا به شامل آهي.

هن مشهور آءِ ٽي ڪمپني پنهنجي ٽي وي چينل ۽ اخبارن لاءِ سڄي ملڪ جي انتهائي سينئر صحافين، دانشورن، ڪالم نويسن، پراڊڪشن جي ماهرن ۽ قلمڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون. هن آءِ ٽي ڪمپني پاڪستان ۾ صحافين کي به اهي سهولتون ڏنيون جو ان کان اڳي ڪير تصور به نه پئي ڪري سگهيو.

هر چينل، هر اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو جي روز اها خواهش ۽ اها دعا هوندي ئي ته کيس به ايگزيڪٽ جي ٽي وي چينل يا اخبار ۾ نوڪري ملي. هن جي ٽي وي ۽ اخبار ۾ لڳ ڀڳ 5 هزار ملازمن کي روزگار مليل آهي پر ٻه هفتا اڳ هن آءِ ٽي ڪمپني بابت آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائيمز جيڪا خبر ڇاپي ان اربين ڊالرز جو ڪاروبار ڪندڙ هن ڪمپني جا چار ئي پاوا لوڏي ڇڏيا آهن. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون لڏي ويون آهن، ڄڻ ته زلزلو اچي ويو آهي.

هيءَ هڪ خبر ۽ صحافي جي قلم جي سگهه جو اڄ جي زماني ۾ مظهر آهي، جڏهن ماڻهو صحافين جي باري ۾ آڱريون کڻندا آهن. دنيا جا ٻه وڏا اسڪينڊل ياد اچي رهيا آهن، جيڪي قلم جي سگهه سبب سامهون آيا. آمريڪا جو واٽر گيٽ اسڪينڊل جنهن دنيا جي سپر طاقت آمريڪا جي صدر نڪسن کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ پاڪستان ۾ مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جنهن ۾ بينظير ڀٽو جي سرڪار ڊاهڻ لاءِ ڳجهي فنڊ مان رقم استعمال ڪئي وئي. جيڪڏهن نج سنڌي صحافت جي سگهه جي ڳالهه ڪريون ته ٽنڊو بهاول جو سانحو ياد ٿو اچي، جنهن غريب ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث حاضر سروس ميجر کي ڦاهيءَ جي تختي تائين پهچايو هو.

1970ع ڌاري آمريڪا ۾ صدر نڪسن خلاف هڪ اسڪينڊل آمريڪي اخبارن ۾ شايع ٿيو. نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ صدر خلاف اسٽوري ڏني، صدر نڪسن تي الزام هو ته هو وائيٽ هائوس ۾ ماڻهن جو فون ٽيپ ڪرائيندو آهي. 1972ع ۾ داخل ٿيل ان ڪيس تي عدالت ۾ صدر نڪسن تي الزام ثابت ٿيو، امريڪا ۾ صدر کي هٽائڻ جي مهم هلي، نيٺ 1974ع ۾ آمريڪي صدر نڪسن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ هي اسڪينڊل واٽر گيٽ اسڪينڊل جي نالي سان مشهور ٿيو. هي هو هڪ صحافي جي قلم جي سگهه جو مثال، جنهن سڄي دنيا جي حاڪمن کي لوڏي ڇڏيو هو.پاڪستان ۾ ٻن سالن کان ايگزيڪٽ ڪمپني ۽ نئين ايندڙ ٽي وي چينل بحث جو موضوع هئا پر اسان جي ميڊيا ان تي تحقيقي صحافت نه ڪئي. اسان جو هڪ وڏو الميو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ وڏن واقعن بابت به اسان کي ٻاهرين ملڪن جا صحافي ٻڌائيندا آهن. اسامه بن لادن خلاف ايبٽ آباد ۾ ٿيل آپريشن هجي يا 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيل مهراڻ بئنڪ جو اسڪينڊل هجي؛ اهي ٻين ملڪن جي اخبارن يا ميڊيا ذريعي اسان تائين پهتا. ائين ئي تازو ايگزيڪٽ اسڪينڊل به اسان تائين نيويارڪ ٽائيمز ذريعي پهتو. مان چوندو آهيان شايد ڪير ٻاهر وڃي هيءُ مُلڪ وڪڻي ايندو، تڏهن به اسان جي ميڊيا ۾ خبر نه ايندي، ڪا ٻاهر جي ميڊيا يا اخبار خبر لڳائيندي ته اسان جي مُلڪ جو وڪرو ٿي ويو آهي.

اهو آمريڪي صحافي جنهن کي پاڪستان اڻوڻندڙ قرار ڏئي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ پاڪستان جي تاريخ جو موجوده سڀ کان وڏو اسڪينڊل شايع ڪيو آهي، جنهن کي ايگزيڪٽ جي سربراهه شعيب شيخ اڃا تائين چئلينج نه ڪيو آهي ۽ اخبار پنهنجي خبر جي سچائي تي بيٺل آهي. ڊڪلين واش جي باري ۾ مون گذريل ڏينهن پريس ڪلب جي اڱڻ تي ويٺل سينئر صحافي ۽ بي بي سي جي اهم ليکڪ محمد حنيف کان سوال ڪيو. محمد حنيف جو چوڻ هو ته ڊڪلين وڏو عرصو اسلام آباد ۾ رهيو آهي، پاڪستان جي اهم ماڻهن سان سندس گهرا واسطا آهن. هڪ صحافي ناطي سندس پيشيوراڻو ڪردار سٺو رهيو آهي. محمد حنيف جهڙي ايماندار ۽ برجستي صحافي جا لفظ گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ هڪ پرک جي برابر آهن. ڊڪلين جيڪڏهن ايماندار يا پيشيور صحافي نه هجي ها ته حنيف سندس لاءِ اهڙا لفظ ڪو نه چوي ها. منهنجي سامهون ته اها ڪسوٽي به ڪافي آهي ته پاڪستان کيس اڻ وڻندڙ قرار ڏيئي ملڪ بدر ڪيو.

هن اسڪينڊل ۽ جعلي ڊگرين جي ڪاروبار بابت آمريڪي صحافي جي ان خبر کانپوءِ گذريل هفتي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڄو ڏينهن ٽي وي جي اسڪرين تي ڏسون پيا، پر کربين روپيا رکندڙ پاڪستان جي بل گيٽس: شعيب شيخ سافٽ ويئر جي دنيا ۾ جيڪو نالو ڪمايو، ان هڪ دفعو وري پاڪستان جي ماڻهن کي دوکيباز، دو-نمبري ۽ فراڊي ثابت ڪيو ۽ ائين ان جي مقابلي ۾ آمريڪي صحافي ڊڪلين واش پاڻ کي مڪمل پروفيشنل صحافي ثابت ڪيو. منهنجي سامهون هڪ دفعو ٻيهر قلم جي سگهه جو هڪ اعليٰ مظهر سامهون آيو آهي. مان فراڊ جي الزام جي ور چڙهيل ايگزيڪٽ ڪمپني جي ملازمن جي پريشانيءَ ۾ برابر جو شريڪ آهيان. سندن احتجاج ۾ به شريڪ آهيان پر مان ان ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ور چڙهيل صحافين کي اهو احساس ڏيارڻ ٿو چاهيان ته قلم اڄ به طاقتور آهي، جيڪڏهن ان جي پٺيان سچ هجي ته.

صحافت جو پيشو دڪانداري ناهي، نه ادب دوڪانداري آهي، نه دانش سگريٽن جي ڪيبن تي ملڻ واري ڪا شيءِ آهي، نه عقل جو ملهه هوندو آهي، نه ئي سچ جي قيمت. دنيا ۾ اڄ به صحافتي قدر ۽ اخلاقيات زنده آهن. اسان وٽ صحافت مري رهي آهي، اسين سچ لکڻ جو حوصلو ڪو نه پيا ڪريون پر جي سچ لکجي ته ميڊيا جا ادارا ۽ اخبارن ۾ اهو سچ سينسرشپ جي ور چڙهندو، پر ان جو اهو قطعي مطلب ناهي ته سچ لکڻ ڇڏي ڏجي؟ سچ ڪائنات جي وجود جو هڪ انتهائي صاف شفاف پهلو آهي، اهو مري نه ٿو سگهي. قلم مان سرجندڙ سچ ممڪن آهي ته عارضي طور تي ڏکيائين کي منهن ڏئي پر ان کي سدائين زنده رهڻو آهي. اچو ته گڏجي سچ لکڻ جو حوصلو ڪريون. ڇو ته قلم جي طاقت اڄ به سڀ کان وڏي طاقت آهي، صحافي سچ لکي ته جهان بهتر ٿي سگهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *