تازيون خبرون

عجب جهڙيون ڳالهيون؛پروفيسر مدد علي جهتيال

ڇو اسان جو سماج اهڙو ٿيندو پيو وڃي، جنهن کي ڏسو، اهو پنهنجي سوچ مطابق پيو هلي، نه ڪنهن وڏي جي ٻڌي پيو نه ڪنهن ننڍي جي، بس پنهنجي مرضي پيو هلائي، هڪ ڏينهن آءٌ دنيا جي وڏي سوشل ميڊيا چينل فيس بڪ تي ويٺو هجان. فيس بڪ تي آيل ڊاڪ ڏسندي ڏسندي هڪ اهڙي ڊاڪ تي نظر پئي جو آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته اسان جو پڙهيو لکيو نوجوان ڪاڏي پيو وڃي. اها ڊاڪ ڇا هئي ”اڄ آئون قرآن پاڪ جو ختم شريف سنڌي ۾ پڙهي پورو ڪيو، جنهن جو ثواب آئون ڪامريڊ چي گويريا جي حوالي ڪريان ٿو، الله ان کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ ڏئي.“ نه عزيزن قريبن کي نه ئي پنهنجي حق ۾ بخشش ۽ ٻاجهه گهريائين.

پڙهيا لکيا نوجوان جيڪي هن قوم ۽ ملڪ جا مستقبل ۽ معمار آهن، CSS، PCS ۽ مختلف (Competitive) چٽاڀيٽي جا امتحان ڏئي رهيا آهن، انهن سان جڏهن ڪچهري ٿيندي آهي ته آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته نوجوانن جي سوچ ڏسجي ته هو ڪهڙي سوچ رکندڙ آهن، جڏهن انهن جي اڳيان مختلف موضوع رکندو آهيان ۽ انهن کان پڇندو آهيان ته اڪثريت ائين محسوس ڪرائيندي آهي ته اسان کي پنهنجي فڪر آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان جلدي وڏا ماڻهو ٿيون، ماڻهو اسان جا سلامي ٿين اسان انهن جا نه ٿيون، ايترو پيسو گڏ ڪريون جو اسان جون ست پيڙهيون به ويهي کائين. ان کان علاوه اهو تاثر ڏيندا آهن ته اسان کي هن ملڪ ڏنو ڇا آهي؟ جو اسان هن ملڪ لاءِ سوچون اسان کي بک، بدانتظامي، ڪرپشن، ناانصافين کان علاوه مليو ڇا آهي جو اسان هن ملڪ لاءِ ڪجهه ڪريون. وري جڏهن مذهبي حوالي سان انهن سان بحث مباحثو ٿيندو آهي ته اهڙو تاثر ڏيندا آهن جو ائين لڳندو آهي اسلامي معلومات آهي ته صرف انهن وٽ آهي، نه عالمن نه ئي مذهبي اسڪالرن وٽ آهي. ٻڌڻ وارو اهو محسوس ڪندو ته هي ته وڏا عقلمند آهن مذهب آهي ته صرف هنن وٽ آهي، جڏهن عملي طرح انهن کي مذهبي حوالي سان ڏسندا آهيون ته زيرو هوندا آهن، چوندا آهن جيڪو ڪجهه آهي هتي آهي يعني هن جهان ۾ آهي، آخرت تي انهن جو پختو يقين نه هجڻ جي برابر هوندو آهي، ويٺا يورپ جو مثال ڏيندا آهن ته انسانيت آهي ته صرف يورپ ۾ آهي.

اسان جي سماج ۾ اگر اهڙي قسم جو تاثر اڀري پيو ته ان جا ڪهڙا سبب آهن، ڪڏهن ڪنهن ان تي سوچيو آهي، اڳين زماني جا به ته ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ملڪ، قوم ۽ دين تي سر قربان ڪري ڇڏيندا هئا. هو جيڪو ڪجهه سوچيندا ۽ ڪندا هئا اهو سڀ جو سڀ ايندڙ نسلن جي لاءِ هوندو هو. اليس هوي (Elias Howe) آمريڪا جي مشهور شهر مساچوسٽ جو هڪ معمولي ڪاريگر هو، جيڪو 1819ع ۾ ڄائو ۽ صرف 48 سالن جي عمر ۾ 1867ع ۾ مري ويو. ان دنيا کي هڪڙي اهڙي شيءِ ڏني جنهن پوري دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اها هئي سلائي مشِن جيڪا هن 1845ع ۾ ايجاد ڪئي، مشين ايجاد ڪرڻ جي ڪري پوري دنيا ان جي ٿورائتي آهي.

اڄ جو نوجوان خاص ڪري پڙهيو لکيو طبقو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي سوچ ته رکي جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم جي بهتري هجي، اهڙي سوچ نه رکي جنهن سان اسان جي وڏن جا ارمان ۽ خواب ساڀيان نه ٿي سگهن.

آئون هڪ نوجوان جو قصو اوهان کي ٻڌائيندو هلان، جيڪو (B.E) پاس آهي، ان سان جڏهن مون ڪچهري ڪئي، حال احوال ورتا ته هاڻي اوهان جو ڇا پلان آهي، ڇا سوچيو آهي اوهان ڇا ڪندا، چيائين آئون چاهيان ٿو ته مون کي وڏي گهراڻي جي ڇوڪري ملي، جنهن سان آئون شادي ڪريان. ان سان گڏ بنگلو، ڪار، بينڪ بئنلس ملي ته جيئن آئون آرام سان پنهنجي زندگي گذاري سگهان، ٻيو مون کان ڪجهه به نه ٿيندو. مون کيس چيو ته يار ان لاءِ ته اوهان کي طويل جدوجهد ڪرڻي پوندي، ائين جهٽ پٽ ۾ سڀ شيون ملڻ ناممڪن آهي. مون کي جهٽ پٽ ۾ جواب ڏنائين ته سائين اوهان کي خبر ناهي ته الله وڏو ڪريم رحيم آهي، ان جي اڳيان دير ئي ناهي، اوهان ويٺا ڏسو اهو ڪيئن ٿو ٿئي. مون کيس چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته الله بيشڪ رحيم، ڪريم آهي ليڪن اهو به لوچڻ کانسواءِ ٿوري ڏيندو اوهان کي. ڇا تون ڌاڙا هڻندين، ڦرون ڪندين جو ايترو جلدي اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو. انگريزي ۾ هڪ ڪهاوت آهي (In giving that we receive) اسان ڏيون ٿا تڏهن حاصل ڪريون ٿا.

دنيا ٺاهڻ واري الله باري تعاليٰ جو قانون آهي ته جيڪو ڏيندو اهو ئي حاصل ڪندو، هڪ ٻي چوڻي آهي ته (As you saw so shall you reap) جهڙي پوکيندي اهڙي لڻندو.

عامر خان جي هڪ فلم آيل آهي جنهن جو نالو (P.K) (پي ڪي) آهي، اها فلم شايد ڪافي ماڻهن ڏٺي هوندي جيڪا (Wrong Number) غلط نمبر تي ٺهيل آهي، اهو (Wrong Number) مذهب ۾ هجي يا سماج ۾ ان کي وائکو ڪيو ويو آهي. اڄڪلهه اسان جي ميڊيا خاص ڪري اليڪٽرونڪس ميڊيا ته حد ڪري ڇڏي آهي. رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پيش ٿيندڙ يعني هلندڙ اڪثر پروگرام مذهبي آهن جن ۾ دين ۽ آخرت جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي انهن سڀني پروگرامن جا تقريبن ميزبان يا ته مسخرا آهن يا فنڪار آهن بجاءِ عالمن ۽ مذهبي اسڪالرن جي انهن مسخرن کي اسلام جو ذمو ڏنو ويو آهي ته اوهان دنيا ۾ مذهب جو اميج بهتر ڪريو، جن جو مذهبي حوالي سان ڪو تعلق ئي نه آهي. مقصد چوڻ جو اهو آهي ته جيڪي ڪجهه اسان جي سماج ۾ غلط ٿئي پيو، ان تي اسان جا دانشور، عالم، اديب، پڙهيا لکيا ماڻهو ڇو خاموش آهن، ڇا انهن جي اکين تي ڪاريون پٽيون چڙهيل آهن ڇا انهن جي مٿان اهو فرض عائد نه آهي ته اهڙي قسم جي براين کي سماج مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪن ۽ اهڙو سماجي علم ڦهلائن جنهن ۾ عدل، انصاف ۽ بهتري هجي.

موجوده دنيا ۾ ڪاميابي جو راز ان ۾ آهي ته ماڻهو وقت کي سڃاڻي ۽ زماني جي تقاضا مطابق هلي، جيڪو ماڻهو وقت ۽ زماني جي تقاضائن کي نه ٿو سمجهي ان جو حال تمام برو ٿيندو آهي. هن نازڪ دور ۾ اهڙن ذهين ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي وقت ۽ زماني جي تقاضائن کي سمجهن، ان لاءِ اسان کي ايندڙ نسل اهڙو تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو ملڪ، قوم ۽ دين کي روشن ڪري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *