تازيون خبرون

غدار فيڪٽريءَ جون شيون: وسعت الله خان

بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ چئي ٿو ته گذريل نومبر ۾ براهمداغ بگٽيءَ سان هن ۽ سرحدي معاملن واري وزير ليفٽيننٽ جنرل ريٽائر عبدالقادر بلوچ جنيوا ۾ ملاقات دوران کيس پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪرڻ ۽ قومي سلامتيءَ کي چيلينج نه ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو پر اسلام آباد معاملا اڳتي وڌائڻ جو موقعو ضايع ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي خرابي اڳتي وڌي چُڪي آهي.

براهمداغ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ بي بي سي کي هڪ انٽرويو ۾ تصديق به ڪئي هئي ته هو وفاق جي دائري ۾ ڳالهين لاءِ تيار آهي، هاڻي اهو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ تي آهي ته اها ڪهڙو قدم ٿي کڻي. سڀاڻي جو نسل پسمنظر ڄاڻڻ بنا بس اهو ئي ڄاڻي سگهندو ته برهمداغ غدار هو.

ايوب خان الطاف گوهر چواڻي جنهن وقت ڀارت سان ملي اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي سازش جي الزام اگرتلا ڪيس جي وٺ پڪڙ شروع ٿي ته شيخ مجيب الرحمٰن اڳ ئي جيل ۾ هو پر فوج جو سربراهه يحيٰ خان بضد هو ته مجيب جو نالو به وڌو وڃي. الطاف گوهر چواڻي مجيب جو نالو ايوب خان جي چوڻ تي ملزمن جي ابتدائي فهرست مان ڪڍيو ويو پر وري شامل ڪيو ويو. ان ڪيس مجيب کي بنگالين جو هيرو بڻائي ڇڏيو. ايوب خان خلاف تحريڪ زور ورتو ته پوءِ 19 فيبروري 1969ع تي اگرتلا ڪيس نه صرف واپس ورتو ويو پر مجيب جي سياسي بحالي به ڪرڻي پئي.

اوڀر پاڪستان جي اڳوڻي گورنر وائيس ايڊمرل (ريٽائرڊ) محمد احسن لکيو ته چونڊن کانپوءِ 28 فيبروري 1971ع تي مون شيخ مجيب کي گهرايو. شيخ مجيب پڇيو ڇا اسيمبليءَ جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ٿيڻ پيو وڃي. مون چيو خدشو اهو ئي آهي پر اهو مختصر مدي لاءِ ٿيندو. پر مجيب چيو ته کيس يقين ناهي. پاڪستاني عملدار کيس تباهه ڪرڻ گهرن ٿا ۽ پاڪستان کي به سلامت نه ٿا رکڻ چاهن. تاريخ فيصلو ڪندي ته ان تباهيءَ جو الزام ڪنهن تي ڏنو وڃي. (جيون هڪ ڪهاڻي ڪتاب، صحافي علي احمد خان صفحو 106)

جڏهن 1946ع ۾ هندستان جي عبوري ڪابينا ٺهي ته جناح صاحب پنجن مسلم ليگي وزيرن جا نالا وائسراءِ لارڊ ويول کي موڪليا، انهن ۾ دلت سياستدان جوگندر ناٿ منڊل جو نالو به شامل هو. هي اهو منڊل ئي هو، جنهن سلهٽ جي ريفرينڊم ۾ دلتن جا ووٽ وجهرائي سلهٽ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرايو.

11 آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس جو صدر به جوگندر ناٿ منڊل هو. هو پهرين ڪابينا ۾ قانون ۽ پورهئي جو وزير رهيو. جناح صاحب جي وفات کانپوءِ قرارداد مقاصد جي منظوريءَ سان منڊل صاحب اقليتن جي مستقبل بابت دل شڪستا ٿيڻ باوجود حڪومت جو حصو رهيو.

پير علي محمد راشدي (روداد چمن) ۾ لکي ٿو ته چوڌري محمد علي جڏهن پاڪستاني بيورو ڪريسيءَ جو سيڪريٽري بڻيو ته هن نجي محفلن ۾ قانون واري وزير جي ”پاڪستانيت“ تي شبو ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اهم فائيل قانون واري وزير ڏانهن موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا، منڊل وزيراعظم لياقت علي خان کي هڪ خط لکيو ۽ پوءِ ڪابينا تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

چند ڏينهن کانپوءِ منڊل صاحب خاموشيءَ سان ڪلڪتي منتقل ٿي ويو ۽ 1968ع ۾ خاموشيءَ سان گذاري ويو. ان دوران ڪنهن پاڪستانيءَ کان توفيق نه ٿي ته منڊل صاحب کي مڃائڻ جي هڪ ڀيرو به ڪوشش ڪري ها.

ڪنهن سرڪاري عملدار کي اها توفيق نه ٿي ته ساحر لڌيانوي، بڙي غلام علي خان يا قرت العين حيدر کان پڇي وٺي ته پاڪستان ڇڏي ڀارت ڇو وڃي رهيا آهيو. ترسي پئو ۽ دل شڪستا نه ٿيو. هن ملڪ کي توهان جي وڏي ضرورت آهي. منٽو اهو طئي ڪندي ڪندي مري ويو ته رهان يا نه.

يارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته حسين شهيد سهروردي ۽ حنيف صاحب به پاڪستان مان مستقل طور هنڌ ويڙهي وڃن پر ٻنهي جو قومپرستاڻو ڊٺُ رڪاوٽ بڻجندو رهيو. غفار خان کي لاڏاڻي کانپوءِ جلا آباد ۾ دفن ٿيڻ کانپوءِ اشرافيه جبري طور کيس پاڪستاني تسليم ڪري ورتو.

جي ايم سيد، نواب خير بخش مري ۽ اجمل خٽڪ سان به ايئن ئي ٿيو ته غدار سڏي وري گلدستو موڪليو وري غدار سڏيو. هاڻي انهن جي قبر تي چادر وجهڻ جي اجازت آهي پر اڪبر بگٽيءَ جي قبر تي نه.

ڊاڪٽر عبدالسلام کي ڪير پنهنجي واتان غدار نه ٿو چئي پر سلوڪ غدارن وارو ئي آهي. بس اها مهرباني ٿي جو جنم ڀوميءَ ۾ ٻه گز زمين عطا ٿي ويس.

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *