تازيون خبرون

عقل تي لڳل مُهر: وسعت الله خان

هاڻي اهو ئي ڏسو ته دنيا جي ٻئي وڏي شپ بريڪر سينٽر گڏاڻيءَ جي ڪناري آندل آئل ٽينڪر کي لڳل باهه ۾ ٻه درزن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا سبب ڄاڻڻ ۽ اهڙي قسم جي سوين مزدورن کي بنيادي حفاظتي ۽ پيشيوراڻين سهولتن جي عدم فراهميءَ بابت جامع قدمن کڻڻ ۽ اهڙي صورتحال جي ازالي سان نه ته حڪومت کي دلچسپي آهي ۽ نه ئي وري ميڊيا جي هڪ وڏي حصي کي.

مورڳو نااهليءَ جي بنيادي خرابيءَ جي تدارڪ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون هلايون پيون وڃن تن ۾ گهڻي مقدار ۾ شايع ٿيندڙ اردو اخبارن ۾ اها خبر به آئي آهي ته هن جهاز کي 19 ميمبرن وارو عملو 22 آڪٽوبر تي گڏاڻيءَ ڪناري ڇڏي ان ڏينهن واپس به هليو ويو هو. (يعني باهه لڳڻ جو سبب اهو آهي)

ڀارتي ۽ پاڪستاني پنجاب ۾ ٿڌ ۾ ڪوهيڙو ڇانئجي وڃڻ معمول جي ڳالهه آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ماحولياتي تبديلين سبب ان ڌنڌ جون دورانيو هر سال وڌندو ئي رهيو آهي. دهليءَ کان امرتسر ۽ لاهور کان گجرات تائين زرعي ۽ صنعتي بيلٽ ۾ هزارين ڪارخانا هر سال لکين ٽن آلودگي فضا ۾ وکيرين ٿا.

سرحد جي ٻنهي پاسي لکين هاري فصل لڙڻ بعد زمين کي گند گاهه کان صاف ڪرڻ لاءِ باهه لڳائڻ جو سستو طريقو اختيار ڪندا آهن سو ڌنڌ ۾ آلوده ذرڙن جي ملي وڃڻ ڪري هاڻي سموڪ ۽ فوگ جي ميلاپ سموگ نالي خچر پيدا ڪري وڌو آهي.

پاڪستاني سوشل ميڊيا تي آمريڪي خلائي اداري ناسا جي هڪ سيٽلائيٽ تصوير شايع ٿي آهي جنهن مطابق ڀارتي پنجاب ۾ زرعي زمينن کي گاهه گند کان صاف ڪرڻ لاءِ باهيون ڏيڻ جي نتيجي ۾ فضا ۾ سموگ جو مقدار وڌي ويو آهي.

ان تصوير جي بنياد تي ثابت ڪيو پيو وڃي ته سموگ به هڪ سوچيل سمجهيل ڀارتي سازش آهي. پر هي عجيب سازش آهي جنهن جي نتيجي ۾ صرف پاڪستاني پنجابي نه پر دهلي، هريانا ۽ ڀارتي پنجاب به سموگ جي لپيٽ ۾ آهن.

ڪير به نٿو چوي ته صنعتي آلودگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارخانن کي جديد طريقا استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ اثرائتن قانون ۽ نگرانيءَ جي شڪنجي ۾ آندو وڃي. ڪير به نٿو ٻڌائي ته هاري بغير دونهين جي پنهنجي زمين ڪيئن صاف ڪن؟

بس اهو حل ٻڌايو پيو وڃي ته ڀارت پنهنجو سموگ (ڪوهيڙو) پاڪستان ڏانهن نه ڌڪي. جي ايئن ٿي وڃي ته لاهور کان فيصل آباد تائين ڇانيل سموگ جي ڇٽي ويڙهجي وڃي.

مونکي ياد آهي ته 1999ع ۾ ڀارت راجستان جي علائقي پوکران ۾ ايٽمي تجربا ڪيا ته ان کانپوءِ سنڌ ۾ پيل شديد گرميءَ جو هڪڙو سبب اهو به ٻڌايو ويو هو ته اصل ۾ ايٽمي تجربن ٽيمپريچر وڌائي ڇڏيو آهي. پر ڇا بلوچستان ۾ ايٽمي تجربن سان به ٽيمپريچر ۾ ڪو اضافو ٿيو؟ بلڪل به نه.

هاڻي سموگ جهڙي سنگين مسئلي سان به ايئن ئي ٿي رهيو آهي. مثال طور پنجاب پوليس عمران خان جي حامين تي جهڙي نموني ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي انڌا ڌنڌ شيلنگ ڪئي تنهن جو دونهون سموگ جي عذاب جي شڪل ۾ خود پنجاب تي نازل ٿي ويو آهي يا شريف ڀائر پاناما پيپرز جا ثبوت ايتري مقدار ۾ ساڙي رهيا آهن جو آسمان ئي دونهاٽجي ويو آهي.

ڪراچيءَ بابت سڀ ڄاڻين ٿا ته گذريل ڪيئي سالن کان مڪاني ادارن جو مفلوج ٿيڻ ۽ گڊ گورننس جي فقدان سبب پاڪستان جو هي سڀ کان وڏو شهر گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق ڪراچيءَ پهچندي ئي ٽوڪيو ته پنجاب جا ننڍا ننڍا شهر به ڪراچيءَ کان وڌيڪ صاف آهن.

ان جو ٺهه پهه جواب صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو اهو ڏنو ته پهريون پنجاب پنهنجي شهرن کي به ڪوهيڙي کان بچائي. ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي صفائيءَ جي ڳالهه ڪري. (يعني گندگي ۽ آلودگيءَ جو موضوع به صوبائي خودمختياري مجروح ڪرڻ جي سببن ۾ شامل ٿي ويو)

رياست هلائيندڙن جي سموري ڪوشش اها آهي ته سٺي حڪمرانيءَ تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ جڳاڙ، ٽوڪ طنز ۽ ڌيان هٽايو توڙي الزام تراشيءَ ذريعي پنهنجو پاڻ کي ذميواريءَ کان آجو قرار ڏئي وقتي طور ئي صحيح پر جان ڇڏائي وڃي.اهڙي طرح جي رويي سان رياست سسڪي سسڪي گهلجي ته سگهي ٿي پر پنهنجي ڪا مڪامي يا بين الاقوامي توانا سڃاڻپ نه ٿي ٺاهي سگهي. پر توانا سڃاڻپ ڪهڙو ڪمبخت ٿو ٺاهڻ گهري.عذابن جون ڪيئي شڪليون آهن پر عقل تي مُهر لڳي وڃڻ شايد سڀ کان وڏو عذاب آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *