تازيون خبرون

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ۽ پ پ پاران ڪوٺايل اي پي سي..!!!:

پاڪستان پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي واڌ واري معاملي تي آل پارٽي ڪانفرنس(اي پ سي) ڪوٺائي وئي جيڪا بنا ڪنهن نتجي ختم ٿي،پاڪستان پيپلزپارٽِي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هوُ فوجي عدالتن جي خلاف ۾ آهي ۽ جيڪڏهن انهي فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ کي جيڪڏهن ملڪي حالتن کي سامهون رکي ڪري ضروري سمجهيو ويو ته پارٽي پنهنجو بيان بدلائي سگهي ٿي،جڏهن ته ان حوالي سان (اي پي سي) جلاس اندر جيڪي ٻيون پارٽِيون شريڪ ٿيون هنيون انهن پارٽِين کي به ساڳئي بيان جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو هو،اجلاس اندر ٽوٽل تيرهن سياسي جماعتن حصو ورتو جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف انهي اجلاس اندر شرڪت نه ڪئي.۽ پاڪستاني حڪومت واري سياسي پارٽي مسلم ن ليگ کي دعوت ئي نه ڏني وئي هئي.فوجي عدالتن کي ڪم ڪندي ٻه سال گذري چڪا آهن ۽ جڏهن فوجي عدالتن جو قيام وڌو ويو ته انهي قيام کي پاڪستاني اندر هڪ آئيني شڪل ڏئي ڪري انهي بل کي منظور ڪيو ويو هو. ۽ ان وقت فوجي عدالتن جي قيام جي منظور ڪيل بل ۾ پ پ جي شامل هئي جيڪا پارٽي فوجي عدالتن واري قيام جي منظوري مان خوش هئي.۽ ان وقت پيپلزپارٽي جي سياسي ماحول اندر ڪجهه اهڙا به سياسي اڳواڻ هئا جيڪي انهي فوجي عدالتن واري قيام مان خوش ڪون هئا ۽ کين ان وقت به فوجي عدالتن واري قيام تي اعتراض هو.پر پوءِ به اهي سياسي اڳواڻ پارٽي جي ڪيل فيصلي جي خلاف ڪون ويا ۽ فوجي قيام واري ووٽن ۾ سندس ووٽ فوجي عدالتن جي حق وارو فيصلو شڪل اختيار ڪري ويو،۽ پوءِ پاڪستان اندر فوجي عدالتن جو قيام عمل ۾ آيو. جيڪو ست فيبروي تي پنهنجي ٻه سالن جي مدي کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو،۽ جڏهن هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي کي ڏسندي انهي فوجي عدالتن جي قيام جي ضرورت پئي ته حڪومت پاران پارليامينٽ جماعتن سان رابطي جو سلسلو جاري ٿي ويو.جنهن جو مقصد هو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪئي وڃي يا نه.جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن انهي فوجي قيام جي مدي واري واڌ ۾ سورهن آنا راِضي هئي ۽ ٻيون ته ڪيتريون پارليامينٽي پارٽيون انهي ن ليگ جي ڪيل فيصلي تي راضي هنيون،حڪومت پاران انهي فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ ۾ ڪيترائي اجلاس ڪرايا پر جڏهن حڪومت پاران فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ ۾ ٽي سال جي عرصو ختم ڪري ٻه سال جو عرصو رکيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت جي انهي فيصلي جي حمايت ڪئي،جنهن وقت حڪومت پاران فوجي عدالتن جي واڌ واري اجلاس ٿيو ۽ حڪومت جي ڪيترين ئي سياسي جماعتن جي حمايت حاصل ٿي ته ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ جي خلاف هي(اي پي سي) اجلاس ڪوٺايو ويو هو جيڪو بنا ڪنهن تنيجي جي ختم ٿي ويو.ڇو ته اها ڳالهه ظاهر هئي ته پپيلزپارٽي کان سواءِ ئي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي واڌ ۾ سياسي جماعتن جي اڪثريت حاصل ڪري ورتي ته پ پ پاران ڪوٺايل اجلاس بي معنيٰ رهجي ويو.
پر پيپلزپارٽي پاران سياسي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙو اجلاس ڪوٺائڻ ضروري سمجهيو.پر فوجي عدالتن جي واڌ ۾ حڪومت کي جنهن آئيني ترميم جي ضرورت آهي حڪومت اها اڃان به پارليامنٽ مان حاصل نه ڪري سگهي آهي،پر حزب اختلاف جي جماعتن جو اتحاد جي تعاون سان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.انڪري ٿي به سگهي ٿوته پاڪستان پيپلزپارٽي اهڙي جڙندڙ ماحول کي ڏسي ڪري فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ جي منظوري جي حمايت ڪري ڇڏي.!پر جيڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي انهي فوجي عدالتن جي مخالف جاري به رکي ته مان سمجهان ٿو ته حڪومت حزب اختلاف واري جماعتن کي پنهنجي اعتماد ۾ وٺندي اهو فوجي عدالتن وارو بل منظور ڪرائي وٺندي.!!فوجي عدالتن جي ڇو ضرورت آئي جڏهن ته ملڪ اندر سيول عدالتي نظام ته هلندڙ آهي ۽ عدالتون پنهنجو ڪم به سرانجام ڏئي رهيون آهن پر جيڪڏهن اسانکي فوجي عدالتن جي ملڪ اندر ضروتن جي ڄاڻ وٺڻي آهي ته پوءِ اسانکي ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي جي پهرِين ڇيڙي کان آخري ڇيڙي تائين پهچڻو پوندو.ڇو ته دهشتگردن نه رڳو وڪيلن پر ججن کي به مختلف قسمن جي ڌمڪيون ڏنيون آهن.جڏهن ته ڌمڪين جو سلسلو نه کٽندڙ نظر پيو لڳي.ڪوئٽا اندر ٿيندڙ حملي ۾ ڪيترائي جج ۾ وڪيل انهن دهشتگردن جو نشانو بڻجي چڪا آهن.جڏهن ته انهي حملي اندر نه رڳو وڪيل ۽ قابل جج صاحبان نشانو بڻيا پر ائين نه ڇوڻ ڪجهه غلط نه ٿيندو ته انهي حملي اندر ججن ۽ وڪيلن جي هڪ مڪمل جماعت ختم ٿي وئي.جنهن سان ملڪ جي عدالتن جي هڪ وڏو ڌچڪو لڳو.انڪري انهن ڪيس کي فوجي عدالتن اندر آندو ويو ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪيس هلايا ويا ۽ انهن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ ڪنهن به قسم جي ڌمڪي جي پراوهه نه ڪئي وئي.جڏهن ته اڃان ٿورو ئي عرصو ٿيو آهي جو پشاور اندر ججن ۽ وڪيلن جي گاڏين تي حملو ڪيو ويو.جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته عدالتن ججن کي نه رڳو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر انهن کي دهشتگردي جو نشانو به بڻايو پيو وڃي.۽ انکان علاو ملڪ جي عوام کي به دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي،انڪري اهڙي ماحول فوجي عدالتن جي قيام کي حڪومت ضروري سمجهيو.جڏهن ته فوجي عدالتن جي قيام مان اهو به ثابت ٿيو ته آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کانپوءِ فوجي عدالتن اندر ملندڙ سزائن جي ڪري دهشتگردي اندر چڱي خاصي ماٺار ڏسڻ ۾ آئي.انڪري حڪومت پاران فوجي عدالتن جي قيام جي مدي ۾ ٻه سال جي واڌ جي منظوري ڏني آهي جنهن مان ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون خوش به ته ڪيتريون ناخوش به آهن،جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي انهي فوجي عدالتن جي مدي واري واڌ جي مخالف ڪري رهي آهي انڪري حڪومت جي گهرجي ته جيڪڏهن ملڪ لاءِ فوجي عدالتن جو قيام ضروري آهي ته حڪومت کي سموري جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺِي جيڪڏهن ڪو فيصلو ڪيو وڃي ته اهو بهتر فيصلو ٿيندو ملڪ لاءِ به ۽ ملڪ جي قوم لاءِ به…!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *