تازيون خبرون

عطيه فيضي: هڪ ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي ؛ زاحده حنا

هڪ صدي پهريان اهي مصروفيتون، جن تي اڄ به تعليم يافته عورتون رشڪ ڪن ٿيون، پر اسان وٽ عطيه جهڙين گهڻ رُخي شخصيتن ۽ مسلمان عورتن جي حقن جي لاءِ اُنهن جي جدوجهد کي نظرانداز ڪيو ويو. صرف اُن لاءِ ته اسان جي رجعت پسند عنصرن کي، اُنهن جي روشن خيالي، مردن ۽ سو به غير مسلم مردن سان ملاقاتون، خط ۽ ڪتابت، رقص ۽ موسيقي سان اُنهن جي گهري وابستگي، مختلف مذهبن جي ماڻهن سان اُنهن جو ملڻ جلڻ، اُنهن جي مذهبي تقريبن ۾ شرڪت، برداشت نه هُئي. عطيه کي نظر انداز ڪري ۽ اُن جي باري ۾ نامناسب ۽ غلط ڳالهيون ڦهلائي، اُهي هندستان جي مسلم عورتن کي اُنهن خطرن کان محفوظ رکي سگهيا ٿي، جيڪي عورت کي جديد تعليم، اُنهن جي بي پرده هُجڻ، اُنهن جي آزادي ۽ حقن جي طلبگاري جي شڪل ۾ اڳيان نظر اچي رهيا هُئا. اُنهن ماڻهن کي ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته عطيه فيضي ۽ اُن جهڙين ٻين عورتن، جنهن عورتن جي آزاديءَ جي تحريڪ جو آغاز ڪيو هو اُن جي مشعل بردار ڊاڪٽر رشيد جهان، عصمت چغتائي ۽ اُن کان پوءِ اچڻ واريون بڻجڻيون هيون.

هندستان واپس اچڻ کان پوءِ به هُن ۽ اقبال جو خط ڪتابت جاري رهيو. اقبال به هاڻ هندستان واپس اچي چُڪو آهي ۽ پنهنجي معاشي مسئلن سبب حيدرآباد دکن جي درٻار جي طرف ڏسي ٿو. هو عطيه سان حيدرآباد جي مالياتي واري وزير جي عهدي تي فائز مسٽر اڪبر حيدري ۽ هُن جي بيگم جي نالي تعارفي خط ڏيڻ جي فرمائش ڪن ٿا. حيدري جيڪو بعد ۾ سر اڪبر حيدري ٿيو، اُهو عطيه جو ڪزن هو. عطيه، اقبال جي اُن فرمائش کي نه ٽاريو ۽ هڪ تعارفي خط موڪلي ڏي ٿي. اُن سان گڏ ئي اقبال تي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته ”مون کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته اقبال حيدرآباد مان خوش آهي ۽ عين ممڪن آهي ته هو ان چمڪ ڌمڪ جو شڪار ٿي ويندو، جيڪا ٻاهر وارن جي لاءِ هندستاني رياستن ۾ موجود آهي. مون کي انديشو هو ته اُتي وڃي اقبال پنهنجي ذهانت کي ڪنهن وڏي مقصد تي صرف ڪرڻ بجاءِ ادنيٰ ڳالهين ۾ ضايع ڪري ڇڏيندو.“

اقبال جي باري ۾ هي ڪتاب عطيه جي خيالن ۽ اقبال جي خطن تي مشتمل آهي، جنهن جو اردو ترجمو عبدالعزيز خالد ڪيو، هي ڪتاب 1975ع ۾ لاهور مان شايع ٿيو.

عطيه لکي ٿي ته ”مون کي معلوم هو ته اُن کي مالي مسئلا درپيش آهن ۽ انهن مسئلن ۾ آيل انسان پنهنجي رستي ۾ آيل ڪنهن به ڪک جو سهارو وٺندو، ان ڪري مون ان کي سختيءَ سان ننديو. مقصد اهو هو ته هو رياستي وهنوار جو شڪار نه ٿئي.“

30 مارچ 1910ع جي تاريخ آهي، جڏهن اقبال لاهور مان عطيه کي جواب ڏنو هو:

مائي ڊيئر مس عطيه

توهان جي ملامت نامي جي لاءِ جنهن جو مون مزو ورتو، سراپا سرور آهيان، هڪ دوست جي ملامت کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو لطف هوندو؟“ هي هڪ ڊگهو خط آهي جنهن ۾ اقبال جي حيدرآباد ۾ قيام، اڪبر حيدري ۽ ان جي گهرواري جي خاطردارين جو شڪرگذاريءَ سان ذڪر ڪيو آهي. حيدرآباد دکن ۾ اقبال جي نوڪريءَ جي حوالي سان عطيه پاران جنهن ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويو هو، اقبال ان کي ”لذيذ عذاب“ جو نالو ڏئي ٿو. هي هڪ ڊگهو خط آهي، جنهن مان بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته اقبال کي عطيه سان ڪنهن حد انس هو ۽ هو ان جي راءِ کي ڪيتري اهميت ڏيندو هو.

7 اپريل 1910ع تي اقبال هڪ طويل خط ۾ عطيه کي لکيو هو:

”مون کي خوف آهي ته توهان منهنجي عمل ۽ عزائم جي باري ۾ سخت غلط فهميءَ جو شڪار آهيو ۽ توهان سان ملڻ کانسواءِ ان جو تدارڪ ممڪن ناهي. ان دوستيءَ جي خاطر جنهن جو مان اڄ به چاهيندڙ آهيان، اسان جو هڪ ٻئي سان ملڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي. مان ان لاءِ وقت ڪڍندس. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿيون ته زباني روڪ ٽوڪ جي ڪا به گنجائش نه ٿيندي، تنهن باوجود مون کي يقين آهي ته مان توهان کي پنهنجي سچائي ۽ خلوص جو يقين ڏياري سگهان.“

اڳتي هلي لکي ٿو ”منهنجي دل ۾ شاعري جي باري ۾ ڪو به جوش ۽ ولولو ناهي ۽ ان جي ذميداري توهان تي عائد ٿئي ٿي.“ انهيءَ خط ۾ اقبال پاڻ مٿان عطيه جي ’اختيار‘ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”ڇا مان اهو چئي سگهان ٿو ته توهان ان حيثيت کي قائم رکڻ پسند ناهي ڪيو، مان ان جو اقرار ڪيان ٿو ۽ ڪندو رهندس. ڪجهه ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته مون کي به توهان تي اهڙو ئي اختيار حاصل آهي پر منهنجي مايوسي ڏسو جڏهن مون ٻين ماڻهن کان ٻڌو ته توهان جو لاهور جو ارادو هو، بلڪه اچي وئي هئينءَ پر توهان مون کي هڪ سٽ لکڻ جو ارادو نه ڪيو. هي محض اتفاق هو ته وڌيڪ ڪڙهڻ ۽ سڙڻ جي لذت وٺڻ نصيب ٿي. مون کي انديشو آهي، مان اهي ڳالهيون لکي رهيو آهيان جيڪي روبرو ٿيڻ گهرجن….. مان ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪجهه نه لکندس، ڇو ته منهنجي دل چاهي ٿي ته مان دل کي ڪڍي ڪاغذ تي رکي ڇڏيان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪريان. توڻي جو اهي سڀ ضرور اهڙيون آهن جو اهي تحرير نه ٿيڻ گهرجن، انهن ڏينهن جي ياد ۾ جڏهن توهان کي مون تي اعتماد هو ۽ منهنجو قدر هو.“

اقبال جو اهو ڊگهو خط ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هن کي عطيه سان گهري دلي وابستگي هئي، جڏهن ته عطيه ان کان ڪناره ڪش ٿي وئي هئي. انهيءَ خط ۾ هو هن کي گذريل ڏينهن جي ياد ڏياريندي لکي ٿو ته: ”انهن ڏينهن جي ياد ۾ جيڪي بظاهر مري چڪا آهن پر منهنجي دل ۾ زنده آهن.“ ۽ هو هڪ دفعو ٻيهر لکي ٿو ته ”منهنجي دل ۾ شاعري جي لاءِ ڪو به جوش ۽ ولولو ناهي. مون کي محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن منهنجي خوبصورت موڊ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي تخليق جو سرمايو مون کان ڦري ڇڏيو آهي.“ ان جملي ۾ جنهن شخصيت طرف اشارو آهي، ان کي سمجهڻ ڏکيو ناهي.

ڊسمبر 1911ع تائين اقبال هن کي پنهنجا ڪيترا نظم اماڻيندو هو ۽ 14 ڊسمبر 1911ع تي ان خواهش جو اظهار ڪري ٿو ته ”مون ان بحر ۾ اڳ ۾ ڪڏهن نه لکيو، هي نهايت مترنم آهي. منهنجي تمنا هئي ته مان اُتي هُجان ها ته توهان کي ۽ بيگم صاحبه (عطيه جي ڀيڻ هر هائينس نازلي آف جنجيره) کي جهونگاري ٻڌايان.“ هي سندس اهو نظم آهي، جنهن جو عنوان ”نواءِ غم“ آهي.

ان کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ خط و ڪتاب شايد مڪمل طور تي بند ٿي وئي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. عطيه سموئيل رحمين جي تمام ويجهو ٿي چڪي هئي. ايتري تائين جو 1912ع ۾ عطيه سموئيل جي شادي ٿي وئي. اقبال جي ٽين شادي ان جو ڪارڻ هوندي. ٻئي پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ مصروف ٿي ويا. عطيه يورپ ۽ آمريڪا جي علمي ۽ ادبي محفلن، موسيقي جي ليڪچرن ۽ رحمين جي لکيل ڊرامن کي پيش ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي ۽ اقبال جنهن جو چوڻ هو ته هو هاڻي شاعري نه ڪري سگهندو ”شاعرِ مشرق“ ٿي اڀريو.

1906ع ۾ عطيه هندستاني عورت جي لاءِ جديد تعليم ۽ آزادي جا خواب ڏسي رهي هئي، اُنهن کي اکين ۾ سانڍي هوءَ پاڪستان ان لاءِ آئي جو بالابار هلز تي رهڻ واري سندس پاڙيسري محمد علي جناح هُن کي ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه اصرار ڪندي چئي هُئي ته پاڪستان جُڙڻ وارو آهي، تنهن ڪري کيس اُتي اچي مسلمان عورتن جي ترقي ۽ فنون لطيفه جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان جي قيام جو جڏهن اعلان ٿيو ته اُن وقت عطيه قاهره ۾ هُئي. قاهره کان هوءَ واپس بمبئي وئي ۽ پوءِ پنهنجي ڀيڻ هر هائنس نازلي بيگم ۽ فيضي رحمين سان گڏ پاڪستان جو رُخ ڪيو. هر هائينس نازلي بيگم جي پاڪستان اچڻ جو سبب اهو هو ته پُٽ جي اولاد نه ٿيڻ سبب سندس مڙس سان تعلق ۾ وڇوٽي پيدا ٿي هُئي.

هتي اچڻ واري فيصلي جي جيتري ڳري قيمت عطيه، سندس مُڙس ۽ هُن جي ڀيڻ هر هائينس نازلي جنجيره ادا ڪئي، اُها سندن تصور ۾ به نه پئي اچي سگهي. هوءَ پاڪستان پهتي ته 70 سالن جي ٿي چُڪي هُئي، پر ذهني ۽ جسماني طور تي اڃا به پُختي هُئي. هتي اچڻ کان ترت ئي پوءِ هُن ”ٿري آرٽ سرڪل“ تحت ادبي ۽ موسيقي جون محفلون شروع ڪيون. 1951ع ۾ هُن برٽش ڪونسل جي تعاون سان ”اقبال ڊي“ جي موقعي تي هڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو، پر ڪجهه بااثر ماڻهو هُن جي اُن خطا کي معاف ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا، ته هُن اقبال جا اُهي خط ڇو شايع ڪيا، جنهن ۾ هو گوشت پوشت جو هڪ انسان نظر اچي ٿو. اقبال هاڻ هڪ نيم مذهبي هستي ٿي چُڪو هو ۽ مفڪر پاڪستان ڪوٺجي رهيو هو، اُن جو ڀلا عطيه سان ڪهڙو تعلق ٿي سگهيو ٿي، تنهن ڪري اهو چيو ويو ته عطيه اُن کي پنهنجي شهرت جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.

عطيه جو خيال هو ته پاڪستان هڪ سيڪيولر رياست هوندي، پر فرقيواراڻي بنياد تي جُڙندڙ رياست سيڪيولر ڪيئن پئي ٿي سگهي؟ هُن کي برنس گارڊن جي پُٺيان، هاڻوڪي آرٽس ڪونسل وٽ ٿوري زمين ڏني وئي، جنهن تي هُن پنهنجي پئسن سان هڪ گهر جوڙايو ۽ اُن کي هُن دانشورن ۽ فنون لطيفه جي سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪيو، پر اهو سلسلو آخرڪار ختم ٿيو. هُن کي، رحمين ۽ هر هائينس جنجيره کي سندن گهر مان اهو چئي ڪڍيو ويو ته هُنن اُن تي ناجائز قبضو ڪيو آهي. هي ماڻهو پهريان هڪ سُٺي هوٽل ۾ منتقل ٿيا، آمدنيءَ جو ڪو ذريعو نه رهيو هو، اُن لاءِ زيور ۽ لباس وڪڻڻ لڳا. فرنيچر وڪيو. غربت، اُنهن اميرن تي پنهنجا پر ڦهلايا، بيمارين گهر جي راهه ڏسي ورتي. 1964ع ۾ پهريان فيضي رحمين موڪلايو، اُن کان پوءِ نوبت اها اچي وئي جو مولانا طاهر القادري پنهنجي رسالي ”فاران“ ۾ لکيو ته، ”مون عطيه بيگم کي بمبئي جي هڪ پُراڻي دوست کان پنجاهه رپيا گُهرندي ڏٺو ته اُنهن اکين ۾ لُڙڪ هُئا. اُن صاحب هُن کي خاموشي سان سو رپيا ڏنا ۽ اُٿي هليو ويو.“

اُهي هٿ جن سيرت النبي جي اشاعت جي لاءِ 20ع جي ڏهاڪي ۾ علامه شبلي نعماني کي هزارين رپيا ڏياريا هُئا، اُهي هٿ 60ع جي ڏهاڪي ۾ پنجاهه رپين جي لاءِ ڪهڙي نموني پکڙيا هوندا، اُن جي باري ۾ ڪجهه به چوڻ بيڪار آهي. اُها عورت، جيڪا هندستان جي رياستن جي ماحول کان چڱيءَ ريت واقف هُئي، ۽ جنهن اقبال جي حيدرآباد دکن جي رياست ۾ ملازمت ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي هُئي، ۽ اُن کي نظام جي درٻار سان وابسته نه ٿيڻ ڏنو هو، هاڻ اُن جي باري ۾ اهو چيو پيو وڃي ته هُن اقبال سان معاشقي جو ناٽڪ رچايو هو. اهو سڀ ڄاڻي عطيه جي دل تان ڇا گُذريو هوندو. اُن باري ۾ ذهن تي زور ڏيڻ جي ضرورت ناهي. حيرت آهي ته اقبال جيڪو ملت اسلاميه جو مفڪر سڏيو وڃي ٿو، اُن جي چاهيندڙن کي ڪڏهن اهو خيال نه آيو ته جيڪڏهن اقبال نظام دکن جو دٻاري هُجي ها ته اُن جي زندگي ۽ شاعري ڪهڙو رُخ اختيار ڪري ها؟ 80 کان 90 سالن جي عمر دوران عطيه، ماضيءَ جي يادن سان دل بهلائيندي ۽ حال جي ذلت سان وڙهندي رهي. 1964ع ۾ فيضي رحمين اکيون ٻوٽيون ۽ ائين اُهو آخري شخص به هُن جي زندگيءَ مان موڪلائي ويو، جيڪو اڌ صدي کان وڌيڪ هُن جي دُک درد جو ساٿي رهيو ۽ آخري ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي ڪاوڙ اُن تان ڪڍندي رهي. اڪيلائي ۽ تلخي جو زهر هُن جي جسم ۾ سرايت ڪري ويو. آخري ڏينهن ۾ هُن کي هڪ اهڙي هوٽل ۾ گذارڻو پيو، جتي ڪجهه ماڻهن جي چوڻ مطابق ڪال گرلز جو اچڻ وڃڻ رهندو هو. 90 ورهين جي عطيه 1967ع جي ڪراچي ۾ اکيون ٻوٽيون ۽ 2 ٻن سالن جي وٿيءَ بعد سندس ڀيڻ به موڪلاڻي ڪئي. فيضي خاندان جي اها ڪهاڻي ختم ٿي. اُها ڇوڪري جيڪا مسلم عورتن جي تحريڪ آزادي جو هڪ چمڪندڙ ستارو هُئي، سا وساري وئي. هُن پنهنجي هڪ غلط سياسي فيصلي جي ڀيانڪ قيمت ادا ڪئي. هوءَ جيڪڏهن هندستان ۾ هُجي ها ته ڪنهن به ڪلامندر يا ڪنهن به سنگيت اڪيڊميءَ جا دروازا هُن جي لاءِ کُليل هُجن ها. عطيه بيگم ۽ فيضي رحمين جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي ته،

’نه سُنو ميري داستان، نه سنو سرگزشتِ بلاڪشان نه سنو‘.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *