تازيون خبرون

عوامي رنگ ۾ رڱجي ويل پارليامينٽ

ملڪي تاريخ جي ڊگهي ڌرڻي ۽ آزادي مارچ جو انجام ڇا ٿيندو؟ ان جو ته فيصلو وقت ئي ڪندو پر پارليامينٽ هائوس هينئر غريبن جي جهوپڙين سان سٿجي ويو آهي ۽ عورتون پنهنجي ٻارن کي لوڏن ۾ لوڏي مارگلا جي جبلن جو خوبصورت نظارو ڏسي رهيون آهن ۽ منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، آئون ڌرڻي ۾ پئي وڃان، جا آلاپ آلاپي شاهراهه جمهوريت تي پَسار ڪرڻ ۾ پوريون آهن ۽ ملڪي تاريخ ۾ اهو به پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پارليامينٽ واقعي عوامي پارليامينٽ جي روپ ۾ نظر اچي رهي آهي. هرطرف هوڪرا آهن ڄڻ ته سارين تان جهار هڪلجي رهيو آهي، هونئن به هن وقت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سارين ۾ لابارو شروع ٿي ويو آهي ۽ هر طرف خوشيون ئي خوشيون آهن ۽ هتي اسلام آباد جي پارليامينٽ هائوس ۾ ويٺلن جي چهرن تي به مرڪون ئي مرڪون آهن، نه ڪا مٽي آهي، جيڪا اڏري اکين ۾ پوي ٿي ۽ نه ئي وري لڪ آهي، جيڪا جسم کي ساڙي ٿي، هر طرف سرسبز نظارا آهن ۽ انقلاب جا پانڌيئڙا خوشين ۾ مشغول آهن.

سياسي بحران جنهن جيترو شدت سان ڪر کنيو هو، عوام جي ذهن ۾ هو ته شايد سونامي اسلام آباد سان ٽڪرائجي هر طرف تباهي مچائي ڇڏيندو ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ ڪپتان جي هٿ ۾ هوندي ۽ تخت سونامي جي لهرن ۾ لڙندو، يا ته راول ڊيم ۾ غرق ٿي ويندو يا وري اسلام آباد جي جبلن تان ايندڙ برساتي نالن ۾ گم ٿي ويندو پر اڃا تائين ائين ناهي ٿيو، وزيراعظم نواز شريف پنهنجي عهدي تي برقرار آهي ۽ صرف سوچڻ ۾ پورو آهي ته هن عذاب مان جان ڇڏائجي ته ڪيئن ڇڏائجي.

مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪي پارليامينٽ ۾ ڪجهه ڪلاڪن تائين حڪومت جي ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪن ٿيون ۽ حمايت سان گڏوگڏ اهڙي تنقيد ڪن ٿيون جو وزيراعظم نواز شريف دل ئي دل ۾ ڪڙهندو هوندو ته ان کان ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان ته بهتر آهي، حمايت به ڪن ٿا ۽ هي ذليل به ڪن ٿا، اها ڪهڙي شرافت آهي، اعتزاز احسن جي تقرير کانپوءِ نواز شريف ضرور ان حوالي سان سنجيدگي سان غور ڪيو هوندو ته ان کان ته احتجاجي ڀلا آهن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ کلي مخالفت ته ڪري رهيا آهن ۽ هتي پارليامينٽ ۾ ويٺل حامين جي شڪل ۾ اهڙا ته ڪلور ڪري رهيا آهن، جو دل چوي ٿي ته منهن تي چئي ڏيان ته اهڙي حمايت نه کپي، جيڪا ذليل ڪري پر اهو شايد نواز شريف جي وس ۾ نه آهي. هڪ طرف اقتدار جي ڪرسيءَ آهي ۽ ٻئي طرف جده جي جلاوطني. ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي جده ۾ ڀلي بادشاهي ملي پر اها پنهنجي گهر تائين محدود هوندي ۽ هي ته سڄو ملڪ ئي پنهنجو آهي، جيئن وڻي ٿو تيئن ڪجي ٿو، سڄو گهر حڪومت ڪري ٿو، اڳيان پويان هلندڙ سڄو ڏينهن تعظيم ڪن ٿا، سلامن جو سلسلو نه کٽڻ جو هوندو آهي، هتي ته بادشاهي بادشاهي آهي، جيستائين اقتدار آهي، تيستائين ته ڪو پڇاڻو به نه آهي.

تاريخ جي هن ڊگهي ڊرامي جو خالق جنهن وقت هي ڊرامو لکي رهيو هو، ان شايد اهو سوچيو هو ته هڪ هڪ قسط لکندو ان جي رڪارڊنگ ڪرائيندو ويندو ۽ جيستائين ڊرامو پورو ٿيڻ جي ويجهو ايندو، تيستائين آخري قسط به لکي وٺندو پر اسلام آباد جو ماحول عجيب آهي! لڳي ٿو ته اهو ليکڪ پنهنجي آخري قسط لکڻ ۽ ڊرامي کي ڪلائيميڪس تي پهچائڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي راهه رباني وٺي چڪو آهي ۽ پٺيان سياسي بحران جي ناوَ اڻ تجربيڪار ناکوئن عمران خان ۽ طاهرالقادري جي حوالي ڪري چڪو آهي، جن کي نه هوا جي رخ جو پتو آهي ۽ نه ئي وري ونجهه هلائڻ جي ڪا ڄاڻ آهي. اهي ته آڏا ابتا ونجهه هلائي هاڻي ته ٻيڙي جا ئي ترا ڪڍي ڇڏيا اٿن، جنهن کي ڪيڏي مهل شيخ رشيد چتي هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڪيڏي مهل چوڌري ڀائر پنهنجي لباس کي ان ٻيڙي جي سوراخن ۾ رکي ڪجهه وقت جي لاءِ ڀرجهلو بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ان اسڪرپٽ رائيٽر کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪو اسلام آباد جي جهنگ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي ۽ ڳولڻ جي باوجود هٿ نه ٿو اچي.

آزادي ۽ انقلاب مارچ جي ناڪامي ان وقت ئي شروع ٿي وئي هئي، جڏهن عمران خان پنهنجي جذبات ۾ اهو چيو هو ته هي چونڊون ڌانڌلي واريون آهن. ان لاءِ وزيراعظم آرمي چيف کي هڪ بي ايم ڊبليو به تحفي ۾ ڏني هئي ۽ عمران خان جي ان بيان جي ستت ئي پوءِ آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪندي چيو هو ته موجوده آرمي چيف کي ڪا به بي ايم ڊبليو ناهي ملي، عمران خان جو بيان ڪوڙو آهي ۽ گهڻن ان وقت ئي اندازو لڳائي ڇڏيو هو ته هاڻي ڪجهه ٿيڻ وارو نه آهي، جيڪو شخص ڳالهه دل ۾ سانڍي نه سگهي، ان کان اعليٰ اختياريون ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪرائينديون، جيڪو اڳتي هلي ڳچي ۾ پوي ۽ دنيا ڏٺو ته ان کانپوءِ عمران خان امپائر جي آڱر کڄڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ وڌيڪ تابوت ۾ ڪوڪو ته تحريڪ انصاف جي ٻيڙي جي سوار مخدوم جاويد هاشمي هنيو، جنهن ته چيف جسٽس به پنهنجو هجڻ جي ڳالهه ڪري، سڄي ڪاڄ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ۽ هاڻي عمران خان نه هيڏانهن جو رهيو آهي نه هوڏانهن جو، طاهرالقادري کي ڪا به پرواهه نه آهي، سندس پيروڪار تمام گهڻا آهن ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ سندس ساٿ نه ڇڏيندا ۽ طاهرالقادري کي به ماڻهن کي پاڻ سان رکڻ جو هنر اچي ٿو ۽ هو واقعي ان ڪم ۾ ماهر آهي، کلڻ کان ويندي روئارڻ، سندس کاٻي هٿ جو کيل آهي، طاهرالقادري کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي، اها ڳالهه طاهرالقادري به سمجهي ٿو، باقي حال نه آهي عمران خان جو، جيڪو شيخ رشيد سميت ڪجهه ٻين جي مشورن تي عمل ڪري اهڙو ڦاٿو آهي، جتان نڪرڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي.

عمران خان جيڪو هاڻي اعليٰ اختيارين جي حمايت وڃائي ويٺو آهي، هاڻي کيس پڪ ٿي وئي آهي ته اتان کان ڪجهه به ناهي ورڻو. جڏهن ته آمريڪا به جيستائين اعليٰ اختياريون مداخلت نه ٿيون ڪن، تيستائين ڪنهن جو به ساٿي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، اهو به في الحال پري بيٺل آهي، ان صورتحال کانپوءِ آزادي ۽ انقلاب مارچ پنهنجي ئي گپ ۾ اهڙا ڦاٿا آهن، جتان نڪرڻ لاءِ واقعي معجزو کپي، نواز شريف جي استعيفيٰ ته اڳ ۾ به اچڻي نه هئي پر شهباز شريف جي استعيفيٰ جا ڪجهه چانس هئا پر موجوده صورتحال کانپوءِ هاڻي اهي چانس به گهٽ ٿي ويا آهن، سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته آئي هئي سون کڻڻ، ڪن ڪپائي وئي. واقعي هن صورتحال تي ٺهڪي اچي ٿو. ڇو ته جيڪي استعيفائون وٺڻ آيا هئا، اهي ئي استعيفائون ڏئي وڃي رهيا آهن ۽ موٽ ۾ سواءِ تاريخي ذلالت جي ڪجهه به حاصل ناهي ٿيو، جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو هو ته پوءِ عمران خان ۽ طاهرالقادري پنهنجي ئي هٿن سان ڪنهن هڪ ٻه ڪارڪن جي قرباني ڏئي، پنهنجي هانءَ تي ڇنڊو وجهن ها. ايڏو پنڌ ڪرڻ کانپوءِ موٽ ۾ ڪجهه به نه ملڻ، شايد عمران خان ۽ طاهرالقادري جي لاءِ اهو سبق آهي، جيڪو هو پڙهندا ويندا ۽ کين تاريخ ياد رکندي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *