تازيون خبرون

(عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان): عمر بند رکبيون نه، نياڻيون سياڻيون: مرينا شيرباز

اٺين مارچ،  انساني سماج جي خوبصورتي لاءِ، عورت جي ڪومل خوبين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. برصغير واري پراڻي دور جي ماتا سيتا جهڙي نارين جي قرباني کان ڪير اڻڄاڻ آهي. سائنسي دور ۾ ڪلپنا چاولا جهڙي بهادر سائنسدان، جنهن پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪونه ڪئي هئي، جنهن جي بهادري هر ڏينهن نوا ن جذبا پيدا ڪندي.

اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسانکي 8 مارچ 1857 جو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن نيويارڪ شهر ۾ ڪپڙي جي ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پاران ڌرڻو هنيو ويو، هو عورتون پگهار ۾ اضافو ۽ مردن جي غير انساني سلوڪ جي خلاف مظاهرو ڪري رهيون هيون. هن ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪئي وئي. هن جاکوڙ ۾ هڪ چڻگ ڀڙڪي. عورت جو مقام ته اصل کان عبد تائين بلند رهڻو آهي،اها جنت ۾عورتن جي سردار بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنه،هندو عورت مڌر ٽريسا هجي،مسيح عورت هيلن ڪيلر هجي،اها يهودي عورت ارينا سينڊلر هجي،يا سياسي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي هميشه لاءِ امر ٿي ويندڙ بينظير ڀٽو هجي.عورتن هميشه هر ڏک ۽ سک ۾ مردن جو ساٿ ڏنو آهي،پر موٽ ۾ سندن ڏک، طعنا،زلتون، رسوايون،جبر ۽ اڻبرابري ئي ملي آهي.

بقول سنڌ جي ڀلوڙ شاعر علي عباس ڀٽي موجب؛

ٻُڌ مُنهنجي جِيجل مٺڙي اَمان

هِت مان قيدَ ۾ آهيان

توکي منهنجي خَبَرَ امڙ ڪانهي

هِت مان قَيدَ ۾ آهيان

ڌُوڙ مِٽي ميرا لٽڙا

ڦٽجي پِيا مُنهنجا ٻَئي هٿڙا

رُوليان پيرَ ڪنڊن ۾ رَتَ ڳاڙيان

هِت مان قَيدَ ۾ آهيان

سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد يا انصافي  ٿيندي هجي، ڪيترين ئي عورتن کي ته بي رحم ماڻهن تيزاب اڇلايو جن جا ڪيترائي ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن پر افسوس جو عورتن جي چهرن تي تيزاب اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن اهڙن بي رحم ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿئي ها ته  ماروي جي ديس ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي ڪنهن  ماڻهو کي اها همت ٿئي ها ته اهو ڪنهن عورت جي  چهري تي تيزاب اڇلائي ها.  ماروي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن ، جن  جون اغوا بعد مذهب  مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن  خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رينڪل ڪماري کان ويندي هزارين ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون  آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. جن جا و ارث هن وقت تائين سراپا احتجاج آهن. ڪيترائي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ بااثر وڏيرن نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول بند ڪري پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏيو ن آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. عورتن جي حقن  لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون يا گهٽ آهن يا وري جيڪي آهن اهي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي  به ڪوششون نه ڪري رهيون آهن. هڪڙي ڏينهن جي اخبار جي ٽاپ اسٽوري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون ملنديون، جيڪي صرف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪرڻ جون خبرون هونديون، اهڙن چند خبرن تي نظر وجهجي ٿي.مٺي ۾ ڳورهاري عورت جي لڄ لُٽي بيهوشي واري حالت ۾ جوابدار سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. مائي سوڍي ميگهواڙ کي جوابدار لڇمڻ ساٿين سميت گهر ۾ گهڙي يرغمال بڻائي مَن ۾ ويٺل شيطان کي راضي ڪرڻ بعد ڦٽو ڪري ويا. خبرن تي نظر وجهڻ کانپوءِ توهان پاڻ بخوبي اندازو لڳائي ويا هوندو ته عورتن سان ڪيڏو ظلم ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي اسين سوچي به نٿا سگهون.اسين هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي عورتن کي ٿوري به آزادي جو حق حاصل نه آهي، اهي سدائين عذاب ۽ عتاب سهندي زندگي گذارين ٿيون.شادي کان اڳ عورت پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ۾ انهن دڙڪن، داٻن، تشدد ۽ ڏاڍ هيٺ رهي ٿي، جڏهن ته شادي بعد پنهنجي مڙس جي گهر پهچڻ بعد به ساڳيو سلسلو مڙس طرفان برقرار رهي ٿو، اهڙي معاشري ۾ آخر ”عورت ڪنهن در دانهن ڏي؟“ عورت هڪ گونگي جي مثل آهي، جيڪا زبان مان آواز/ ٻاڦ ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي. ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها. ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هڪ عورت ئي آهي، جيڪا ممتا جي روپ ۾ ظاهر ٿي هڪ مرد کي پالي ٿي.

قديم قبيلن ۾ عورتن کي دوستي يا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ونيون به مٽاسٽا ڪندا هئا جيئن لاڳاپا بهتر ٿي سگهن. ان سڄي عمل ۾ عورت جي مرضي جي ڪا به گنجائش نه هئي، جيئن قبائلي مرد چاهيندا هئا ايئن ٿيندو هو. مڙس يا سردار جو حڪم مڃڻ عورت تي فرض هو. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته قديم دور کان عورت کي دل وندرائڻ جو ذريعو سمجهي کيڏيو ويو، ڪڏهن جنگ بندي لاٰءِ ڪڏهن تخت بچائڻ لاءِ ڪڏهن انا جي تسڪين لاءِ ۽ عورت تي لازم هيو ته هو سڀ چپ چاپ سهندي رهي.

8 مارچ 1908 جي ڏينهن 15 هزار عورتن پاران جلوس ڪڍيو ويو جن جو نعرو هيو ته بريڊ ايند روزز (روٽي ۽ گلاب جا گُل) ۽ جنهن شئين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڊيوٽي جي وقت ۾ گهٽتائي، پگهارن ۾ اضافو، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ معصوم ٻارڙن جي مزدوري تي پابندي، هوريان هوريان اها لهر سڄي دنيا تائين پهچي وئي ۽ 8 مارچ 1910 کان اهو ڏينهن عورتن جو عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اسين عورت جي شعوري حالت کي طاقتور ٺاهڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، اسانجي وراثت ۽ ڪلچر سان منسلڪ ٿيندا آهيون، اسانجي خوبين خامين جي جاچ ڪندا آهيون ۽ ياد ڪندا آهيون ته عورت ڪيئن پراڻي دور ۾ پنهنجي حقن کان محروم هئي، پير جي جُتي، بيوقوف، بيوفا، بي حم چيو ويندو هو، عورت کي آزادي جي رستي ۾ پابندي سمجهيو ويندو هو. دروپدي جي روپ ۾ هن پنجن پانڊون جي غلامي ڪئي ۽ کيس جوئا ۾ هارايو ويو. هن مهل اسانکي گورو نانڪ پاران عورت جي آڌر ۽ تقاضا جي بحالي لاءِ ڪيل انقلابي اعلان ياد اچي ٿو.

اڄ جي هن جديد دوُر ۾ به عورتن سان اڻ برابري جو رويو رکيو وڃي ٿو.اهو سلوڪ گهر کان ئي شروع ٿيندو آهي،اسان جون مائرون يا ڀينريون گهر جي هر ڳالهه ۾ مرد کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن، پر حقيتيت اها آهي ته عورت ۽ مرد ٻئي برابر آهن انهن جون سماجي ذميواريون الڳ ضرور آهن پر حق جي ڳالهه ڪجي ته برابر جا حقدار آهن ڇو ته ٻئي انسان آهن ۽ الله پاڪ سڀني انسانن کي برابر جو درجو عطا ڪيو آهي، پر هتي شايد عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي ڇو ته انجي زندگي جي هر فيصلي کي مرد طئي ڪري ٿو،اپر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس ۾ اڃا ڪجهه فيصلن ۾ يا مرحلن ۾ عورت کي شامل ڪيو وڃي ٿو پر اسانجي ٻهراڙي طبقي جي 98 فيصد عورتن جا حق ماريا وڃن ٿا.

جيجي تُنهنجو شان مٿي

تو جهڙو انسان ڪٿي

توکان پوءِ بَصَر ڪڙا مِرچ ڪاڙهيان

هِت مان قَيدَ ۾ آهيان

يو ايس ايڊ ۽ عورت فائونڊيشن  جهڙين تنظيمن جي سهڪار سان عورتن جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو ته وڃي پيو پر انهن تنظيمن کي به هتان جو مرد معاشرو تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي پيو. ايتري حد تائين جو انهن جي سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ لا۽ مختلف وقتن ۾ سازشون به سٽيون ويون.

چيو وڃي ٿو ته هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو پر جي هڪ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو. ڏينهون ڏينهن ڪارو ڪاري جهڙن مسئلن جو وڌڻ ڪيترن ئي نياڻين کان تعليمي زيور کسي وٺي ٿو ۽ پاڪستان ۾ جڏهن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اڪثر ان تي اسان جو معاشرو ڪن لاٽاري وارو رويو اختيار ڪري ٿو. شاهه جي سورمين ۽ هن ظالم سماج جي اٻوجهه عورتن سان آخر انصاف ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. اها اميد به ڪري سگهجي ٿي يا نه. نيٺ ته هڪ صبح ضرور ايندو جو پاڪستان جي ماڻهن ۾ روشن خيالي جاڳندي ۽ اهي عورتن کي حق ڏيندا.  پاڪستان ۾ اهڙا ڪي ئي عالمي ڏهاڙا ملهايا ويا پر انهن ۾ ڪيل ڳالهين مان عمل ڪنهن تي به نه ٿو ٿئي. رڳو تهوار ملهائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو آهي. عورتن جا حق ماضي ۾ به ماريا ويا ته حال ۾ به عورتن جا حق کسيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ سان اسان جي عورتن جي عملي زندگيءِ ۾ ڪا بهتري آئي آهي يا نه…….؟؟؟؟ان جو جواب اڃا مونکي ڪو نه ملي سگھيو آهي.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *