تازيون خبرون

فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس سرگرم ٿي ويئي: خليل ڀٽي

ٺل شهر جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان اڄ کان تقريبن ڏه سال پهريان هڪ معصوم نينگري فضيله سرڪي کي اغواءَ ڪيو ويو هو، جنهن جي ڳولا سندس وارثن وس آهر ايتري ڪئي جيتري سندن سگھ هين پر هنن جي ڪوششن رنگ نه لاتو، فضيله سرڪي جي پيءُ عبدالرزاق سرڪي ۽ سندس والده سڪينه سرڪي پنهنجا لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسين فضيله کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيا آهيون ۽ اسان جا اهي ڏه سال روئندي ۽ رڙيون ڪندي گذريا آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به شخص فضيله جو ڏس پتو نه ڏنو آهي ۽ ڏهن سالن کان اسين پريس ڪلب ٺل آڏو احتجاج ڪندا رهيا آهيون پر ڪنهن به وڏيري ۽ ڪنهن به سرڪاري ڪاموري اسان جي مدد نه ڪئي ۽ آخر اسين مجبور ٿي پريس ڪلب ٺل آڏو ويهي رهيا سين جتي هزارن جي تعداد ۾ مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اسان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ آيا پر پوءِ به ڏوهاري ماڻهن جي ڪن تي جونءِ به چري.

فضيله سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي ٻڌايو گذريل سال شڪارپور پوليس ۽ گھوٽڪي پوليس هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي هئي جتي پوليس جو مقابلو ڌاڙيلن سان ٿيو جتان پوليس ٻه نينگريون گرفتار ڪري ورتيون هيون ۽ پوليس جو چوڻ هو ته انهن ڇوڪرين ۾ هڪ فضيله سرڪي آهي پر جڏهن اسين انهن چوڪرين کي ڏٺوسين ته انهن ۾ فضيله نه هئي سو اسين ائين ئي مايوس ٿي موٽي آياسين سو هاڻي اسين پريس ڪلب تي ويٺا ٿا احتجاج ڪريون.

گذريل ڏينهن ٺل شهر جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي ۽ ضلعي جيڪب آباد جو ايس ايس پي جناب ساجد حسين کوکر صاحب به فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ هلندڙ احتجاج جو دورو ڪيو ۽ احتجاج ۾ پڻ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي احتجاج ڪندڙن کي دلجاءِ ڏني ته هن وقت ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ نهايت ئي ايماندار ۽ باصلاحيت ايس ايس پي ساجد حسين کوکر اچي چڪو آهي سو تمام جلد ئي فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو، ان موقعي تي آيل ايس ايس پي جناب ساجد حسين کوکر به متاثرين سان ملاقات ڪري کين فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائڻ جي پڪ ڏني، ايس ايس پي ساجد حسين کوکر چيو ته فضيله سرڪي کي اغواءَ ٿئي تمام گھڻو وقت گذري چڪو آهي جڏهن ته هن وقت اهو معلوم ٿيو آهي ته فضيله سرڪي بلوچستان جي ڪنهن علائقي ۾ موجود آهي سو سنڌ پوليس پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪندي ته فضيله سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي، ان کان اڳ ٺل شهر جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي چيو ته فضيله سرڪي اسان جي نياڻي آهي سو اسين به پوليس جي ڀرپور مدد ڪنداسين.

ايس ايس پي جيڪب آباد جناب ساجد حسين کوکر فضيله سرڪي جي والد عبدالرزاق سرڪي ۽ فضيله سرڪي جي امڙ سڪينه سرڪي کي چيو ته هاڻي توهان هي احتجاج ختم ڪريو ۽ آءٌ توهان کي يقين ڌياريان ٿو ته فضيله سرڪي کي ٻن مهينن اندر بازياب ڪرائي .

ڏيندس، ايس ايس پي صاحب جي اها ڳاله فضيله جي والدين لاءِ خوشي جي نويد کڻي اچي رهي آهي، سو انهيءَ خوشي اسين احتجاجي ڪيمپ ختم ڪيون ٿا، فضيله سرڪي جي والد صحافين کي ٻڌايو ته ايس ايس پي صاحب ۽ ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي اسان سان واعدو ڪيو آهي ته ڦصيله سرڪي کي ٻن مهينن اندر بازياب ڪرايو ويندو، سو جيڪڏهن فصيله سرڪي ٻن مهينن اندر بازياب ٿي نه سگھي ته اسين ٻيهر احتجاج شروع ڪنداسين.

سو سائين هاڻي اصل ڳاله آهي پوليس جي جيڪڏهن پوليس سڌي ٿي پوي ته هواغواءَ ٿيلن کي هڪ ڏينهن ۾ بازياب ڪارئي سگھي ٿي پر خدا ڪري ته شال پوليس سڌي هجي، سو هاڻي مقصد جي ڳاله اها آهي ته فضيله سرڪي جي بازيابي هڪ ڳجھو راز بڻجي چڪو آهي ۽ اها به خبر نه ٿي پوي ته فضيله اصل ۾ آهي ڪٿي….. ؟؟ هونئن ته پوليس جا سورسز تمام گھڻا هوندا آهن پر افسوس جو فضيله جي بازيابي لاءِ ڪنهن به سورس کي استعمال نه ڪيو ويو آهي سو هاڻي ايس ايس پي جيڪبآباد ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڪيل واعدن تي ڪيترو اعتبار ڪجي يا نه ڪجي ڇاڪاڻ ته فضيله جي والدين کي ڏهن سالن ۾ فقط آسرا ئي آسرا ملندا رهيا آهن پر فضيله سرڪي بازياب ٿي نه سگھي آهي سو اسين به ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪجي ٿي ته فضيله سرڪي جي گمشدگي کي فضيله سرڪي جي بازيابي بڻائي فضيله جي والدين جي ڀرپور مدد ڪري سندن ٻارڙي فضيله سرڪي کي بازياب ڪرائي ٺل شهر جي عوام ۽ فضيله سرڪي جي والدين مان بي چيني ختم ڪرائي وڃي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *