تازيون خبرون

علم کي ”پرچوڻ“ ٿيڻ کان ڪير بچائيندو؟:شوڪت لوهار

علم واقعي انسان جي ٽئين اک آهي، انسان ٻن اکين جي نور کان ڀل محروم ٿي وڃي پر ان جي شعوري اک هميشه علمي بصيرت سان ئي روشن ٿيندي آهي ۽ هو ان سان سماج ۾ سوجهرو ڦهلائيندو رهي ٿو. مون کي چڱي ريت ياد آهن اهي خواب يادگيريون جيڪي مون کي پنهنجي ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين روزانو چار ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري اسڪول پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ناراضگي يا احتجاج جو رويو روا نه ڪرڻ، بلڪه اهي ڏينهن انهن اڪيچار خوشين ۽ املهه مرڪن سان ٽمٽار هوندا هئا، جن لاءِ ڪو ٻيو دليل آهي ئي ڪو نه. اهي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن اسين پنجون درجو پورو ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيا هئاسين. استاد صاحبان انگريزي جي لپي ۽ سنڌي اکرن کي ملائي پڙهائيندا هئا. انهيءَ دور جي استادن جو دٻدٻو پنهنجو ئي هوندو هو.

اِهي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن تعليمي ادارن کي اڃا خانگي اسڪولن جي اڏوهي ڪين کاڌو هو. اهي ڏينهن ڪجهه اهڙن ڏينهن مان هئا جڏهن اڃا استاد صاحبان کي ڪوچنگ سينٽرن يا ٽيوشن سينٽرن جي وڻ ويڙهي ڪين ويڙهيو هو. هر استاد بنا لالچ ۽ هٻڇ جي پڙهائيندو هو، شاگرد پنهنجي استادن کي تخليقي طور پنهنجو هيرو بڻائي پنهنجي سوچن کي علم جي مها ساگر ۾ لاهيندو هو.

اصل ۾ علم آهي ئي اِهو جيڪو دل ۽ دماغ تي اثر ڪري، توهان کي هر شيءِ جي قدر ۽ شناس بخشي. توهان ۾ اختلاف راءِ رکڻ جو حوصلو پيدا ڪري. توهان کي لالڪ يا متفق سان ڳالهه مڃائڻ جو فن سيکاري، علم عقل ۽ قابليت کي ائين سنواريندو ۽ ان مان خوبصورتيون پيدا ڪندو آهي، جيئن هڪ سنگ تراش هڪ پٿر مان ڇيڻي ۽ مترڪي جي مدد سان خوبصورت ايفروڊائيٽ جهڙي خوبصورت ديوي کي تراشي ڪڍندو آهي.

علم ماڻهو ۾ اها سگهه پيدا ڪندو آهي جنهن سان هو پنهنجي، پنهنجي ڪٽنب پنهنجي علائقي پنهجي ڏيهه ۽ پوري انسان ذات لاءِ ڀلائي جو هڪ وسيلو بڻجي ويندو آهي جن ملڪن اهڙي علم جو ثمر کاڌو آهي اهي اڄ ترقي جي افق تي آهي، جن علم کي بس ڪجهه ڊگرين جي حاصلات ۽ گٽ مٽ ڳالهائڻ تائين محدود ڪيو آهي، اهي هڪ عجيب قسم جي ماليخوليا جي ور چڙهي ويا آهن ۽ انهن مان عام ڀلي جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

ڏهاڳ ماريل هن ڏيهه ۾ تعليم جو وکر جڏهن کان بازار جو وکر ٿيو آهي ته علم مان اهو مان مرتبو نڪري ويو آهي جيئن ڪنهن ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي آهي. استادن پنهنجي اعليٰ پيغمبري ڪرت کي چند ٽڪن عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته معاشي ڀونچال ئي ان جو وڏو سبب هُجي ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ استاد جي عزت هڪ پوليس واري کان وڌ ڪو نه آهي. ٻارڙا پنهنجو تعارف ڪرائيندي هٻڪي اُهو ٻڌائيندا آهن ته هو هڪ استاد جو اولاد آهن، ڏسندي ڏسندي سنڌ جي تعليم ائين تباهه ٿي ويئي جيئن وسندڙ شهر ٺٽو مدد خان جي گهوڙن جي سنبن جي ور چڙهي ويو هو. ان جا ڪئين ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هٿ وٺي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. ڪاليجن ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪلچر جنم ورتو، جتي تقريري مقابلا، بحث مباحثا ٿيندا هئا اتي اڄ صرف ۽ صرف جهيڙا ٿين ٿا، هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هڪ عدد ڪتب خانو هوندو هو جيڪو هر شاگرد جي علمي اُڃ اجهائيندو هو ۽ ان جي دل کي اجالو بخشيندو هو پر اوهان پاڻ سروي ڪري ڏسو ته گهڻا اهڙا اسڪول ڪاليج آهن جن ۾ ڪتب خانن جا تالا زنگ کائي ويا آهن ۽ ڪتابن ۾ اڏوهي پنهنجا گهر اڏي ڇڏيا آهن. جڏهن کان تعليم خانگي اسڪولن ۾ پرچوڻ ٿي آهي تڏهن کان اهي آدرشي استاد ۽ علمي اتساهه سان ٺٻ شاگرد اڻلڀ ٿي ويا آهن جيئن ٿر ۾ مينهن جي وسڪاري کانپوءِ کنڀيون راتو رات ڦٽي پونديون آهن اسان وٽ خانگي اسڪول ائين ڦٽي پيا آهن. تعليم هڪ کي هڪ وکر Commodity بڻايو ويو آهي. هر ننڍي وڏي پاڙي ۾ هڪ اسڪول کليو پيو آهي.

هر شهر جي سڃاڻپ هاڻ خانگي اسڪول وڃي رهيا آهن جتي بغداد نگري چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا وارو رواج هلي رهيو آهي۔ اهڙي ريت ههڙن اسڪولن کي ڪنهن به طرح سان تعليمي ادارا چوڻ ڪو انصاف ڪو نه ٿيندو هي هر شهر ۾ ڪارپوريٽ ڪلچر جي پيداوار وڏا وڏا شاپنگ مال آهن جتي تعليم جي وکر کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي نالي ۾ وڏا وڏا شاپنگ مال، ننڍا ننڍا آئوليٽ ليس ۽ ان کانپوءِ انگريزي ميڊيم “O” ۽ “A” ليول جي نالي ۾ مانڊڙيون ۽ ريڙها سڀ هوڪا ڏيئي رهيا آهن ته کين جيڪا مهارت ۽ سهولت آهي اُتي توهان هڪ دفعو پنهنجو ٻار ڏيو پوءِ ڏسو ته اسين اوهان کي ڪنگال ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪو نه ٿا ڇڏيون، جڏهن کان وٺي سرڪار تعليم کان توجه هٽائي آهي تڏهن کان وٺي هي گروهه منظم ٿي ويا آهن. هاڻ خانگي اسڪول يا خانگي تعليمي ادارا مافيا جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. ذاتي تجربي جي بنياد تي اهو لکان ٿو ته جيتري ڳاٽي ٽوڙ فيس ٻارن کان ورتي وڃي ٿي اگر ان جو هڪ سيڪڙو به انهن اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استاد مزدورن خاص طور عورت استادن کي ڏنو وڃي ها ته اڄ سڄي سنڌ ۾ بيروزگاري جو ههڙو حشر ڪو نه هجي ها.

خانگي اسڪولن جي في ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ملڪ گير احتجاج ٿي رهيا آهن. حالت آهي ته ملڪ ۾ هينئر نه تيل وڌيو آهي نه گئس وڌيو آهي پوءِ ڇا جا اضافو؟ خانگي اسڪولن جي فين جي واڌاري خلاف پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته اهي اي ٽي ايم مشينون ٿورو ئي آهن جو هو روزانو جي وڌندڙ خانگي اسڪولن جي فين کي منهن ڏيئي سگهي. هن ملڪ جو عوام اڳ ئي مهانگي جي ٻرندڙ جبل ۾ جلي ڪوئلو ٿي ويو آهي پر هاڻ خانگي اسڪولن وارا جن پنهنجي تنظيم جوڙي ورتي آهي انهن وٽ عجيب قسم جا موقف آهن.

ملڪ دهشتگردي جي واقعن مان لاچار ٿيو، تڏهن به تحفظ ۽ حفاظت جي نالي فيس واري خاني ۾ اضافي بار والدين تي وڌو ويو. لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو، تڏهن  جنريٽر جو تيل مائٽن جي خون ۽ پگهر سان ٺهندو، انهيءَ کان علاوه خانگي اسڪولن ۾ روزانو، هفتيوار ۽ مهيني وار ڪو نه ڪو پروگرام آهي ئي آهي، جنهن کي هو فنڪشن چون ٿا انهن جا چارجز به ٻار کي ڀرڻا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عام شهري جنهن جو گذر سفر ڏهاڙي تي هجي اُهو ڪٿي ٿو اهڙين ارڙ بلائن سان مقابلو ڪري سگهي. نتيجي ۾ هن جو ٻار جنهن کي چارٽرڊ، اڪائونٽنٽ ٿيڻو هو جنهن کي عبدالسلام ٿيڻو هو، جنهن کي بينظير ۽ ملالا ٿيڻو هو اهو پٺتي رهجي ويو. اهو معاشي بدحواسي تي ٻڌل خانگي اسڪولن جو ٻٽو تعليمي معيار ڪيترن ئي شاگردن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ڇڏي.

خانگي ادارن ۾ فين جي نالي ۾ جيڪا لٽ مار آهي انهيءَ هتي عام ماڻهن جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي. فيسون ايتريون ڳريون وٺندا جو ڄڻ اوهان کي گمان ٿيندو ته اوهان جو ٻار پڙهي ڪو نه رهيو آهي پر ان کي اُتي پئسن جي فنڊنگ ڪرائي وڃي ٿي، خانگي اسڪولن ۾ ٽوئر ۽ ٻارڙن جي سير سفر جي نالي ۾ مائٽن جي رت نپوڙي انهن کان خرچ ورتو وڃي ٿو. اهڙن اسڪولن ۾ ڪجهه اهڙا اسڪول جيڪي مقامي سطح جا مطالعاتي سير ڪن ٿا جن کي راڻي باغ جنهن ۾ هاڻ ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ سنڌالاجي ڏيکاري وري موٽايو وڃي ٿو. انهيءَ کان علاوه ڪي اهڙا اسڪول يا خانگي تعليمي ادارا آهن جيڪي پرڏيهه جو مطالعاتي سير ڪرائين ٿا ۽ انهيءَ ٽوئر جي نالي ۾ ڪروڙن تائين فيسون ۽ چارجز اوڳاڙيا وڃن ٿا.

حيدرآباد توڙي پوري سنڌ ۾ موجود خانگي اسڪولن ۾ جيڪي انگريزي ميڊيم جا دعويدار اسڪول آهن، اهي ٻڌائي سگهندا ته انهن وٽ انگريزي سيکارڻ جو طريقو اهو آهي، جيڪو فونٽيڪ ۽ فوٽولاجي تحت ممڪن هوندو آهي يا انهن کي لفظن کي رٽايو وڃي ٿو. سنڌي ٻولي سان ڪهڙو حشر ڪيو اٿن، اوهان ڪنهن به خانگي اسڪول جيڪو نالي چڙهيو وڃي ان ۾ وڃو پهريون ته اُتي سنڌي جو مضمون ڪو نه پڙهايو ويندو هو جي پڙهايو به ويندو هوندو ته ان لاءِ  مقرر استاد جي سنڌ يا مهارت ان ۾ بنهه ڪو نه هوندي ڇاڪاڻ ته هو نٿا چاهين ته هي ٻار سنڌي لکي پڙهي سگهن. اوهان ڪا به سنڌي اخبار کڻي اهڙن نالي چڙهيل خانگي اسڪولن ۾ وڃو حرام جو ڪو ٻار اها اخبار پڙهي سگهي، نتيجي ۾ اسان پنهنجي نسل ۽ پاڻ کي پنهنجي ثقافت کان محروم رکي رهيا آهيون.

هي وائيٽ ڪالر ڪرائيم هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ سرڪار کي پنهنجي توانائي اسڪولن تي خرچ ڪرڻ گهرجي ۽ عروج کي بحال ڪرائي، جيڪو ڪڏهن شاندار ماضي هو. خانگي تعليمي ادارن ۽ اسڪولن کي پنهنجي فيس وڌائڻ واري روش کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ عورت توڙي مرد استادن کي پگهار جي نالي ۾ کين خيرات ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي. اهڙا کوڙ انگ اکر موجود آهن جيڪي ايندڙ ڪنهن لکڻي ۾ پيش ڪبا. هي ڌرتي ۽ ان جا رهواسي اهڙي تعليمي دهشتگردي کي نندين ٿا. اسڪولن جون فيسون جائز هئڻ گهرجن، انهن ۾ اضافو جهڙي ريت هر سال جي حساب سان 5 سيڪڙو يا ان کان گهٽ ٿيڻ گهرجي. خانگي اسڪولن ۾ يونيفارم، ڪاپين ۽ اسٽيشنري جي نالي ۾ غريب مائٽن جي لٽ مار بند ٿيڻ گهرجي. هيڏين ڪاپين ۽ ٽرڪ ڪتابن کانسواءِ هڪ ڪتاب ۽ هڪ سليٽ تي پڙهي لکي به ماڻهو معاشري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ويا، هن ڳالهه تي ٿورو غور ضرور ڪرڻ گهرجي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *