تازيون خبرون

فوجي عدالتن جي حق ۾ آيل فيصلو!؛نسيم بخاري

سپريم ڪورٽ پاران فوجي عدالتن ۽ ارڙهين، ايڪيهين ترميمن جي حق ۾ آيل فيصلي کانپوءِ نت نوان بحث مباحثا شروع ٿي ويا آهن. هڪ طرف فوجي عدالتن مٿان سپريم ڪورٽ جي لٽڪندڙ امڪاني تلوار هميشه هميشه لاءِ هٽي وئي آهي ته ٻئي طرف ارڙهين ترميم کي آئيني تحفظ سان گڏوگڏ عدالتي تحفظ به ملي ويو آهي. هاڻ فوجي عدالتون بنا ڪنهن هٻڪ ۽ جهجهڪ جي ڪم ڪنديون، انهن کي ڪو اونو ڪا اڻ تڻ ڪا پريشاني ڪو خطرو نه هوندو. جتي اُهي بنا ڪنهن خوف جي ڪم ڪنديون اُتي انهن جي اثر هيٺ ايندڙ ڏوهاري وڌيڪ ڏڪندا ۽ ڪنبڻ لڳندا. اڙهين ترميم ذريعي صوبن کي مليل جيڪي کاتا اڃا تائين وفاق جي وڪڙ ۾ هئا، اُهي هاڻ اصولي، آئيني ۽ عدالتي تحفظ کانپوءِ صوبن حوالي ڪرڻ اڻٽر ٿي ويا آهن، جنهن سان صوبن جي ڪارڪردگي به بهتر ٿيندي ۽ سندن اپت ۾ به اضافو ٿيندو. فوجي عدالتن جي ڦڙتي سان گهڻو تڻو جيڪي ماڻهو جيل ويندا يا قانون جن کي پڪڙ ۾ آڻيندو، تن ۾ انتهاپسندن ۽ دهشت پکيڙيندڙ تنظيمن سان تعلق رکندڙ ڏوهارين جو وڏو تعداد ڏچي ۾ ايندو.

اڃا جڏهن سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ئي نه هو ته ايم ڪيو ايم ۽ رينجرز هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪايو بيٺا هيا. هڪ طرف رياست ۽ ان جا ادارا هئا ته ٻئي طرف رياست اندر پنهنجي مرضيءَ جي رياست جا خواب ڏسندڙ همراهه هئا. اڃا ڪالهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي ته ڊي جي رينجرز جي دفتر مان هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار کي خط لکي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پوليس اهلڪارن جي خون ۾ گهربل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ٻانهن گهُري ورتي آهي. هن خط ۾ ايم ڪيو ايم جي جن ڏوهارين جي ٻانهن گهري وئي آهي، انهن تي الزامن جا وچور به وائکا ڪيا ويا آهن. هن وقت انهن جو جيڪو متحده سان تعلق آهي سو به ٻڌايو ويو آهي. متحده جي سربراهه الطاف حسين پاران مهاجرن جي رت وهڻ تي ڀارت پاران ڪنهن به افسوس ۽ مدد نه ڪرڻ وارين ميارن بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ جيڪا ڪاوڙ جي لهر اڀري آئي آهي ۽ جهڙيءَ ريت خيبر پختونخواهه اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪري الطاف حسين جي انٽر پول ذريعي گرفتاريءَ کي يقيني بڻائي، پاڪستان ۾ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سزا ڏيارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي يا جيئن پنجاب ۽ بلوچستان حڪومتون به اهڙا ٺهراءُ پاس ڪرائڻ لاءِ متحرڪ ٿيون آهن، اُهي سڀ سرگرميون نه فقط الطاف حسين پر پوري پارٽيءَ کي سياسي طور سوڙهو ۽ اڪيلو ڪري رهيون آهن.

الطاف حسين تي ويجهن ڏينهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻه اڍائي سئو غداريءَ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايم ڪيو ايم اها دعويٰ ڪئي آهي ته سندن آباديءَ جو 72 سيڪڙو عام ماڻهو چاهي ٿو ته الطاف حسين ايم ڪيو ايم جو سربراهه بڻيل هجي، جنهن جو هڪڙو مطلب اهو به ٿئي ٿو ته اردو آباديءَ جا ٽي حصا ماڻهو الطاف حسين جي هر لفظ ۽ هر عمل جي تائيد ڪن ٿا.

هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن سچ پچ به ايڏا وڏا پرستار الطاف حسين تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪن ٿا، نه فقط ان جي ها ۾ ها ملائين ٿا پر ان جي حڪم تي سِر به ڏئي سگهن ٿا ته ڇا انهن سڀني ماڻهن تي الطاف حسين جي ساٿاري وارو ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو؟ الطاف حسين جهڙيءَ ريت ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي پنهنجي ساک پت ٺاهي آهي، ان آڌار تي ڪو به عقل فهم وارو ماڻهو ان جي ويجهو اچڻ پسند نه ڪندو. ايم ڪيو ايم جهڙيءَ ريت الطاف حسين جي وارثي ۽ وڪالت ڪندي آئي آهي، الطاف حسين اهڙي ئي تيزيءَ سان پنهنجي عهديدارن، رابطا ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ مک ماڻهن تي الزام هڻي عهدا کسيندو آيو آهي. سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته سڀاڻي جيڪڏهن الطاف حسين جا رد ڪيل ماڻهو قانون جي ڪنهن وٺ پڪڙ هيٺ اچن ٿا ته ڇا ڪو ردعمل ظاهر نه ٿيندو؟

ايم ڪيو ايم اندر جيڪا ڀڃ ڊاهه ۽ گروپ بندي عملي طور تي آڏو اچي چڪي آهي، ان جو اندازو ٻڌائي ٿو ته هنن جي اندر به ٽولا آهن. اُها الڳ ڳالهه آهي ته انهن جا جهيڙا دٻيل رهن ٿا ۽ سندن اختلاف لُڙ نه ٿا ثابت ٿين. هنن جي اندروني ويڙهه ’اندر جون مُڪون اندر ۾‘ وانگر آهن پر هاڻ صورتحال جنهن ڳنڀيرتا سان سامهون اچي رهي آهي، تنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪانه ڪا هڪ هڪاڻي ٿيڻ واري آهي. اهوئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم اڄ جهڙيءَ ريت رياست ۽ رياستي ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسيءَ تي عمل ڪري رهي آهي، اها اڳ ڪڏهن به مهاڏي يا جهيڙي جي موڊ ۾ ڏسڻ ۾ نه آئي هئي.

ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهن ۽ جهڙيءَ ريت اکيون اکين ۾ ملائي حڪومتن سان جهيڙي رهيا آهن، انهن جو اهڙو عمل اهو ٻڌائي رهيو آهي ته هنن جي من ۾ ڪهڙو مانڌاڻ متل آهي. اڄ به فاروق ستار جو اُهو بيان شايع ٿيو آهي ته ماضي ۾ مهاجرن سان جيڪي ظلم ۽ ڏاڍايون ٿيون، اُهي ته برداشت ڪيوسين پر اسان جي نئين ٽهي ڪڏهن به ڪجهه ڪري سگهي ٿي، جن کي اسان روڪي نه ٿا سگهون ۽ نه وري انهن جي ڪائي ضمانت کڻي سگهون ٿا. لڳ ڀڳ لفظن جي ٿوري گهڻي فرق سان الطاف حسين به هر ڀيري اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندو آيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته رياستي ادارن به ايم ڪيو ايم جي نيت کي پرکي ورتو آهي ۽ ان ڪري ئي اهي تحرڪ ۾ اچي ويا آهن ۽ متحده کي حيلن بهانن سان پنهنجي حيثيت ۾ رهڻ جي شعوري ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم اڄ انصاف جا  مطالبا ڪري ٿي ۽ مظلوميت جو راڳ آلاپي ٿي پر ايم ڪيو ايم بابت ڏيهي ۽ پرڏيهي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جيڪي دهشت ۽ وحشت سان ڀرپور خبرون رپورٽ ڪندي آئي آهي، اهو تعارف سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ رهي پنهنجي ڪميونٽي کي ۽ واسطيدار ووٽرن جي علائقن کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جون شاندار شاهراهون وٺرايون پر ٻين قومن ۽ علائقن کي اوتري ئي تيزيءَ سان پوئتي ڌڪيو ۽ چٿيو نه فقط ايترو پر پاڻ کي هر حوالي سان احساس برتريءَ وارو اوج وٺرائي ۽ ٻين کي گهٽ سمجهيو ۽ محسوس ڪرايو.

ايم ڪيو ايم مظلومن، محڪومن، حقدارن ۽ ڌرتي ڌڻين جي وسيلن کي جهڙيءَ ريت بيدرديءَ سان لٽيو ڦريو، اهڙي ئي تيزيءَ سان پنهنجي ڪميونٽيءَ کي معاشي حوالي سان مستحڪم ڪيو ۽ انهيءَ سڄي سلسلي ۾ ناجائزيون، ناانصافيون ايڏي زبردست ۽ منظم طريقي سان ڪيون ويون جن جو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ ڪنهن به ڪميونٽي ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي زندگيءَ جي هر موڙ تي ۽ هر هنڌ ايتري ڏاڍائي نه ڏيکاري آهي جهڙو ايم ڪيو ايم جو تعارف ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي.

ايم ڪيو ايم بابت مٿيان حوال ايم ڪيو ايم سان منهنجي ڪنهن اختلاف، ساڙ ۽ تنقيد جو ردعمل ناهن پر توهان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تازو الطاف حسين خلاف داخل ٿيل ٻه اڍائي سئو ڪيسن جا وچور پڙهي ڏسو. اوهان ڪجهه مهينا اڳ ايس ايس پي ملير رائو انوار جي پريس ڪانفرنس تي نظر وجهو ۽ بي بي سي پاران ايم ڪيو ايم خلاف هڪ ٻئي پٺيان آيل اسٽوريون نظر مان ڪڍو، توهان پيپلزپارٽيءَ جي ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وڏي وزير قائم علي شاهه پاران وقت به وقت ڪيل پريس ڪانفرنسن کي نگاهه ۾ رکو، اوهان ڊي جي رينجرز جون گذريل ٽن چئن مهينن دوران جاري ڪيل پريس پڌرايون ۽ پريس ڪانفرنسون ڏسو، اوهان کي اهو معلوم ڪري وڏي حيرانگي ٿيندي ته ايم ڪيو ايم ڇا آهي ۽ ان جي عسڪري ونگ ڪيترا ۽ ڪهڙا ڀوائتا مهانڊا ٿي رکي.سو فوجي عدالتن جو قيام انتهاپسنديءَ وارا ڪيس اڪلائڻ هو ۽ جنهن کي هاڻ عدالتي تحفظ به ملي ويو تن ۾ جيڪڏهن ڏوهارين جا ڪيس به هلن ٿا ۽ مجرمن کي سزائون به ملڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ته اُن سان مُلڪ خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ پکڙيل انتشار ۾ واضح ڪمي ڏسڻ ۾ ايندي.

ماڻهو فوجي عدالتن کان ڏاڍو ڊنل آهن ۽ اهي ڏڪن ڊڄن ٿا. ڇو ته اتي بچڻ ايترو آسان ناهي جيئن ڏوهاري عام حالتن ۾ ڏئي وٺي جان ڇڏائيندا آهن. فوجي عدالتن ۾ جيڪڏهن تيزيءَ سان ڏوهاري سزائن هيٺ اچڻ شروع ٿيا ته ان سان ملڪ ۾ قانون جي بالادستي واري احساس کي هٿي ملندي. ماڻهن جو انصاف تي ويساهه پختو ٿيندو ۽ خود اسان جو موجوده عدالتي سسٽم وڌيڪ مضبوط ۽ متحرڪ ٿيندو. فوجي عدالتن سان عام عدالتن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيڻ جا چٽا آثار ڏسجن ٿا ۽ جيڪڏهن انصاف کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اُهي ٻنهي قسمن جون عدالتون پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر وسان نه ٿيون گهٽائن ۽ عوام جي اُميدن تي پوري لهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن ٿيون ته عدالتن جي اهڙي عمل سان سياسي ڏوهارين، عام ڏوهارين، انتهاپسندن، دهشتگردن، ڌاڙيلن، ڀتاخورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز ڏانهن به سڌري وڃڻ جو يا منظر تان ئي غائب ٿيڻ جو نياپو ويندو!

اُهي مٿيان عوام ۽ ملڪ دشمن، عنصر جيڪڏهن پنهنجون سرگرميون گهٽائن يا مضبوط ڪن ٿا ته اُهو به هر حوالي سان ملڪ جي ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي ۽ سڀ کان اهم ۽ سگهارو سوال اهو آهي ته ڇا اسان جون حڪومتون، اسان وٽ انصاف جي فراهمي ۾ واقع به مخلصاڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي نيت رکن ٿيون؟ ڪٿي حڪومتي مصلحتن، اهم مقصدن کي مفاهمت جي اڏيءَ تي قربان ته نه ڪنديون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *