تازيون خبرون

عيد جي خوشين جا رنگ نرالا ٿيندا آهن:خالد ٻانڀڻ

هي عيد کوڙ سارين خوشين وارن رنگن سان گڏ لذيذ کاڌن جو ذائقو به پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي ۽ قرباني واري عيد هر سال 10 ذوالحج تي ايندي آهي. ٽي ڏينهن قرباني جا هلندا آهن، پر قرباني ڪهڙي اها جيڪا رڳو جانورن جي ڪئي ويندي آهي. عيد کان پهرين مال پڙي ۾ جانورن سان گڏ انسانن جا انبوهه گڏ ٿيل هوندا آهن. پاڙي مان جيڪڏهن ڪو هڪ لک جو جانور وٺي آيو آهي ته ٻيو پاڙي وارو ان جي مقابلي ۾ 2 لک جو جانور ڪاهي اچي در تي بيهاريندو آهي. شهر جي گاهه اڏين تي ڏهن ڏينهن کان قطارون لڳل هونديون آهن.

اڄ جڏهن عيد جو پهريون ڏهاڙو آهي اڃا ٻيا ٻه ڏينهن قرباني هلندي. گاهه اڏين وارن جا ٺٺ لڳا پيا آهن ته اتي جانور وڪرو ڪندڙ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهه ٻڌائي پنهنجي مرضيءَ سان ڦرين پيا ته ٻي طرف وري ميونسپل وارن جا مزا لڳا پيا آهن. في جانور تان مرضي جو ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي. شهر جي گهٽين، روڊن، ميدانن ۾ به غير قانوني پڙيون لڳيون پيون آهن. ڪير به پڇڻ وارو ناهي. گندگي اوجھه، رت سان سمورا روڊ رستا محلا گهٽيون ڀريا پيا آهن پر صفائي سٿرائي عملو به عيد جي موڪلن ۾ مگن آهي. هن عيد تي خرچ اڃا وڌيڪ ٿين ٿا. ڇو ته گهر جي سامان، ڪپڙن، جوتن سان گڏ جانور به خريد ڪرڻا پون ٿا پر قرباني اها قبول هوندي جيڪا حق حلال جي پئسن، بغير شوبازي ڏيکاءُ جي دل جي رضا خوشيءَ سان ڪئي وڃي. جيڪڏهن غريبن، بي پهچن جي دل آزاري لاءِ قرباني ڪيون ٿا ته اهڙي قرباني جو اجر به اهڙو ئي ملندو. گوشت سان رڳو پنهنجون فرجون ڀرڻيون ناهن ڇو ته گوشت جي قرباني جو فلسفو ئي اهو آهي ته جيڪي لاچار، بي پهچ، بي وس ماڻهو سڄو سال گوشت نٿا کائن، انهن کي ٻارهين مهيني گوشت هن قرباني ذريعي وڃي ۽ ملڻ گهرجي، پر اسان وٽ ٿيندو ڇاهي، پهريان ته پنهنجي مرضيءَ جيترو گوشت ڪڍيو ويندو آهي. ان کانپوءِ دوستن، مائٽن کي ڏنو وڃي ٿو پر جيڪڏهن ڪو بي پهچ وٺڻ لاءِ اچي ٿو ته ان کي ڌڪا دڙڪا نصيب ٿين ٿا. هن عيد تي اسان مختلف دل گهريا کاڌا پچائي پاڻ کائڻ سان گڏ ٻين کي کارائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهيون ۽ زندگي ۾ خوراڪ جا نوان ذائقا ڀريندا آهيون. عيد جو مزو تڏهن وڌيڪ ذائقيدار ٿي ويندو آهي، جڏهن عيد پنهنجن مائٽن سان گڏ ڪئي ويندي آهي. ماڻهو هزارين ميل سفر ڪري اچي جڏهن پنهنجن سان گڏبو آهي ته رت جي رشتن جي گردش ۾ گرمائش اچي ويندي آهي. ان ڳوٺن جي گهٽين ٻنين، پيچرن، ٻنن ۾ ڄڻ جان اچي ويندي آهي ۽ پاڻ کي پنهنجو ننڍپڻ ڪئسٽ وانگر روائينڊ ٿي ذهن ۾ گهمڻ لڳندو آهي. ڪيڏا نه حسين هئا اُهي ڏينهن، جيڪي ننڍي هوندي جي عيدن ۾ گذاري آياسين. عيد نماز کانپوءِ کائڻ کان وڌيڪ خرچين جو انتظار هوندو هو ۽ خرچي ملڻ کانپوءِ دڪانن ڏانهن ٽولن جي صورت ۾ ڊوڙون هونديون هيون، هاڻي عيد ته ساڳي آهي پر اسان جي زندگي گذارڻ وارا انداز بدلجي ويا آهن. خواهشن جا پهاڙ ذهنن ۾ کڻي سڄو ڏينهن ڳڀي جي ڳولا ۾ آهيون ۽ ڳولا جي رڻ ۾ ڄڻ رلي ويا آهيون. مسئلن، پريشانين، هزار خواهشن جي پلصراط تان هلندي ڄڻ ته ٿڪجي پيا آهيون. اسان جي پيرن ۾ ڄڻ صدين جيڏي اڪيلائي سفر ڪري رهي آهي. عيد جا رنگ ڌنڌلا، ڦڪا ٿيندا پيا وڃن. سوچن جون سرحدون کٽن ئي ڪونه ٿيون! نيڻن ۾ ٽهڪن، روشنين واري عيد بدران لڙڪن، سڏڪن ۽ وڇوڙن جو وشال آسمان ٽڪي پيو آهي. اسان جي عيد هن جي چوڌاري طواف کانپوءِ ٿيندي.

ٻاهرين شيطان کي پٿريون هڻڻ بجاءِ اسان کي پهرين پنهنجي اندر ۾ ويٺل شيطان کي سنگسار ڪرڻ گهرجي ته جيئن عيد جو ڏهاڙو من مان ٻيائي کان پاڪ صاف گذري وڃي.

جيڪڏهن محبتن جو قال نه هجي ته روزانو عيد جو ڏينهن آهي. هونئن به زندگي ۾ خوشيون تمام ٿورڙيون ڏک گهڻا آهن، پر جيڪڏهن يادگيريون حسين آهن ته زندگي جو هر لمحو سهڻو ٿي پوي ٿو. عبدالغفار ٿهيم جي شعر جون سٽون آهن ته،

خواب يادن جي سرخ موسم ۾ دل آڳر تي ڦهليا آهن

خوشبو خوشبو آ منهنجو گهر سارو، گهاءَ رابيل ٿي ٽڙيا آهن.

ها عيد ئي اهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي گهاءَ به رابيل ٿي وڃن ٿا. موسمن جا سوين ستارا دل جي آسمان تي نکري پون ٿا. اهي پل ڪيڏا نه سهڻا لڳندا آهن، جنهن گهڙي ۾ تنهنجو گڏ هجڻ وجود کي ڏاڍو وڻندو آهي. ان لاءِ ته چوان ٿو اچو ته هر ڏينهن کي محبتن جي رابيلن گلابن سان عيد ڪري ڇڏيون. اسان جي عيد اهڙي هجي، جهڙي بهارن ۾ گلن جي خوشبوء هوندي آهي ۽ اڄوڪي عيد پڻ اهڙي آهي. ڇو ته اسان جو دوست صحافي شاهد علي سنڌ جي سمورن صحافين جي جدوجهد کانپوءِ ٽن مهينن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. پنهنجي پوئين عيد شاهد علي جي آزادي لاءِ احتجاجي ڪيمپ ۾ گذري وئي هئي پر هن عيد جي خوشين ۾ شاهد علي سان گڏ گوشت جو مزو پڻ وڌي ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *