تازيون خبرون

غلط حڪمت عملي ؛ صائمه الطاف

مئي جي مهيني ۾ جڏهن پاڪستان ۾ پوليو جا 54 ڪيس سامهون اچي چُڪا هئا ته اُهو ادارو جيڪو ان جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي نگراني ڪري رهيو هو، يعني عالمي صحت واري اداري جو آزاد مانيٽرنگ بورڊ (آءِ ايم بي)، اُن اهڙي صورتحال کي ”خوفناڪ“ قرار ڏنو هو. آءِ ايم بي حڪومت تي الزام هنيو هو ته اُها ان وائرس خلاف ”شيڊو باڪسنگ يا فرضي پاڇي سان مقابلي“ ۾ مصروف آهي، ۽ اُن اُنهيءَ تي ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل جوڙڻ ۽ وزيراعظم جي سڌو سنئون مداخلت تي زور ڏنو هو.پاڪستان اُنهن سفارشن تي عمل ته ڪيو، تنهن هوندي ٽيهه سيپٽمبر تي آءِ ايم ايف جو اجلاس اُن وقت ٿيو، جڏهن پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جي تعداد ۾ ٽيڻ تي اضافي سان گڏ اهو 174 تائين وڃي پهتو ۽ فڪر جي ڳالهه اها آهي ته پوليو کان پاڪ سمجهيا ويندڙ صوبا پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به اهي ڪيس سامهون آيا آهن. اهو ئي سبب آهي ان اجلاس جي حوالي سان حڪومت جو پريشان ٿيڻ سمجهه ۾ اچي ٿو.ان وائرس جي خاتمي لاءِ هلندڙ موجوده پروگرام جنهن ۾ آءِ ايم بي جي سفارشن تي به عمل ڪيو پيو وڃي پر اهو مؤثر ثابت نه پيو ٿئي. جيڪڏهن اهو ئي طريقيڪار برقرار رهيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ هلندڙ مهمن جي اضافي، مانيٽرنگ ڪميٽي ۽ ويڪسين کان پنهنجن ٻارن کي پري رکڻ وارن ماڻهن خلاف ڪارروائي باوجود هن پروگرام ۾ ڪاميابي جو ڪو به امڪان نظر نه پيو اچي، اهو غير مؤثر آهي ۽ خراب ڳالهه اها آهي ته هن مسئلي کي وڌيڪ اينگهايو پيو وڃي.انهن ڪوششن جي سنگين ترين مسئلن مان هڪ نهايت بنيادي نوعيت جو آهي، يعني پوليو جي خاتمي جي قدمن وارو جيڪو سُٺو پروگرام آهي، اُهو پنهنجي بناوت توڙي عملي اعتبار سان معمول واري سروس جي ڊليوري سسٽم متعلق ناهي، ان ۾ پنهنجي فنڊنگ، عملدرآمد جا منصوبا ۽ ماڻهو آهن. صوبن جي ڀيٽ ۾ انهن کي ڊونرز کان وڌيڪ فنڊز ملن ٿا، اهڙي قسم جي پروگرامن جي ڪاميابي جي پنهنجي تاريخ آهي، خاص طور تي جڏهن ان تي سٺي نموني ۽ ڄاڻايل آبادي جي جغرافيائي علائقن ۾ ڌيان سان عمل ڪيو پيو وڃي. اهڙي قسم جي پروگرامن کي معمول جي طبي خدمتن ۾ واڌ ۽ سهڪار لاءِ شروع ڪيو ويندو آهي، ان جو مطلب اهو ناهي هوندو ته انهن کي طبي خدمتن جو متبادل سمجهيو وڃي.هڪ کان ٻئي فرد ۾ منتقل ٿيندڙ مرض جهڙوڪ پوليو جي روڪٿام ”اجتماعي قوت مدافعت“ جي تشڪيل ۽ متاثر ٿيندڙ آبادي جي نوي سيڪڙو تائين مؤثر ويڪسينيشن جي ذريعي ممڪن آهي.پوليو کان ”متاثر ٿيندڙ آبادي“ ۾ هر سال نئين برادري ۾ اضافو ٿيندو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اجتماعي قوت مدافعت کي پيدا ڪرڻ ڪو ننڍو ڪم ناهي، سٺي پروگرام تحت مخصوص سطح تي مهمن تي توجه ڏئي سگهجي ٿي ۽ مخصوص حد تائين اهي ڪامياب ثابت ٿين ٿيون. تنهن باوجود موجوده صورتحال جي لاءِ هڪ اهڙي مهم جي اشد ضرورت آهي جنهن ۾ ٽارگيٽ کي وسيع ڪيو ويو هجي.ان جو واحد حقيقي حل مستحڪم، مستقل ڊليوري سسٽم آهي، جيڪو وٺڻ ۽ ڏيڻ وارن جي ضرورتن مطابق ۽ جنهن سان عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي. تنهن باوجود اهو نظام هتي غائب نظر اچي ٿو ۽ ڪو به ان جي تعمير ۾ سنجيده نظر نه پيو اچي.سروس ڊليوري سسٽم ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران اهو مسئلو واضح نظر اچي ٿو. اهي ان جي سپلاءِ جي معاملن ۾ موجود مسئلا آهن، يعني وقت سر ٽرانسپورٽيشن، ان جي مينٽيننس ۽ ويڪسين جي سپلاءِ وغيره. طلب يا ڊيمانڊ جي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته ويڪسين جي حوالي سان معلومات يا ته موجود ناهي يا اهو درست ناهي، ان پروگرامز جي لاءِ عملي جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ انهن جي تربيت به ناقص آهي. جڏهن ته عوام کي انتظاميه تي اعتماد ناهي ڏٺو ويو، جيڪو غير تصديق ٿيل ڦڙن کي پيارڻ لاءِ جلدي ڪن ٿا. جڏهن ته طبي سهولتن سميت ٻيون سهولتون موجود ناهن.2013 کان 2017 تائين پوليو جي خاتمي جي منصوبي تي لاڳت 8.328 ملين ڊالرز آهي، ان حوالي سان سرڪار خاموش آهي ته ڪهڙي طرح ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊونرز فنڊنگ وڌائين ٿا ته حڪومت پاران ويڪسين جي ٽارگيٽ آبادي کي وڌايو آهي ۽ ٽيڪنيڪي مشيرن، ماهرن ۽ منصوبا سازن کان ويندي هر هڪ جيڪو موجوده حڪمت عملي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، سمجهن ٿا ته ڪجهه پيش رفت ٿي رهي آهي، آخر ڪم ته ٿي رهيو آهي.حڪومت انڌن جيان پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري ٿي ۽ افراتفري ۾ سندن خواهش آهي ته ڪجهه ڪم ٿيندي نظر اچي، بدقسمتي سان ٻارن کي وات ۾ پيئاريندڙ ڦُڙا حقيقت ۾ وڏي عرصي تائين ڪارآمد پاليسي ناهي، او پي وي جو هڪ ڊوز قوت مدافعت وڌائڻ لاءِ ناڪافي آهي.جهازن ذريعي پمفليٽ ڪيرائڻ، خاص طور تي اهڙن ملڪن ۾ جتي تعليم جو ريشو تمام گهٽ آهي، اهو معلومات فراهم ڪرڻ جو ڪارآمد طريقو ناهي. اسان جي ملڪ ۾ انهن تصويرن جي ڳري قيمت، ورڪرن تي حملن جي صورت ۾ چُڪائڻي پئي، جنهن ۾ ڪيترا ئي پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ڪم ڪندڙ ورڪرز مارجي ويا. ان کان علاوه سيڙپ، وقت، زندگيون ۽ ڊالرز جي شڪل ۾ ٿيندڙ نقصان الڳ آهي.

پوليو جي خاتمي واري مهم ان کان اڳ ڪڏهن ايڏي وڏي پئماني تي نه هلائي وئي، تنهن هوندي ان تي مڪمل نظرثاني جي ضرورت آهي. پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ مقامي سطح جي مناسب پروگرام جي ضرورت آهي، جيڪو عام رواجي سروس ڊليوري سسٽم تي مشتمل هجي ۽ ان کي ان پروگرام مان تبديل نه ڪيو ويو هجي.

آبادي، صوبن ۽ ضلعن جي حدن کي سامهون رکندي ان جي ماحول مطابق مخصوص ۽ مناسب سرگرمين جي ضرورت آهي، ڊونرز کي پنهنجن فنڊز کي جاري ڪرڻ لاءِ ٺوس ۽ قابل يقين قدم، جن ۾ عملي جي گهٽ پگهارن ۽ انتظامي ميڪنزم جهڙن معاملن کي پڻ مشروط ڪرڻ جي ضرورت آهي (جاري).

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *