تازيون خبرون

عوامي حڪمرانيءَ جو نه پورو ٿي سگھندڙ خواب: جاويد ميمڻ

ڪراچي، حيدرآباد، دادو ۽ سيوهڻ کان پوءِ نيٺ سنڌ جو نئون وڏو وزير ڪيترا ڀيرا ملتوي ڪيل دوري تي جمع جي شام دير سان سکر پهتو. جتي هن 24 ڪلاڪ گذاريا ۽ پنهنجي ”نائڪ“ وڏي وزير هجڻ جي تاثر کي قائم رکڻ لاءِ رات جو ئي شهر ۾ ڪاهي پيو، گھنٽا گھر تي واقع هڪ هوٽل تي چانهن پيتي، فوڊ اسٽريٽ ۾ ائسڪريم کاڌي، نمڪ بازار ۾ لمڪا پيتي. سمورين جڳهن تي وڏو وزير پاڻ ادائگيون ڪندو رهيو.  ان دوران هو عام ماڻهن سان رلي ملي ويو ۽ سيلفيون ڪڍرايون. ٻه وزير سيد ناصر شاهه ۽ ڄام مهتاب ڏهر سميت پ پ اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن جو وڏو جٿو ساڻس گڏ هو ۽ وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي جي دعوى ڪندڙ وڏي وزير جي قافلي ۾ 32 لينڊ ڪروزر، ويگو ۽ ٻيون وڏيون گاڏيون هيون جڏهن ته 12 پوليس موبائل ۽ ٻيون ڪارون ان کان سواءِ هيون. 50 کان وڌيڪ گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گھمندڙ وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ مختلف حڪم جاري ڪيا. وڏو وزير رات پنهنجي دوست ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد شاهه جي بيراج ڪالونيءَ واري رهائشگاهه تي ترسيو. ٻئي ڏينهن صبح جو اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ وٽ ناشتو ڪري اي آءِ يوٽي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪرڻ بعد آءِ بي اي ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جا دورا ڪندو مانجھاندو ڪرڻ لاءِ سيد خورشيد شاهه جي اڍائي ارب رپين واري نئين ٺهرايل شاندار محل ۾ ويو جتي پ پ ڪارڪنن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ وڪيلن جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. مانجھاندي کان پوءِ هو سکر هائوس پهتو جتي هن مڪاني ادارن جي چونديل نمائندن سان گڏجاڻي ڪئي جتي ٿڪاوٽ سبب سيد خورشيد شاهه کي ننڊ ورائي وئي هئي. ”نائڪ وڏو وزير اتان فارغ ٿي صدرالدين شاهه جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي ۽ روهڙي باءِ پاس تي اڏجندڙ آرٽس ۽ ڊزائن ڪاليج جو دورو ڪندو هڪ ٺيڪيدار دادن پٺاڻ جي دعوت ۾ ويو جتي ميزبان پاران وڏي وزير کي 10 تولن جو سونو تاج پارايو ويو جڏهن ته ساڻس گڏ 16 کن اهم مهمانن کي پڻ هڪ هڪ تولي سون جا تحفا ڏنا ويا.

نئين وڏي وزير جي شروعاتي تقريرن مان عام ماڻهو گھڻي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ عوامي حڪمرانيءَ جو خواب ڏسڻ لڳا هئا پر شايد هو اهو ڀلي ويا هئا ته سنڌ ۾ حڪمراني پ پ جي آهي چهرو ڀل بدلجي وڃي پارٽي، ان جي قيادت ۽ پاليسيون ته ساڳيون رهنديون. رڳو سکر جو مثال وٺو ته گذريل 8 سالن ۾ سکر جي ترقياتي ڪمن لاءِ اربين رپين جي رقم آئي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته اها رقم ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي، سکر اڳ کان وڌيڪ تباهه ٿيندو ويو. سکر شهر جي مجموعي حالت اهڙي آهي جو شهر جي تباهيءَ جي ذميوار سياستدانن وڏي وزير کي ڪنهن به اهڙي رستي تان نه گذاريو ۽ نه سول اسپتال سميت ڪنهن اهڙي اداري ۾ وٺي ويا جنهن سان کيس شهر جي اصل تباهيءَ جو اندازو ٿي سگھي پر ان جي باوجود وڏي وزير کي ميڊيا آڏو اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته 8 سالن ۾ اربين رپيا اچڻ باوجود سکر ۾ کيس ڪٿي به ڪو ڪم ٿيل نظر نه پيو اچي لڳي ٿو ته سموريون اسڪيمون رڳو ڪاغذن ۾ پوريون ٿيون آهن. ان جي باوجود وڏو وزير هڪ اهڙي ٺيڪيدار وٽ دعوت کائڻ ويو جيڪو سکر جي تباهيءَ جي ذميوار انهن سياستدانن جو ساٿاري ۽ سهولتڪار آهي جن 8 سالن ۾ اربين رپيا هڙپي ڇڏيا پر اوڳرائي به نه ڏني. ان ٺيڪيدار سون جي تحفن جي مد ۾ 13 لک رپين کان مٿي ۽ چانهن پارٽي تي 2 لک رپين کان مٿي خرچ ڪيا ته ڇا ان جي بدلي ۾ هو ڪو فائدو حاصل نه ڪندو؟ سيد مراد شاهه جو چوڻ هو ته پهريون ڀيرو ته پهريون ڀيرو مالي سال جي شروعاتي اڍائي مهينن ۾ 70 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ته ڇا ڪو کانئس پڇندو ته پهرين وڏن وزيرن جي دورن ۾ جڏهن هو پاڻ ناڻي کاتي جو وزير هوندو هو ته ڇا هو ڄاڻي واڻي پئسا رليز ڪرڻ ۾ دير ڪندو هو؟ اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهي 70 ارب رپيا به ڇا انهن ئي سياستدانن جي دادن پٺاڻ جهڙن ماڻهن کي جاري نه ڪيا ويا آهن جن اڳ ئي ابين رپيا ڳڙڪائي ڇڏيا آهن.

عوامي حڪمراني رڳو ٺلهن نعرن يا اعلانن سان نه ايندي آهي پر عمل مان ثابت ٿيندي آهي. جن پرڳڻن ۾ عوامي حڪمراني آهي اتي جا حڪمران عوام سان گڏ عوامي سوارين ۾ بنا پروٽوڪول جي به سفر ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿيندي آهي. اتي عوامي ڀلائي جا ڪم اوليتي بنيادن تي ٿيندا آهن. ترقياتي رٿائون ڪاغذن ۾ نه پر عملي شڪل ۾ پوريون ٿيندي نظر اينديون آهن. ڪرپشن ڪندڙ ڪيڏو به وڏو عهدو رکندڙ هجي ان کي استعفا ڏئي عوامي توڙي عدالتي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو آهي ۽ سزا ڀوڳڻي پوندي آهي. اتي سرڪاري ناڻي کي سرنگھون هڻي پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ جي اجازت ناهي هوندي. اتي تعليم ۽ صحت جو ڪاروبار ناهي ٿيندو اتي جا حڪمران پنهنجي حڪمران هجڻ جو ڏن ڀرڻ لاءِ دبئي ياترائون ناهن ڪندا. اتي نه ڪو ”ادو“ هوندو آهي ۽ نه ڪا ”ادي“ هوندي آهي. اتي جي پوليس سياسي نه هوندي آهي. اتي عدالتن کان مٿاهان قتل ناهن ٿيندا. اتي پوليس ۾ فل فراءِ يا هاف فراءِ جو ڪو تصور ناهي هوندو. اتي امير ۽ غريب جا هڪ جهڙا قانوني حق رڳو آئين جي ڪتاب ۾ لکي نه رکيا ويندا آهن پر اهي نظر به ايندا آهن. رڳو پاڻ سان سيلفيون ڪڍرائڻ کي عوامي حڪمراني ناهي سڏبو پر جڏهن عام ماڻهو حڪمرانن جي ڪرايل ڪمن جي سامهون بيهي فخر سان سيلفيون ڪڍرائن تڏهن لڳندو آهي ته عوامي حڪمراني آهي. اسيمبلي ميمبرن کي علائقي جي اڇي ڪاري ۽ عوام جي زندگين جو مالڪ بنائڻ عوامي حڪمراني ناهي هوندو پر گڊ گورنس، ۽ سٺن آفيسرن ذريعي عوام کي بنا فرق جي سمريون سهولتون ڏيڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوام آڏو جوابده هجڻ سان عوامي حڪمراني نظر ايندي آهي.

اسين سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا بدقسمت آهيون ۽ شاي گھڻي عرصي تائين رهنداسين ڇو ته اسان پنهنجي قسمت پاڻ بدلڻ نٿا چاهيون. اسان مرده پرست بڻجي چڪا آهيون ۽ تاريخ شاهد آهي ته جنهن قوم پنهنجي قسمت بدلڻ جي پاڻ ڪوشش ناهي ڪئي ان جي قسمت خدا به ناهي بدلائيندو ۽ ان قوم مٿان اهڙا حمران اچي ويندا آهن جيڪي سندن رت پيئڻ واري عمل کي به ڪارنامو ڪري پيش ڪندا آهن. گذريل ٻن مهينن ثابت ڪيو آهي ته سنڌ پرڳڻي جي قسمت بدلائڻ، هتان خراب ٿيل نظام کي سڌارڻ ۽ سڌي رستي تي آڻي عوامي حڪمرانيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ واريون دعوائون ڪندڙ سيد مراد علي شاهه به پنهنجي پارٽيءَ جي اڳين وڏن وزيرن جو تسلسل آهي جيڪي دعوائون ته گھڻيون ڪندا آهن، سنهري خواب به ڏيکاريندا آهن پر عملي طور تي هو ڪجھ به نه ڪندا آهن. هاڻي به سرڪاري ناڻو ائين لٽبو رهندو، ساڳيا سيستدان هوندا، ساڳيا ٺيڪيدار هوندا، سونا تاج پائبا رهندا ۽ عام ماڻهو ائين ئي پوليس ۽ ڪامورن هٿان ذليل ٿيندو رهندو ۽ وڌيڪ ذليل ٿيڻ لاءِ ساڳين سياستدانن جي درن تي انصاف لاءِ ڌڪا کائيندو رهندو.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *