تازيون خبرون

فضيلا سرڪي اغوا ڪيس هڪ ماءُ جي درد کان بيخبر سماج!: نسيم بخاري

هڪ دفعو وري ٺل جي نياڻي فضيلا سرڪي جي اغوا وارو معاملو ۽ سندس بازيابيءَ لاءِ ابي امڙ پاران ٿيندڙ جدوجهد واريون خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اچڻ شروع ٿي ويون آهن. فضيلا سرڪي جي امڙ پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد وڃي سپريم ڪورٽ آڏو پاڻ ساڙي ڏيهه پرڏيهه جي ماڻهن تي اُهو واضح ڪبو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڏاڍ ڏمر واريون قوتون ڪيتريون مضبوط آهن، انهن جي ڏهڪاءَ جو ڪيترو خوف آهي ۽ اهي ڪيتريون طاقتور آهن.

شيخ اياز مارئي جي پسمنظر ۾ ان جي ترجماني ڪندي لکيو هو ته:

”تو جئن ڪيو سومرا، ڏاڍا ڏکوئي سينءَ،

ڪوبه نه ڪري ائين، مِرونءَ لڄَ اچي وڃي.“

اها ساڳئي صورتحال، اها ساڳئي ميار ۽ بلڪل مارئي جهڙي پيڙا مان فضيلا سرڪيءَ جي امڙ سڪينه کي به گذرڻو پيو آهي، اُها سڪينه جنهن جو تعلق پنجاب جي شهر سنجرڪوٽ سان هو. پنجابي ڳالهائيندڙ ان عورت لائون لهڻ کانپوءِ مڪمل سنڌي ٻولي سکي ورتي. هوءَ اڄ به جڏهن ميڊيا آڏو دانهين ٿي ته سنڌيءَ ۾ ڳالهائي ٿي, اُها ٻڍڙي عورت پنهنجي دؤر ۾ ڏاڍي حسين هوندي هئي. ٿر جي ڀوتارن هن کي پنهنجي ڪوڙڪيءَ ۾ آڻڻ چاهيو پر هن جي مزاحمت کين ڏکي پئجي وئي. 23 مارچ 2007ع تي پنهنجي پاڙي ۾ راند کيڏندڙ سندس ست سالا معصوم نياڻي فضيلا سرڪي کي ڀوتار پنهنجي محسوس ٿيندڙ بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ اغوا ڪرايو، جيڪا اڄ تائين نه رڳو پيءُ ماءُ پر دنيا جي اکين کان به اوجهل آهي، پر سندس امڙ جديد مارئيءَ جو ڪردار نڀائيندي ثابت قدميءَ سان شيخ اياز جي لفظن ۾ مارئي جيان للڪاري رهي آهي ته:

جئن ڪي ڪهؤ ڏار، تئن هو مڙسَ ملير جا،

نيٺ ته تنهنجي ڪوٽ تي، اڀري ڪندا وار،

سگهارا سنگهار وِلهيءَ ٿيندا واهرو.

ان ساڳئي تسلسل ۽ پسمنظر ۾ شيخ اياز جا اُهي شعر به حافظي تي تري اچن ٿا ته:

ڀِٽن ۾ ڀونچال، اچڻو آهي اوچتو،

سدا رهندو سومرا! هيئن نه منهنجو حال،

تو هي خامُ خيال سوگهيون آهن سنگهرون.

حيرت آهي انهيءَ ڳالهه تي ته هڪڙي ٻڍڙي عورت گذريل اٺن سالن کان پنهنجي نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ اڻ ٿڪ جستجو سان جاکوڙيندي آئي آهي، اُها عورت جيڪا اڄ جي جديد دؤر ۾ سنڌي عورتن ۽ سڄي سماج لاءِ جدوجهد جي ماڊل طور ڏٺي ۽ ليکي وڃي ها! بدقسمتيءَ سان هُن جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان مِلائي ڪابه سياسي ۽ سماجي پارٽي جرئت منداڻي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي ڏسجي.

ڳوٺ حسن سرڪي جي رهواسڻ سڪينه سرڪي پنهنجي مخالف کي للڪاريو آهي، تر ناهي ڇڏيو، پر تر جي طاقتور ماڻهوءَ سان اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجي ظلمن جو حساب گهريو آهي. پنهنجي مڙس عبدالرزاق سرڪيءَ سان گڏيل جدوجهد ۾ هِن عورت ڇا ڇا نه وڃايو آهي؟! اهو عبدالرزاق جنهن پنهنجي ٻنيءَ ٻاري کي وڪڻي معصوم نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ جهيڙيو آهي، جنهن جو ڪيس به هڪ سال کانپوءِ 20 اپريل 2008ع تي حد جي ٿاڻي ۾ داخل ٿيو، پورو سال هن جي فرياد به نه ٻڌي وئي، ڪو به دادُ ڪونه ٿيو، پر فرياد کانپوءِ به ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ڪونه ٿي. سائيڪلن جا پنڪچر ڳنڍي گهر جي چلهه ٻاريندڙ عبدالرزاق جي دڪان کي به باهه ڏياري وئي، پر پوءِ به اُهو پوڙهو ماڻهو ٿڪيو ناهي. هن جا حوصلا اڄ به بلند آهن، اُهي ٻئي زال مڙس تاريخ ۾ ڪو نئون داستان، ڪا نئين دانهن، ڪو نئون دردَ، رقم ڪرڻ لاءِ آتا آهن. هنن وٽ وڃائڻ لاءِ هاڻ ڪجهه به ناهي، حياتي آهي جنهن تان به هو هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهن. هو دنيا جي مظلومن کي انصاف جي حاصلات لاءِ اتساهڻ لاءِ اڳيان آيا آهن. هنن جي نياڻي هنن جي جدوجهد جي واٽ وارو ذريعو آهي، اها نياڻي جنهن بابت ميڊيا ۾ خبرون آهن ته اُها وڪرو ٿي هئي گورو ميربحر ۽ مولو ميربحر کيس خريد ڪري تيغاڻين وٽ وڪرو ڪيو هو، تيغاڻين وري جتوئين کي پئسن عيوض ڏني هئي، تڏهوڪي ايس ايڇ او علي محمد مهر وارثن کي 10 لک ڀنگ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري اڍائي لک رپيا ورتا هئا ۽ باقي پئسا پاڻ ڀرڻ جو چيو هو. هن چيو هو ته ڇوڪري بڇلو تيغاڻي وٽ آهي، فضيلا سرڪي جي چاچي عبدالجبار سرڪي پاران اڍائي لک ادا ڪرڻ باوجود به نياڻي جي بازيابي ممڪن نه بڻي هئي، جنهن بابت اطلاع آهن ته ان جي شادي به ڪرائي وئي آهي ۽ کيس اولاد به ٿيو آهي، هوءَ جبري پرڻي جي جڪڙ ۾ ڀل آئي هجي پر پوءِ به هن جي دل مان اُها دانهن ضرور نڪتي هوندي ته:

نسورو نادان سدا آهين سومرا!

منهنجو ساهُه سنگهار کان، ڌارو ڪندو زندان!

آئون ته هان حيران ڪئن تو ڀاڙيو ڪوٽ تي.

شيخ اياز جو اُهو شعر رڳو عمرڪوٽ جي حوالي سان ناهي پر اهو شعر اڄ به اهڙن ظلمن جي داستانن جي ترجماني ڪري ٿو. فضيلا سرڪي ڪيس ٿاڻي جي ايف آءِ آر کان ملڪ جي اعليٰ عدليه تائين وڏو اٿليو پٿليو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس تڏهوڪي جيڪب آباد جي ايس ايس پي ثاقب اسماعيل ميمڻ کي گهرائي ٽن هفتن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو چيو هو، اُها رپورٽ افتخار چوڌري کي ته نه ملي پر ان کانپوءِ ايندڙ ايس ايس پيز به فضيلا سرڪي ڪيس جي حوالي سان ڪي گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا. منير احمد کهڙو، پروين چانڊيو، ولي الله دل، يونس چانڊيو، ظفر اقبال ملڪ ۽ ساجد کوکر تائين نه رڳو ايس ايس پيز پر ڊي آءِ جيز عبدالخالق شيخ، ثناءُ الله عباسي، سائين رکيو ميراڻي، جاويد عالم اوڍو، خادم رند، دين محمد بلوچ تائين به متاثر خاندان، انصاف لاءِ دَر کڙڪايا آهن. اڳوڻي آءِ جي مشتاق شاهه کان اڄ جي آءِ جي سنڌ پوليس تائين متاثر خاندان جون انصاف لاءِ صدائون اڀ ڏارين ٿيون، پر اُهو اڃا اڻلڀ آهي. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه به هڪ جلسي ۾ فضيلا سرڪي جي بازيابيءَ لاءِ تحرڪ وٺڻ جي پڪ ڏياري هئي، پر تحرڪ جو حقيقت جي ڌرتيءَ تي ڪو به نانءُ نشان ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

مشرف دؤر گذري ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنج سال اقتدار جا مزا ماڻيا، (ن) ليگ جي حڪومت جا اڍائي ورهيه گذري ويا آهن، سائين قائم علي شاهه گذريل ستن اٺن سالن کان سنڌ جو اقتدار ڌڻي آهي، پر فضيلا سرڪي سڀ کان وسري وئي آهي.

انتهائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته فضيلا سرڪي ڪيس جي حوالي سان هڪ غريب خاندان ڏاڍي شاندار نموني جهڙي ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، ان جي اوتري جرئت سان داد رسي نه ٿي آهي. اُهو خاندان جيڪو ڀوتار هٿان ڏنگيل آهي، ان ئي ڀوتار جي جوءِ ۾ رهي ڪري ان خلاف هر طرح سان مزاحمت سان آڏو اچي جيڪا دليري ڏيکاري آهي، اُها دليري ته ڀونءَ جي سموري ماڻهن کي ظلم ۽ ڏاڍاين خلاف جدوجهد جي علامت ثابت ٿيڻ گهرجي، پر ڏک اهو آهي ته ماڻهو ڏيئي مان ڏيئو ٻارڻ بدران جهڙي ڦڙتي ۽ تيز طوفان ۾ ٻرندڙ ڏيئي کي به وسائڻ لاءِ وسان نه گهٽائي رهيا آهن. اهڙي حال ۾ بي حال عورت آخر ڪيستائين پنهنجي مظلوم نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ دانهيندي رهندي!؟

فضيلا سرڪي جي امڙ کي صوفي بزرگن جي درگاهن تي دانهڻ ۽ انياءَ خلاف احتجاج ڪرڻ جون صلاح ملي رهيون آهن. درگاهه فتح پور ۾ جيڪڏهن اُها عورت ڌرڻو هڻي ويهي ٿي رهي يا اُها صوفي شاهه عنايت جي درگاهه جهوڪ شريف ۾ وڃي انصاف لاءِ ٻاڏائي ٿي ۽ گادي نشينن کان مدد طلبي ٿي، عاجزي جي احساس سان اها اميد ڪري ٿي ته سندس آس پوري ٿيندي ته هن جو اهو جذبو پڪ سان ڪنهن جوت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ ان سڄي معاملي کي جيڪڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پوري پوري پذيرائي به ملي ٿي ته نه فقط ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ پکيڙيندڙ قوتن جو گهيرو تنگ ٿيندو پر رياستي سرڪار ۽ ادارن بابت به خلق انيڪ سوال پڇڻ شروع ڪندي، جنهن جي نتيجي ۾ ادارن جي فعاليت ۽ عوام دوست ڪارڪردگي جا به جواز پيدا ٿي سگهن ٿا.

سڪينه سرڪي ڪنهن وڏي گهراڻي جي عورت ناهي، هن وٽ ڪنهن يونيورسٽيءَ يا ڪاليج جي ڪابه ڊگري ناهي، هڪڙي عام عورت آهي، اُها عورت جڏهن پهاڙ جيڏي حوصلي سان دل پختي ڪري ۽ جدوجهد لاءِ سِر تريءَ تي ڪري نڪري پوي ٿي ته جاگيرداراڻي جبر هيٺ رهندڙ سماج ۾ اها هلچل ڪا ننڍي ڳالهه ناهي.

فضيلا سرڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گذريل اٺن سالن کان جيترو گونجيو آهي، اُها گونج پنهنجي ملڪ کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ رڳو مهينو اڳ ئي گونجي ها ته هن وقت تائين ڏوهاري عدالتن کان سزا کائي جيل به ڪاٽن ها!ٰ پر اسان وٽ انصاف لاءِ ٻاڏائيندي عمريون گذري وينديون آهن. هڪڙي ڀوتار يا سردار ۾ هٿ وجهڻ سان ڪهڙي قيامت اچي ويندي. تر جو اهو وڏيرو اڄ به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ پکيڙيو ويٺو آهي، فضيلا سرڪي جي پيءُ ماءُ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان ڪيس کي ايمانداريءَ سان رپورٽ ڪندڙ صحافين کي ڊڄائي ۽ ڌمڪائي رهيو آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا غفلت جي گهري ننڊ ۾ آهن.

گذريل اٺن ڏهن سالن کان سنڌ ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي اين جي اوز جو وڏو چرچو رهيو آهي، پر ڪنهن هڪڙي اين جي اوز به فضيلا سرڪي واري معاملي تي اثرائتو دٻاءُ وڌائڻ جي حوالي سان اڄ تائين نتيجا ڏيندڙ وک نه وڌائي آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪنهن بيمار ماڻهوءَ جي مفلسي رپورٽ ٿئي ٿي ته ڪونه ڪو ادارو يا مخير ماڻهو جاڳي پوي ٿو، ڪو شاگرد ڪنهن موذي مرض ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته ان جا يار دوست ۽ شاگرد گڏجي سڏجي 70 کان 80 لک رپيا گڏ ڪري وٺن ٿا، پر ڇا سبب آهي جو هڪڙي هاءِ پروفائيل ڪيس جي حوالي سان ڪنهن به فرد يا اداري سهائتا جي سلسلي ۾ اک نه پٽي آهي؟ ڇا هڪ مسڪين خاندان کي انصاف ڏيارڻ يا مدد ڪرڻ خير جو ڪم ناهي!؟

انساني ڀلائي جي حوالي سان پاڻ پتوڙيندڙ يا ادارا فضيلا سرڪي اغوا ڪيس کي هٿي وٺرائي ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن جاگيرداراڻي جهان ۾ ڪو ٽاڪوڙو وجهن ٿا ته ان سان رڳو هڪڙي خان جي ڪوٽ ۾ لرزش نه ايندي، پر هڪٻئي پٺيان اهڙن ڪڌن ڪردارن جي ڪوٽن ۾ ٽاڪوڙا مچندا. هڪڙي سڪينه جديد دؤر جي سورمي ثابت نه ٿيندي، پر سوين سڪينائون پنهنجا سور پچارڻ لڳنديون، جڏهن ائين ٿيندو ته گهڻن خردماغ، بااثر ڀوتارن جا دماغ ٺڪاڻي لڳندا.

naseembukhari44@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *