تازيون خبرون

قصور واقعي مان ڪنهن ڪهڙو سبق پرايو؟؛نسيم بخاري

قومي اسيمبليءَ جي عمارت ۾ قانون ۽ انصاف بابت جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين بشير محمود جي صدارت ۾ رپورٽ ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنسي ڏاڍائي ڪندڙ، ان عمل جي وڊيو ٺاهيندڙ ۽ تصويرون ڪڍندڙ جوابدار کي 7 سال قيد جي سزا ڏني ويندي ۽ کيس 5 لک ڏنڊ ڀرڻو پوندو. فوجداري قانوني ترميمي بل 2015ع ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مٿين عملن ۾ ملوث ماڻهو کي بنا ڪنهن وارنٽ جي گرفتار ڪيو ويندو ۽ ان جي ضمانت به نه ٿي سگهندي.

ٻارن تي تشدد ۽ فحش حرڪت ڪندڙ کي 3 سال قيد جي سزا ملندي ۽ 50 هزار ڏنڊ ڀرڻو پوندو. منظور ٿيل مٿئين فوجداري قانوني ترميمي بل ۾ جيڪي ڳالهيون چيون ويون آهن، انهن تي عمل ٿي به سگهندو يا نه، في الحال ان جي ڪا خبر نه آهي!؟ انهيءَ اجلاس ۾ اها تجويز به آڏو آئي هئي ته  ظالماڻي روش رکندڙ والدين کي به 2 سال قيد جي سزا جو فيصلو ٿيڻ گهرجي. اها تجويز به ڏني وئي ته جنسي زيادتي ڪندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ عمر قيد جي سزا اچڻ گهرجي پر انهن تجويزن تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ جن تجويزن تي اتفاق ٿيو آهي، جيڪي منظور ٿيڻ کانپوءِ قانون جي حيثيت رکن ٿيون، تن تي اثرائتو عمل ٿيڻ وري هڪ خواب محسوس ٿئي ٿو.مٿيون قانوني مسودو قصور ۾ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين واري انڪشاف کانپوءِ عوام آڏو آيو آهي، جتي جنسي مقصدن لاءِ معصوم ٻارڙن جو استعمال ٿيندو هو، انهن جون وڊيو فلمون ڀربيون هيون، جن جي وڏي پئماني تي مارڪيٽنگ ٿيندي هئي. خبرون ته اُهي به آهن ته انهن ٻاررن سان جنسي ڏاڍائي وارا منظر سنوان سڌا پاڪستان کان ٻاهر ڪجهه ملڪن ۾ ڏيکاريا ويندا هئا ۽ ننڍي عمر وارن ٻارڙن جون فحش فلمون باقاعده هڪ ڪاروبار بڻجي ويون هيون.قصور واري واقعي رياستي ادارن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين جا ڪن کڙا ڪيا هجن يا نه پر والدين کي ضرور پريشان ڪري ڇڏيو آهي. مٽن مائٽن جا ڪن کڙا ٿي ويا آهن. تعليمي ادارن ۾ پڻ انتظاميه ڳڻتين ۾ وٺجي وئي آهي. اڄوڪو دور جديد ترين دور آهي. ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ وارا واقعا بريڪنگ نيوز جي صورت ۾ رپورٽ ٿين ٿا، جيڪي اخبارن جي زينت بڻجن ٿا، ايس ايم ايس جي صورت ۾ اهي اطلاع پکڙجن ٿا، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا اهڙن واقعن کي تمام گهڻي پئماني تي پذيرائي ڏئي ٿي. پڪ سان اُهي خبرون، اُهي معاملا ننڍي عمر جي ڪچن ذهنن تي به اثرانداز ٿين ٿا. اوهان صبح جو ناشتو ڪري رهيا هجو، ٽي وي چئنل تي ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي واري ڪا خبر هلي ۽ توهان سان گڏ ويٺل ڪو ننڍڙو ٻارڙو اوهان کان اهو سوال ڪري ته بابا اِها جنسي ڏاڍائي ڇا ٿيندي آهي ته توهان جي دل جي ڪيفيت ڪهڙي ٿي ويندي؟ٻارن جو ذهن، وڏن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سوچي ٿو، هن جي دماغ ۾ وڏن کان وڌيڪ سوال پيدا ٿين ٿا ۽ هر نئين لمحي ۾ هو نت نيون کوجنائون ڪري ٿو. منظر ڏسي ٿو ۽ معاملا جاچي ٿو.ان ڪري هن دور ۾ ٻار جي ذهني ۽ نفسياتي صورتحال کي سمجهڻ ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ والدين لاءِ اڄ جي دور ۾ وڏي کان وڏي آزمائش آهي. اڄوڪو دور جنهن تيز رفتاريءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي. ان ساڳئي حساب سان فڪري ۽ اخلاقي طور زوال ڏانهن روان دوان آهي. ٻارڙن تي جيڪو ڌيان هجڻ کپي اهو نه ٿو ڏنو وڃي. ان ڪري ٻارڙا آسانيءَ سان ورغلائجي وڃن ٿا ۽ غلط ماڻهن جي هٿن ۾ استعمال ٿين ٿا. والدين پنهنجي مصروفيتن سبب اولاد جا سٺا دوست ثابت نه ٿا ٿين. ان ڪري ٻارن کي جيڪو خال محسوس ٿئي ٿو، سو ڪنهن ٻئي طرح سان ڀرجي ٿو.ٻارڙن جي اٿڻ ويهڻ، پڙهڻ، سمهڻ، ڳالهائڻ مطلب ته هر انداز ۽ هر چرپر کي مانيٽر ڪرڻ وارو رجحان ڏينهون ڏينهن، والدين کان وسرندو ۽ نظرانداز ٿيندو پيو وڃي. ٻارڙن جي محبت ۾ ڪڏهن ڪڏهن والدين هنن جون اهي فرمائشون به پوريون ڪن ٿا، جن جا نتيجا فائدي بدران نقصان ڏين ٿا. والدين پنهنجي پٽ جي پڙهائي ۾ اڳڀرائي جون اُميدون رکن ٿا پر موٽ ۾ ٻار علمي، اخلاقي ۽ فڪري حوالي سان اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ٿيندو وڃي ٿو.

هڪڙي ٻار پيءُ سان فرمائش ڪئي ته مون کي موبائل وٺي ڏي. پيءُ جڏهن هڪ سادو موبائل سيٽ کيس حوالي ڪيو ته ٻار چيو ته مون کي ٽچ (Touch) اسڪرين وارو وڏو سيٽ کپي، جهن ۾ مان ميموري ڪارڊ ذريعي نعتون ٻڌان!

هاڻي توهان اندازو لڳايو ته ڇا اهو ٻار واقعي به فقط نعتن ٻڌڻ ۽ سکڻ جي شوق ۾ اهڙو نخرو ڪندو هوندو! اهڙي ئي طريقي سان ٻارڙا ڪمپيوٽر جي فرمائش ڪن ٿا، الڳ ڪمرن جو مطالبو ڪن ٿا. ٽيبليٽ پي سي يا ليپ ٽاپ گهرن ٿا. موٽر سائيڪل جي گهر ڪن ٿا ۽ ون ٽو فائيو کان هيٺ نٿا وٺن.

هاڻي اها سڄي سوچ ڪهڙي رخ کي جنم ڏئي ٿي ۽ سامهون آڻي ٿي. ٻارڙن کي توهان ٽيوشن پڙهايو يا ڪنهن سينٽر تي موڪليو ته استاد جي چونڊ کان سينٽر جي پسند تائين اهي پنهنجي من ماني ڪن ٿا. سوال اهو آهي ته آخر اهو سڀ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇا سبب آهي جو اسان جا ٻارڙا اسان کي ٿا سيکارين ته ڇا ڪرڻو آهي؟ اسان جو ٻار 24 ڪلاڪن ۾ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪهڙي ماحول ۽ ڪيفيت مان گذري ٿو، اسان ان کان اڻ ڄاڻ رهون ٿا.

اسان ٻارڙن جي سوچ ۽ ان جي سرگرمين تي اک نه ٿا رکون. اسان ٻارڙن جي ڏکن، خوشين ۽ خواهشن ۾ دلچسپي نه ٿا وٺون. اسان جي خودغرضي، غفلت، سستي ۽ ڪاهلي ظاهر آهي ته ٻار کي بهتر تربيت کان پري ڪري ڇڏيندي ۽ جڏهن اهو فاصلو وڌيو ته سمجهو ٻار اوهان جي هٿن مان نڪري ويو. اوهان ٻار جي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت نگراني ڪندا؟ اهو سڀ کان وڏو امتحاني مرحلو آهي، ٻاڙرن کي گهربل ڌيان نه ملڻ جي نتيجي ۾ اهي منشيات جا عادي به ٿين ٿا. احساس محرومي کين چوريءَ سميت شارٽ ڪٽ جا سمورا دڳ رستا به ڏيکاري ٿي ۽ اُهي ڏوهن جي دنيا ۾ به پنهنجو رڪارڊ قائم ڪن ٿا ۽ ڏوهن جي دنيا لاءِ آسانيءَ سان استعمال به ٿين ٿا. هاڻ ته خودڪش بم حملن ۾ به ٻارڙن جو استعمال منظرعام تي آيو آهي. ٻارڙا ڇاڪاڻ ته ڪچي ذهن جا هجن ٿا، انهن کي نفعي ۽ نقصان جي پرک نه هوندي آهي. ان ڪري انهن کان ڪو به غلط ڪم آسانيءَ سان وٺي سگهجي ٿو ۽ اڄ جي دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي ائين ئي ٿي رهيو آهي.

اسان جي حڪومت جو اهو فرض آهي ته تعليمي ادارن ۽ عام هنڌن تي ٻارڙن جي سرگرمين کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪو سسٽم متعارف ڪرائي. استادن ۽ والدين جون ڪميٽيون پڻ اهڙن معاملن ۾ دلچسپي وٺن، جن جو ڪم نه رڳو ڪنهن ٻار جي حوالي سان امڪاني خطرن کي روڪڻ هئڻ گهرجي پر اُهي انهن امڪانن تي به ڪم ڪن، جن جي نتيجي ۾ ٻارڙو گهٽ ٿي ڀٽڪي سگهي ٿو. اسان جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين جي ايجنڊائن ۾ ٻارڙن سان لاڳاپيل مسئلا ترجيح تي هئڻ گهرجن. ڇو ته ٻار مستقبل جا معمار آهن. ٻار وڏڙن جي پڇاڙيءَ ۾ مضبوط سهاري وارو ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻار قومن جي زندگي ۽ تقدير ٺاهڻ يا ڊاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا.

ٻار غلط صحبت، بُرين عادتن، جهالت ۽ خراب ماحول جو شڪار ٿيندا ته ظاهر آهي ردعمل ۾ نتيجا به خراب ئي نڪرندا. ان ڪري ٻارن جي ذهني، فڪري، علمي نفسياتي ۽ اخلاقي تربيت وقت جي ضرورت آهي. ٻار اسان وڏن جي عادتن، سرگرمين ۽ هر چرپر کي نگاهه ۾ رکي ٿو ۽ انهن سمورين سرگرمين جا اثر قبول ڪري. اسان شروع شروع ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍاين بابت سرڪاري سنجيدگي جو ذڪر ڪري آيا آهيون ۽ ٻڌائي آيا آهيون ته قومي اسيمبليءَ جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽيءَ کي ٻارڙن جي حوالي سان ڪيتري ۽ ڪهڙي ڳڻتي آهي ۽ اهو به ٻڌائي آيا آهيون ته اها ڪاميٽيءَ ڪهڙا فيصلا منظر ڪيا آهن ۽ ڪهڙين تجويزن تي سوچ ويچار ڪئي آهي؟

اصل ڳالهه ڪنهن مسودي جي منظوريءَ جي ناهي پر اصل ڳالهه قانون ۽ آئين ۾ طئه ٿيل نقطن تي عمل جي آهي. اسان وٽ ته اعليٰ عدليه به مختلف وقتن تي هڪ ٻئي سان تضاد ۾ ايندڙ حڪم ڏنا ۽ هدايتون جاري  ڪيون. ڪنهن به رياست ۾ بنيادي اهميت قانون جي بالادستي جي هوندي آهي. اسان جي اها بدقسمتي آهي ته پاڻ وٽ قانون جي بالادستي ڳولهي نه ٿي لڀي. پر قانون جي لتاڙ جتي ڪٿي آهي. اهو ئي سبب آهي ته قانوني ڀڃڪڙيون وقت سان گڏ وڌيون آهن ۽ اڃا به انهن جي وڌڻ جو ئي امڪان آهي.

رياست پنهنجي رٽ کي رائج ڪرڻ جي حوالي سان جيتري غير سنجيده آهي، ايتري غير سنجيده دنيا جي ڪا به رياست ناهي ۽ رياست ان ڪري من مستيون ٿي ڪري ڇو ته اسان جا سياستدان عوام جي بنيادي مسئلن تي سنجيدگي نٿا ڏيکارين، اُهي معاملا ٺيڪ ڪرڻ بدران بگاڙي رهيا آهن، اهڙي بگاڙ پٺيان سندن معاشي مفاد لڪل آهن. اسان وٽ ڏوهه صنعت جي حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ڏوهاري سياستدانن، ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن جا ڪمائو ڪاٽڪو ٿين ٿا.

اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڊيو گيمز ۽ هوٽلن تي فحش فلمون وڏي پئماني تي هلن ٿيون. اسڪول ٽائيم ۾ انهن تي بندش پوڻ کپي پر اهڙي ڪا به پابندي عملي طور آڏو نه آئي آهي. ظاهر آهي ته جيڪي به ماڻهو اهڙن غلط ۽ ڪڌن عملن ۾ حصيدار آهن اُهي ڪنهن نه ڪنهن جا واسطيدار ۽ ووٽر آهن، انهن کي تر جي ڪنهن خان، پير، ڀوتار ۽ سردار جي ٽيڪ ضرور آهي، ان هوڏ ۽ هٺ سبب هنن جي قانون تي ڪا تڪ ئي ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته قصور واقعي جي جوابدارن کي جهڙيءَ ريت ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کپندو هو يا جيئن هنن جو گهيرو تنگ ٿيڻ کپندو هو يا ان سڄي پس منظر ۾ تفصيلي ۽ تحقيقي رپورٽنگ ٿيڻ کپندي هئي اُهو سڀ نه ٿيو آهي، حقيقت ۾ انهن ماڻهن کي عبرت جو مثال بڻائڻ گهرجي ته جيئن ٻيا ماڻهو عبرت حاصل ڪن پر اسان وٽ عبرت جا جواز پيدا ٿيڻ ئي نه ٿا ڏنا وڃن. هتي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته اهڙن واقعن سان پاڪستان جي عالمي سطح تي جيڪا ساک ۽ پت خراب ٿئي ٿي يا ڪيتري خواري جا ڪارڻ ۽ جواز پيدا ڪري ٿي! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ٻارڙن جي حقن لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيمن به هن اهم ۽ سنگين نوعيت واري واقعي تي فقط خانه پوري ڪئي آهي، جنهن تي افسوس به آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *