تازيون خبرون

قصو هڪ پروفيسر جو!: شفيق شاڪر

ان پروفيسر جو چهرو اهڙو ته ڀيانڪ هو جوڄڻ ته سائين جن تازو قبر مان اٿي آيا هجن. خدا شل اهو چهرو ڪنهن دشمن کي خواب ۾ به نه ڏيکاري. وڏيون ڦڏيون واسينگ جهڙيون بليڪن وائيٽ مڇون جن سندس وات مبارڪ جي اڌ حصي تي قبضو ڪري رکيو هو.خير سان هن کي مرڪندي ڪڏهن ڪنهن ڏٺو ئي نه هو جو اندازو لڳائي سگھجي ته سائينء جو انداز تبسم ڪهڙي غضب جو هوندو پر ڏسندڙن سندس رڳو غضب ئي غضب ڏٺو هو جنهن دوران سندس زبان کان وڌيڪ سندس مڇون لرزشي حرڪت ڪنديون هيون.سندس تڪيه ڪلام هو ته “ هي ڪهڙو ڪلاس آهي جنهن ۾ قبرستان واري خاموشي آهي؟” وري جيڪر ڪنهن شاگرد ڪو ابتو سبتو سوال پڇڻ جي حماقت ڪئي ته سامهون اهوئي آواز ايندو “ شٽ اپ، نان سنس!”سائين نه صرف عجيب هو پر باقائدي هڪڙو عجوبو هو. روسٽم تي بيٺو ته هڪ موضوع مان ٻيو،ٻئي مان ٽيون ۽ ٽئين مان چوٿون.نه ڪاما نه فل اسٽاپ،بريڪ تي پير صرف تڏهن رکندو هو جڏهن کيس چانھ لاء سڏ ٿيندو هو.سائينء جي واحد عينڪ جنهن کي مر مٽيء جو گهرو رنگ چڙهيل هوندو هو،موئن جي دڙي مان مليل نادراتن مان معلوم ٿيندي هئي.بار بار هائي ري ايڪٽر اسڪيل تي ڪنڌ ڌوڻڻ جي شوق سبب انهيء عينڪ کي رسن سان ٻڌڻ شايد ضروري ٿي پيو هجي.اصل قيامت ته تڏهن ڪرندي هئي جڏهن پروفيسر صاحب جي امتحان ۾ ڊيوٽي لڳندي هئي.گھڻا گھڻا معزز شاگرد پرچو شروع ٿيڻ کان پهرين امتحاني ڪمري ۾ تياري ڪرڻ نه پر پوين سيٽن تي جايون ڳولهڻ لاء پهچي ويندا هئا ته جيئن ايندڙ ٽن ڪلاڪن ۾ عذاب الاهيء کان محفوظ رهي سگھن.پر جن بدنصيبن کي اڳين سيٽن تي ويهڻ ئي مقدر بڻبو هو سي به پويان ويٺل شاگردن مان باهيون ان نموني ڪڍندا هئا جو اوچتو اڳين سيٽن تي ويٺل ڪنهن شاگرد رڙ ڪئي، “ سر! هي مون کان سوال جو جواب ٿو پڇي.” بس پوء ان پويان ويٺل جي ڄڻ شامت آئي.گرجدار آواز ايندو، “ اسٽينڊ اپ، گيٽ آئوٽ!”ڪنهن کي مجال جو وڌيڪ هڪ لفظ به ڪڇي سگھي،سمجھو ته تاريڪ راهن ۾ ماريو ويو.آخر ڪلاڪ ڏيڍ جي منٿ سماجت بعد غصي وچان کيس ڪاپي واپس ڪندي آخري وارنگ ڏيندي چوندو هو،“ دس از دي لاسٽ چانس فار يو.” هن جو دماغ ڪمپيوٽر وانگر ڪم ڪندو هو ۽ وقت جو سج وانگر پابند!

موڪل ڪرڻ ته هن جي ڊڪشنريء ۾ ئي شامل نه هو.هن جي بيماريء لاء بار بار گھريل دعائن باوجود هو ڪڏهن به بيمار نه ٿيندو هو.هو هڪ اهڙي مشين هو جنهن ۾ سندس مضمون ۽ موضوع کان سواء ٻيو ڪو مواد فيڊ ٿيل ئي نه هو. نه لطيفو،نه ڪا ڪهاڻي ء۽ نه ئي ڪو دلچسپ واقعو شايد ان ڪري جو هو پاڻ ئي هڪ دلچسپ مخلوق هو.جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جي بهترين ڪار ڪردگيء  کان خوش به ٿيندو هو ته پنهن جي ان پراڻي عينڪ جي پويان شاگرد کي اهڙين ته خونخوار نظرن سان ڏسندو هو جو خبر نه پوندي هئي ته شاگرد جي ان سٺي ڪارڪردگيء تي خوش ٿيو آهي يا سڙي رهيو آهي!

هونئن ته هن جي شخصيت جي تعريف ڪرڻ لاء ڪنهن کي ڳولهئي به ڪو مواد نظر نه ايندو هو پر چالاڪ شاگرد خوشامد جي طور تي سندس اوڻيھ سو ٻڙيء جي ڪوٽ،انگريزن جي دور جي پتلون ۽ ڪلهوڙن جي دور جي گھڙيء جي تعريف ضرور ڪندا هئا جواها ئي هن جي ڪمزوري هئي.اهڙن خوشامدڙين تي هو هٿ ڪجھ هلڪو رکندو هو. باقرخانيون جنهن کي عرف عام ۾ کارا بسڪوٽ چيو وڃي ٿو چانھ ۾ ٻوڙي کائڻ سندس من پسند شوق هو ۽ کائڻ وقت هو دنيا وما فيها کان لاتعلق بڻجي ويندو هو.جيڪر باقرخانين مان وهندڙ چانھ جي خوبصورت لار سندس سيني تي سري پيئي ته مڙيئي خير آهي هو ان کي صاف ڪرڻ جو خاص تڪلف نه ڪندو هو.پروفيسر صاحب کي جيڪر ڪا شيء گھڻو پريشان ڪندي هئي ته اهو هن جو هروقت وهندڙ نڪ هو.جنهن کي صاف ڪرڻ لاء کيسي مان بار بار رومال ڪڍي وقت ضايع ڪرڻ بدران ٻانهن جي ٻنهي قفن کي واري واري سان استعمال ڪري وٺندو هو.شاگردن جي لاء هونئن ته سڄو پروفيسر ئي هڪ آفت هو پر انهي کان به وڏي آفت سندس ڇڪ يعني نڇ هئي جيڪا ڪنهن زلزلي کان گھٽ نه هئي.نڇ اهڙي ڄڻ ته اوچتو ڪنهن ڪريڪر جو ڌماڪو ڪيو هجي.ان وقت شاگردن جي دل چاهيندي هئي ته حفاظتي تدبير تحت ڪرسين جي هيٺان هليو وڃجي پر ايئن ڪرڻ ممڪن نه هوندو هو.چانھ پروفيسر جي لاء پيٽرول جي مثال هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ ئي گھرائي وٺندو هو ۽ شاگردن کي صلاح ڪرڻ سواء اهڙي ته موسيقيء سان پيئندو هو جو سرڪ ڀرڻ جو آواز پوري ڪلاس کي ٻڌڻ ۾ اچي. کل ته ڏاڍي ايندي هئي پر ڪنهن کي کٽيء کنيو آهي جو چوي ته “ آ بيل مجھي مار”.

ڪا اسائينمينٽ ڪهڙي به بهترين لکي اچو پر وڌ ۾ وڌ ريمارڪس جيڪي ملندا هئا سي هوندا هئا،

“ فيئر، سيٽسفڪيٽري ” باقي “ گڊ، ويري گڊ يا ايڪسيلنٽ ” جا اعزاز هو ڪهڙي خلائي مخلوق لاء بچائي رکندو هو ان جي ڪنهن کي ڪا خبر نه پئجي سگھي!.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *