تازيون خبرون

عيد نوروز ڌرتي جو عالمي ڏينهن آهي ..: تحرير ربنواز راز ڄامڙو

اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اها ننڍڙي به آهي ته وڏڙي به آهي. اها ڳالهه ٻڌي گھڻن کي تپرس وٺي ويندو ته اهو وري ڪيئن؟ جيڪا ڪائنات اسان وڏين دوربينين سان ڏسي سگهون ٿا ان کي آبزرو ايبل يونيورس چئبو آهي. اها تقريبن 91 نوري سالن جي فاصلي تي پکڙيل آهي. سموري ڪائنات جي پکيڙ جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ڪائنات جي شروعات ۽ ارتقا جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺو ۽ تسليم شده نظريو بگ بينگ ٿيوري آهي. هن نظريي جي مطابق ڪائنات تقريبن 14 ارب سال اڳ عدم مان وجود ۾ آئي. شروع ۾ ڪجھ به نه هو. مادو، زمان، مڪان موجود نه هيا. پوءِ، اڃا تائين اڻڄاتل سببن جي ڪري، عدم مان توانائي ۽ خلا پيدا ٿيا ۽ تمام گھڻو تيزي سان ڦهلجڻ لڳا. ان وقت ڪائنات هڪ ايٽم جي کربين حصي کان به ننڍي هئي ۽ سندس درجئه حرارت کرب کرب کرب ڊگري سينٽيگريڊ هيو. ڦهلاءِ جي نتيجي ۾ اها ننڍڙي ڪائنات وڏي ٿيندي رهي ۽ درجئه حرارت گھٽبو رهيو. ٿڌي ٿيڻ سان توانائي مان اليڪٽران ۽ ٻيا ذرا ٺهيا. جن مان بعد ۾ ايٽم ٺهيا. ڪافي عرصو پوءِ تارا ۽ ڪهڪشائون ٺهيون .ڪائنات جي ڦهلاءَ جو عمل ان جي پيدائش کان وٺي اڃا تائين جاري آهي.

ڪائنات جي مستقبل بابت سائنسدانن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ڪائنات هميشه ڦهلجندي رهندي ۽ ڪو وقت ايندو جو سمورو مادو توانائي ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ گھڻي ڦهلاءَ جي ڪري هي صرف اونداهون خلا وڃي رهندي. جڏهن ته ڪجھ جو خيال آهي ته جيئن مٿي اڇلايل پٿر زمين جي ڪشش جي ڪري هيٺ موٽندو آهي ائين ئي ڪائنات ۾ موجود مادي جي ڪشش ڪائنات جي ڦهلاءَ کي روڪي هن کي واپس سڪيڙڻ شروع ڪندي ۽ نيٺ سڀ ڪجھ هڪ هنڌ گڏجي معدوم ٿي ويندو. ان کي بگ ڪرنچ چون. ڪجھ سائنسدانن جو وري خيال آهي ته هن ڪائنات کان ٻاهر ٻيون به لاتعداد ڪائناتون موجود آهن. مستقبل ۾ هيءَ ڪائنات ڪنهن ٻي ڪائنات سان ٽڪرائجي ان ۾ ضم ٿي سگھي ٿي. ان نظريي کي ملٽي ورس  چيو ويندو آهي.

رھنما مينيودنيا جي هر شئي جي قد بت، ٿولهه، ويڪر ۽ ڊيگھه وغيره جي اسان کي سُڌ تڏهن پوي ٿي، جڏهن اسين ان جي ڪنهن ٻيءَ شئي سان ڀيٽ ڪيون ٿا. جيڪڏهن ڀيٽ نه ڪبي ته ڪنهن به شئي جي وڏي يا ننڍي هجڻ، ڊگھي يا بندري هجڻ، ٿلهي يا سنهي هجڻ، پراڻي يا نئين هجڻ، آڳاٽي يا هاڻوڪي هجڻ، سهڻي يا ڪوجھي هجڻ، سوادي يا بي سواد هجڻ، وڻندڙ يا اڻوَڻندڙ هجڻ، سياڻي يا اياڻي هجڻ، سڌريل يا اڻسڌريل هجڻ، ڊولائتي يا بيڊولي هجڻ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي گُڻن يا اَوگڻن جي ڪا به صحيح سُڌ نه پوندي. هڪ شئي جي ٻي شئي سان ڀيٽ جو اهو اصول اسان جي سِجَ، ڌرتيءَ ۽ ٻين تارن ۽ سيارن تي به لاڳو ٿئي ٿو. ڌرتي به ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي وڏي آهي، پر ساڳيءَ ئي مهل اها ڪيترين ئي ٻين شين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي ننڍي به آهي. سمجھو ته ڌرتيءَ کي زور ڏئي، دٻائي، سُسائي، سوڙهو ڪري، هڪ مَٽر جي داڻي جيترو ڪيون ٿا ۽ سج تي به اوترو ئي داٻ وڌو وڃي ته سج جو قدبت سمجھڻ لاءِ اسان کي مٽر جا 13 لک داڻا گڏ ڪرڻا پوندا. ان جو مطلب ته سج ڌرتيءَ کان 13 لک ڀيرا وڌيڪ وڏو آهي. ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اسين سوچي سگهون ٿا ته ڌرتي، سج جي ڀيٽ ۾ ڪيتري ننڍڙي آهي. يعني 13 لک ڌرتيون گڏبيون ته اسان جي سج جيڏو گولو ٺهندو پر سج ۾ اسان جي ڌرتيءَ جيان نهراڻ ۽ پاڻياٺ ڪانهي، سج رڳو گئسن جو مجموعو آهي. رابندر ناٿ ٽئگور کي جڏهن خبر پئي ته سنڌو تي سج جي اڀرڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ان وقت ٽئگور جي ذهن ۾ آيو ته سج جي ڌرتي ته جاپان آهي، (ڇاڪاڻ ته سج جا پهريان نڪرندڙ ڪرڻا جاپان جي ڌرتي تي پون ٿا) سنڌو ڪيئن؟ سو ڪلڪتي مان ڪهي آيل هي برصغير جو هي محبتن جو شاعر ٽئگور حيدرآباد گدو بندر پل تي پهتو،  نظارو ڏسڻ لاءِ سڄي  رات ويٺو رهيو پر جڏهن  طلوعِ آفتاب جو منظر ڏٺو ته هن کان دانهن نڪري وئي ۽ چيائين ته ”هن ساري دنيا ڏٺي آهي، پر سج جي اڀرڻ جو اهڙو منظر ٻيو ڪٿي به نظر ڪو نه آيو اٿم“ سچ  هي آهي ته صبح جوسج جنهن سج ڌج، ناز ۽ نخري سان سنڌو واري رات جي ذلفن منجهان ٻاهر منهن ڪڍي نڪري ٿو ان جو تحرير ۾ آڻڻ مشڪل آهي، جنهن ڌرتي تي فطرت جا اهڙا عظيم منظر هوندا ته اتي شاعر، قومن  جا اڳواڻ، روشن سماج جا  رهبر ۽ پنهنجي ڌرتي  جي تهذيب ۽ ارتقا جي تسلسل جا ترجمان ضرور پيدا ٿيندا رهندا آهن،  اهو بلڪل صحيح چيو آهي ٽئگور جو اڄ اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته اڄ سنڌو جهڙي شينهن، شهيد شاهه عنايت جهڙي سوشلزم جا رهبر، دنيا جي اصولن مطابق شايد پهريون ۽ ابدي شاعر لطيف سائين، ڌرتي لاءِ سر ڏيندڙ ۽ بغاوت جو علم بلند ڪندڙ هيمون ۽ شهيد صبغت الله شاهه جهڙا باغي ڏنا ۽ اڄ سنڌ ۽ سندس عوام ارتقا جو اڙانگو سفر طئه ڪري اڄ مسلسل پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جنگ جوٽي ڪاغذي سامراج اڳيان بغاوت  جو علم بند ڪري ميدان ۾ بيهي رهي آهي ۽ للڪاري رهي آهي ته اسين ستل نه آهيون، مئل نه آهيون پر جاڳيل آهيون، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين جن سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا ڏينهن آندا جيڪي 7000 سال پراڻي تاريخ ۾ پهريون دفعو  ملهايا ويا هجن ته نه ڪنهن هڪ پر اهي ڏينهن پوري 4 ڪروڙ سنڌين جو آواز بڻيا پوءِ ڀلي اهو 6 ڊسمبر ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي جو هجي يا 24 جنوري سنڌو جوڏهاڙو هجي جتي سنڌين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ ٿيڻ ۽ قومي يڪجهتي جوثبوت ڏنو، 24 جنوري تي چار ڪروڙ سنڌين پنهنجي بقا لاءِ سنڌو جي سينڌ کي لڙڪن، سڏڪن، ڀٽائي جي صوفياڻي راڳ توڙي سرن جا سان گڏ اجتماعي دعائن، ڏيئن ۽ گلن جي ڀيٽا ڏني، گل  ۽ ڏيئا به عجيب شئي آهن، جيڪي ٻئي وڇوڙي جي علامت ۾ به ۽ ڪنهن جي وصال جو سنهيو به، ميلاپ يا جدائي ٻنهي تي ڏيئا ٻاري سگهجن ٿا ۽ گلن جي ڀيٽا به ڏئي سگهجي ٿي، ڇو جو ان جو اصل مقصد اميد، آشتي، امن ئي آهي، ڇوجو سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي رهي آهي ۽ صوفين پنهنجي سموري زندگي هميشه شانتي ۽ امن سان گذاري ۽ امن ۽ شانتي جو درس ڏنو  انهي ڪري سنڌ جي تهذيبي تاريخ هيمشه امن ۽ شانتي جو مرڪز  رهي آهي،  ڇوجو صوفين  هميشه اميد، آسري ۽  دعا جي زندگي گذاري آهي ۽ اها دعا ۽ اهو ئي امن شانتي جودرس سنڌ جو 4 ڪروڙ عوام کڻي  سنڌو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌو جي دڳن تي پهتي، سنڌ جي  عوام کي ته ان امام سوطي جي روايت تي به ناز ۽ اعتبار آهي ته جنت جا چار دريا نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون (سنڌو) آهي، شل اي سنڌو تنهنجون اهي موج ۽ مستي واريون لهرون موٽي اچن، جيڪي هزارين صدين کان ڪيلاش  پريت جي سنگيڪا چشمي مان نڪري مانسرور ڍنڍ مان ٿيندي هماليه جي هنج وٺي زڪسار پهاڙن تان پسارون ڪندي راڪا پوسٽي تان ڪنهن راڳي جي راڙ ڪندي، گلگت ۽ هنره جي ميدانن مان ڪنهن هرڻي جيئن  چال ڏيندي، هندوڪش ۽ ڪوهه سليمان جي ندين کي سمائيندي سنڌو جا ٻيلا، ٻنيون، جبل جا پٿر ڀوريندي ڌرتي کي چيريندي سنڌو جي زمين کي محبوب واري چمي ڏيندي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سرسبز وشاداب ڪن ٿيون .

22 اپريل تي ڌرتي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي . اهو هاڻي 21 مارچ تي ملهائڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن تي سج جي روشني جو پهريون ڪرڻو زمين جي سيني تي پيو ۽ هن ئي ڏينهن تي بي جان ءِ مرده شين ۾ ساھ پيو . جاندار شين جي وجود جو ڏينهن آهي . ته ٻيو ڪو ڪائنات جو عالمي ڏينهن ڪيئن ملهائي سگھجي ٿو . عيد نوروز ڌرتي جو عالمي ڏينهن آهي .

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *