تازيون خبرون

عوامي طاقت کان محروم عوامي حڪمران!: شفيق شاڪر

پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان اهو بحث سياسي ورڪرن،سول سوسائٽي،صحافين ۽ وڪيلن جي محفلن  ۽ مجلسن جو مرڪزي موضوع رهندو پيو اچي جتي عام تاثر اهو پاتو ٿو وڃي ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن به جمهوري ادارن کي آزاديء سان ڪم ڪرڻ ۽ انهن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آهي.انهيء جمهوريت دشمن روين ۽ سياسي حڪومتن جي خلاف ٿيندڙ سازشن لاء ذميدار جي طور“ اسٽيبلشمينٽ ”جو نالو استعمال ٿئي ٿو جنهن مان مراد عام طور تي مليٽري بيوڪريسي ورتي وڃي ٿي توڙي جو سول بيوڪريسي پڻ اسٽيبلشمينٽ جو اهم ۽ وڏوحصو آهي.ان ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته پاڪستان ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ڪو حقيقي جمهوري عوامي راڄ  ڪڏهن به قائم نه ٿي سگھيو آهي بلڪه جائزو ورتو وڃي ته هتي رياستي ليول تي سدائين اهڙيون پاليسيون ۽ فيصلا نافذ رهندا پيا اچن جن جو مقصد عوام کي جاهل،ڪمزور۽ غلام بنائي رکڻ ئي رهيو آهي. جنهن جو پهريون بنياد ٻن معيارن وارو تعليمي نظام ۽ ٻيو بنياد هڪ عام ماڻهوء جي حڪومتي يا رياستي اختيار تي پهچ نه هئڻ آهي.

هاڻي جڏهن جمهوريت خلاف اسٽيبلشمينٽ جي ڪيل سازشن ۽ ناڪاري روين جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آمريتن کي ڇڏي سياسي حڪومتن کي جيڪو موقعو مليو انهيء دوران انهن انهن ٻنهي اهم بنيادن کي درست ڪرڻ لاء سنجيدگيء سان ڪو ڪم ڪيو؟بدقسمتيء سان ان جو جواب تمام مايوس ڪندڙ آهي.جناب زيڊ اي ڀٽو جي ڪجھ محدود جزوي مثبت قدمن کان سواء پاڪستان جي پوري جمهوري تاريخ ۾ ان معاملي ۾ اونده نظر اچي ٿي.جيڪڏهن انهن سياسي حڪمرانن جي مجبورين ۽ سندن خلاف سازشن جي ٿيوريز کي گھڻي حد تائين صحيح به مڃون تڏهن به اهو سوال ته وري به قائم رهي ٿو ته ڇا انهن سياسي حڪمرانن ان ڏس ۾ ڪو هڪڙو قدم به اڄ تائين اڳتي وڌايو آهي؟ ڪٿي ڪو تبديليء جو نشان به نظر آيو آهي؟انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته سياسي حڪمرانن جي نيت ۽ سوچ به ساڳي رهي آهي جيڪا اسٽيبلشمينٽ يا آمرن جي رهي آهي.اڪثر اهي اسٽيبلشمينٽ سامهون پنهن جي بيوسين جا داستان ٻڌائي صرف عوام کي مطئمن ڪرڻ جا جواز پيدا ڪندا  رهياآهن.

هڪ ننڍڙو مثال وٺو. لوڪل باڊيز کي اختيار ۽ وسيلا مهيا ڪرڻ به عوام کي رياستي اختيار ۽ فيصلن ۾ شريڪ ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي پر اڄ تائين سياسي حڪومتن ڪڏهن به انهن عوامي ادارن کي نه ته مظبوط ڪيو،نه اختيار ۽ مالي وسيلا مهيا ڪيا ۽ نه ئي انهن ادارن جي اهميت کي دل سان تسليم ڪيو،ان معاملي ۾ اهي آخر اسٽيبلشمينٽ سامهون مجبور ڪيئن آهن؟ اهڙا ٻيا به کوڙ سارا عوامي ڀلائيء ۽ بهتريء جا منصوبا آهن جن کي عمل ۾ آڻڻ لاء اهي ڪنهن به طرح مجبور ۽ لاچار ناهن.ته چئبو ته معاملو يا مرض اهو ناهي جيڪو عام طور تي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ٿو،اهي سڀ ڪنهن مرض جون علامتون يا سمٽمز آهن ،برابر بيوڪريسي اوهان جي حڪمن تي پوريء طرح عمل نٿي ڪري،اسٽيبلشمينٽ برابر اوهان جون ٽنگون ڇڪيندي رهي آهي،قومي سلامتيء جي معاملن ۾ اوهان تي پورو ڀروسو نٿو ڪيو وڃي.اوهان کي پنهن جو جائز مقام نٿو ڏنو وڃي،اهي سڀ ڳالهيون صحيح آهن پر آخر ايئن ڇو ٿو ٿئي؟انهي ڪري جو اوهان عوامي نمائندگيء جون دعوائون ڪرڻ باوجود به عوام جا حقيقي نمائندا نه بڻجي سگھيا آهيو.جيڪر اسٽيبلشمينٽ عوام کي هميشه جي لاء جاهل، بدحال ۽ غلام رکڻ چاهي ٿي ته اوهان جي سوچ به ساڳي آهي.صرف عوامي ۽ جمهوري جو ليبل نرڙ تي چنبڙائي ڪو عوامي بڻجي نٿو وڃي،انهيء لاء اڳواڻڻ جون دليون به عوامي دلين سان گڏ ڌڙڪڻ گھرجن،اڳواڻڻ جا ڳوڙها به عوام جي ڳوڙهن سان گڏ وهڻ گھرجن،جن اسپتالن ۾ عوام جو علاج ٿئي ٿو عوامي اڳواڻن جو علاج به انهن اسپتالن ۾ ٿيڻ گھرجي،جن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ عام ماڻهن جا ٻار پڙهن ٿا ،اڳواڻن جا ٻار به انهن ئي اسڪولن ۾ پڙهڻ گھرجن.عوام ٽريفڪ جي جن سورن مان روز گذري ٿوعوامي اڳواڻن کي به انهن ئي سورن مان گذرڻ گھرجي. هر تجويز جو جواب اهو ايندو ته سيڪيورٽي معاملن جي ڪري ايئن نٿو ڪري سگھجي.اهو ئي جواب ته اوهان جي عوامي هئڻ واري سڄي فراڊ کي ظاهر ڪري ٿو.

موت جو ڊپ،پنهن جي زندگي بچائڻ جي جدوجهد! پوء هي عام ماڻهو جيڪي روڊن ۽ رستن تي گولين جو نشانو بڻجي وڃن ٿا اهي سڀ جانور آهن؟ انهن جي تحفظ جي بندوبست جو پهرين سوچڻ گھربو هو بعد ۾ پنهن جي سيڪيورٽي ء جو!جيڪر اوهان کي زندگي ايتري ئي پياري آهي ته پوء عوامي سياست جو شوق ڇو؟ وڃي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪريو جنهن ۾ جان جو خوف نه هجي! جڏهن عوام جي پئسن جون ڀريون ٻڌي اهي عوامي حڪمران ملڪ کان ٻاهر موڪلين ٿا ته ان وقت انهن کي ته ڪابه مجبوري نه روڪيندي آهي پر جڏهن عوامي ڀلائيء ۽ تبديلين جي ڳالھ ڪبي آهي ته جمهوريت خلاف ظلمن جو داستان کلي پوندو آهي، ڪوئي نٿو چوي ته اسٽيبلشمينٽ يا آمرن جون پاليسيون ڪي عوام دوست رهيون آهن پر اهي ته عوامي نمائندا ئي ناهن،جيڪي عوامي نمائندگي جون دعوائون ڪن ٿا ۽ هر ڀيري عوام کان ووٽ وٺي اقتدار جي ايوانن تائين پهچن ٿا، انهن هيستائين عوام کي ڇا ڏنو آهي، جمهوريت ڪڏهن قائم ئي ناهي ٿي ته سازش ڪهڙي ۽ خطرو ڇاجو؟ جنهن ڏينهن حقيقي جمهوريت قائم ٿي ويئي ته نه ڪا سازش هلي سگھندي ۽ نه ئي ڪو عوام جي حقيقي نمائندن کي ڊڪٽيشن ڏيڻ جي همت ڪري سگھندو.

جمهوريت آئيني آرٽيڪلن ، ترميمن ۽ هيوي مينڊيٽ جي زور تي نه پر عوام کي حڪومتي معاملن، اختيارن ۽ فيصلن ۾ عملي طور تي شامل ڪرڻ سان مضبوط ٿيندي. جڏهن عوام پنهن جي نمائندن تي مڪمل اعتماد ۽ حقيقي محبت ڪرڻ لڳندو ته ڪنهن به سازشيء کي ڪنهن سازش جو موقعو نه ملندو. هاڻي عوام جو اهو اعتماد ۽ محبت صرف خوبصورت نعرن سان ته پيدا نه ٿيندي آهي. انهيء جي لاء عوام جي ليول تي اچي سچائيء سان سوچڻو پوندو آهي،فرسوده نظام ۾ عوام جي خواهشن مطابق تبديليون آڻڻيون پونديون آهن ۽ ماڻهن کي بهترين حڪمراني ڏيڻي پوندي آهي جيئن دنيا ۾ ٿئي ٿو، باقي پنهن جي خلاف ٻين جي سازشن جي طرف آڱر کڻڻ کان پهرين ڪجھ پنهن جي ڪاراڻ طرف به ڏسڻ گھرجي، ٻين جي داٻي ۽ دٻاء جون شڪايتون ڪرڻ کان اڳ پنهن جن روين ۽ حرڪتن جوبه جائزو وٺڻ گھرجي.لالچ، هوس، بدديانتي،تڪبر ، ذاتي مفادن ۽ عوام دشمنيء جي سيڄ تي ويهي اوهان کي جيڪر اهو گمان آهي ته اوهين حقيقي، جمهوري  ۽ عوامي اڳواڻ آهيو ۽ اوهان کي عوامي اڳواڻن وارا سڀ پروٽوڪول،عزت ۽ اختيار به آئيني آرٽيڪلن جي ذريعي ملي ويندا ته اوهان جي اهڙي خوشفهميء تي صرف ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو!

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *