تازيون خبرون

عمران خان ۽ نظام جي حقيقي تبديلي: شفيق الرحمان شاڪر

دل کي خوش ڪرڻ لاء اهو سٺو خيال آهي ته عمران خان پاڻ ته تمام بهترين ۽ ايماندار شخص آهي پر ساڻس گڏ ٻيا ماڻهو جيڪي هن کي وڪوڙي ويا آهن اهي صحيح نه آهن.هونئن به اسان پاڪستاني قوم جو اهو بنيادي الميو آهي جو اسان هڪ جذباتي قوم آهيون ۽ شين کي حقيقت پسنديء جي عينڪ سان ڏسڻ جي اسان ۾ عادت ئي نه رهي آهي.ڪنهن به اڳواڻ سان جڏهن اسان محبت ڪندا آهيون ته هن جون سموريون انساني ڪمزوريون ۽ خرابيون بلڪل نظرانداز ڪري ۽ سندس سوچن جي غلطين کان منهن موڙي، هن کي فرشتي جو درجو ڏيئي ويهندا آهيون.هن جي خلاف ڪاٻه ڳالهه بڌڻ اسان برداشت نه ڪندا آهيون.ٻئي طرف جڏهن ڪنهن کان نفرت ڪندا آهيون ته ان جي سمورين خوبين ۽ چڱاين کان يڪسر اکيون بند ڪري کيس سمورين خرابين ۽ بربادين جو ذميدار قرار ڏيندا آهيون.جنهن قوم کي ان قسم جي اجتماعي بيماري لڳل هجي اتي دليل،منطق، تجزيي،تحقيق ۽ حقيقيت پسنديء واري سوچ سدائينء لاء جمود جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ هرڪو ڪنهن اهڙي اوچتي سياسي ۽ سماجي معجزي جو منتظر رهي ٿو جيڪو ظهور پذير ٿئي ۽ رات وچ ۾ ملڪ جو سماجي،سياسي ۽ معاشي نقشو  پاڻهي بدلجي وڃي.دل کي وندرائڻ لاء اها آس سٺي آهي پر ڇا ڪجي حالتن ۽ وقت جي ست ظريفيء کي جو دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ ايئن ڪا غير فظري تبديلي نه آئي آهي پر جيڪر ٿوري دير لاء اچي به ٿي ته اها ساڳئين پيرين تڪڙو واپس به ٿئي ٿي.پاڪستان جي ستر سالا تاريخ ۾ اسان سڀ اهڙن ئي غيرفطري ۽ نامعقول معجزن جا منتظر ۽ آسائتا رهندا پيا اچون.ڪجھه بنيادي حقيقتن کي نظرانداز ڪندي ته اسان جي ملڪ يا سماج سان اصل مسئلو آهي ڪهڙو؟ّ اصل خرابي آهي ڪٿي ؟ جيستائين مسئلي جي سمجھه ۽ خرابيء جو شعور حاصل نه ڪبو ۽ ان کي درست ڪرڻ جي سچي نيت ئي نه هوندي ته ان جو علاج خاڪ ٿيندو!  اسان تمام وڏو عرصو انگريزن جي غلاميء ۾ گذاريو.غلاميء جي هڪ پنهنجي ڪيفيت ،نفسيات ۽ هلت ٿئي ٿي جتي سوچ سمجھه، تحقيق ۽ تجزيي جون صلاحيتون اڪثر مائوف ۽ جامد رهن ٿيون. وري پاڪستان ٺهڻ بعد بدقسمتيء سان ملڪ تي آمريتن جو هڪو ڊگھو دور رهيو جيڪو دور به بنيادي طور تي غلامي واري دور سان ئي ملندڙ جلندڙ آهي.رهيل کهيل عرصي لاء جيڪو نام نهاد جمهوري نظام قائم ٿيو اهو به بدقسمتيء سان نه ته رياستي ۽ حڪومتي ادارن توڙي نظام ۾ ڪي بنيادي نوعيت جا سڌارا ۽ چڱايون آڻي سگھيو ۽ نه ئي عوام کي ڪو حقيقي رليف مهيا ڪري سگھيو. نتيجو اهو نڪتو جو عوام حڪمران کي ووٽ به ڏيندو رهيو ۽ ٿوري ئي عرصي مان انهن کان بيزار ٿي انهن کان نجات لاء ڪنهن “مسيحا ”کي منٿون به ڪندو رهيو.

1996ع ۾ عمران خان جڏهن پنهنجي هڪ نئين سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو ته عوام جيڪو عام طور تي ٻن پارٽين جي لڪ لڪوٽي راند کان تنگ اچي چڪو هو تنهن کي تبديليء جي وري هڪ نئين آس قائم ٿي ۽ وقت گزرڻ سان گڏوگڏ اها آس وڌيڪ مظبوط ٿيندي ويئي.خاص طور تي عمران خان کي هڪ بين الاقوامي ڪرڪيٽر هئڻ واري اعزاز،شوڪت خانم ميموريل اسپتال ۽ نمل يونيورسٽيء جي قيام ۽  ماضيء جي حڪمرانن خلاف سندس تيز تند زبان جي استعمال هن کي سندس سياسي ميدان ۾ گھڻوفائدو پهچايو.نوجوانن جي هڪ واضح اڪثريت هن سان سياسي طور تي سلهاڙجي ويئي.پر جيئن ته اها وابستگي حقيقي نه پر جذباتي نوعيت جي هئي ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهيء جو انجام به شايد هڪ عظيم نااميديء جي صورت ۾ نڪري.ان ۾ شڪ ناهي ته ذاتي طور تي عمران خان ڏيتي ليتيء جي معاملي ۾ هڪ ايماندار ۽ ديانتدار ماڻهو آهي ۽ سندس خلاف اڃا تائين ڪنهن معاشي ڪرپشن جي ڪا وڏي ڪهاڻي سامهون نه آئي آهي پر صدين جي بگڙيل نظام کي بدلائڻ لاء صرف ايترو ئي ڪافي ته ناهي جو اڳواڻ رڳو ايماندار هجي.سياست ۽ ڪرڪيٽ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.سياست ۾ رڳو جذبات نه پر منطق ۽ دليل کپي،تبديليء جي دعويٰ ڪندڙ جي قول ۽ فعل ۾ 180 ڊگريء جو تضاد نه هئڻ گھرجي.ملڪي ۽ عوامي مسئلن ۽ معاملن جو ادراڪ ۽ فهم هئڻ گھرجي.حالتن،نفسيات ۽ رجحانن جي مڪمل ڄاڻ ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاء ڪا عملي حڪمت عملي به هئڻ گھرجي.اهڙي اڳواڻ وٽ سچن ۽ مخلص ساٿين جي ٽيم به هئڻ گھرجي جيڪي واقعي سماج ۾ ڪا مثبت ۽ بنيادي تبديلي آڻڻ لاء آتا هجن.تبديليء جون دعويدار جماعتون صرف پريشر گروپ جي طور تي ڪم ناهن ڪنديون جو توهان حڪومت کي دٻاء ۾ آڻي وقتي طور تي پنهنجو ڪو مطالبو مڃائي وٺو.انهيء کان پوء هڪ قابل اڳواڻ ۾ سياسي لچڪ جي خاصيت به هئڻ گهرجي.

بدقسمتيء سان پنهنجي سموري سياسي ڪيريئر ۾ عمران خان ايتريون ته سياسي قلابازيون کاڌيون آهن جو هن جي سياسي بلوغت تي بار بار سواليا نشان کڙا ٿيندا رهيا آهن.سندس سياسي يو ٽرن جي انيڪ مثالن سان سندس سياسي تاريخ ڀري پيئي آهي.شايد هو معاملن جي تهه تائين پهچڻ بدران نهايت ئي جلدبازيء ۽ ضد ۾ فيصلا ڪرڻ جو عادي رهيو آهي.اليڪشني سياست ۾ پير پائيندڙن لاء جنهن اعليٰ ،ديانتدار ۽ صاف سٿري ڪردارن جي هو پاڻ ڳالهه ڪري ٿو اڄ بدقسمتيء سان سندس پنهنجي آسپاس اهڙن ماڻهن جو ميلو متل آهي جن مان گھڻن جا پرڪار ۽ سوچون به انهن ئي روايتي جمهوري وڏيرن واريون ئي آهن.اڄ هن جا ڪيترائي سچا ساٿي ۽ بنيادي ڪارڪن هن کان گھڻو ڇڊا ٿيندا ٿا وڃن.پارٽي تي اڪيلي سندس ذاتي گرفت ۽ هو پڻ وري هڪ خاص بااثر ٽولي جي گرفت ۾ نظر اچي ٿو.ڪي پي ڪي حڪومت جي حوالي سان به سندس مجموعي ڪارڪردگيء تي ڪيترائي اهم سوال اٿاريا ويا آهن.سڀ کان اهم ڳالهه اها ته عمران خان سندس ۽ سندس پارٽيء جون توانائيون،وسيلا ۽ وقت اهڙن مسئلن ۽ مونجھارن ۾ لڳائيندو رهيو آهي جيڪي پاڪستان ۾ حقيقي تبديليء جي حوالي سان ڪا خاص اهميت نٿا رکن.جن شين تي ملڪ ۾ حقيقي تبديليء جو بنياد ۽ خرابين جو سڌارو ممڪن ٿي سگھيو ٿي سي اهي مسئلا ناهن.اهي بنيادي سوال ته اڄ به پنهن جي جاء تي جيئن جو تيئن موجود آهن ته ڇا نوازسريف يا ٻئي ڪنهن جي سزا کائڻ سان ملڪ ۾ گھربل تبديلي اچي ويندي؟ هرڪو ڄاڻي ٿو هن ملڪ جي هرخرابي ۽ عوام جي هر آزار جو ذميدار نه ته اڪيلو نوازشريف آهي نه ئي ٻيو ڪو اڪيلو حڪمران.هتي ته سڄي نظام جو ئي ٻيڙو ٻڏل آهي.ملڪ جنهن بي يقيني،معاشي ڪمزوري، ڦرلٽ، ڏوهه ۽ سماجي انتشار جو شڪار آهي انهيء ۾ حصو ملائڻ لاء ڪنهن به وسان نه گھٽايو آهي. هيٺان کان مٿي ۽ مٿان کان هيٺ تائين پورو نظام ئي اڏوهي کاڌل،زهرآلود ۽ اذيتناڪ آهي.اهو نظام نه ته ڪنهن خصوصي احتساب يا حڪومتي ڪرسين تي ويٺل چهرا مٽائڻ سان درست ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي ٺلهن نعرن سان اهڙي ڪا مثبت ۽ حقيقي تبديلي آڻي سگھجي ٿي.جيستائين ادارن کي درست نٿو ڪيو وڃي.جيستائين قانون سڀني لاء ساڳيو جو نعرو حقيقي طور تي سماج ۾ لاڳو نٿو ٿئي.توهان انهيء ئي اليڪشن ڪميشن ذريعي سوين ڀيرا چونڊون ڪرائي ڏسو،ساڳئي نظام تحت احتسابي ادارا ٻيا به قائم ڪري ڏسو پر ٿيندو ڪجھه به ڪونه جو هاڻي هي نظام ايڪسپائير يعني مدي خارج ٿي چڪو آهي.بدقسمتيء سان عمران خان ۽ سندس جماعت پارليامينٽ جي اندر يا ٻاهر انهن ادارن کي درست سمت ڏيڻ لاء ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي.ڪي پي ڪي ۾ صوبائي احتساب اداري سان عمران خان جي صوبائي حڪومت جيڪي ڪجھه ڪيو سو الڳ سواليا نشان آهي.انهيء کان سواء ٻيا به ڪيترائي اهم ملڪي معاملا ۽ پاليسيون آهن جن تي عمران خان اڄ تائين مونجھاري جو شڪار نظر اچي ٿو.ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن وٽ صرف هڪ ئي جادوء جو ڏيئو آهي سو اهو ته جيئن ئي هو ڪنهن نه ڪنهن نموني هڪ ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويندو ته سڄو نظام ئي درست ٿي ويندو.جيڪر ايئن آهي ته پوء اها اهڙي خوشفهمي آهي جنهن کي بدقسمتي ۽ هڪ اهڙو خواب آهي جنهن کي ڪنهن ديواني جو خواب ئي چئي سگھجي ٿو.اها اميد جيڪا ملڪ جي عوام جي هڪ وڏي حصي عمران خان جي سياست سان ڳنڍي رکي آهي،ايئن نه ٿئي جو انهيء جو جنازو به هڪ ڏينهن ايئن نڪري جيئن ماضيء ۾ ڪيترين ئي اميدن جورهبرن جي ديوانگيء ۽ نااهليء سبب نڪرندو رهيو آهي.2018ع جون عام چونڊون ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻي ڇڏينديون انهي سوچ تي اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته

“ خدا تيري جنون ڪا سلسله دراز ڪري.”

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *