تازيون خبرون

عالمي تبديلين جا سبب: ڊاڪٽر سڪندر مغل

اڄ اسان عالمي سطح تي حڪومتن، ڪارپوريشن، فوجن، بئنڪن، سياسي پارٽين ۽ سياسي نظامن ۾ ايڏي ٽوڙ ڦوڙ، اٿل پٿل ۽ تبديليءَ جي لهر ڏسي رهيا آهيون، جو انهن تي يقين ڪرڻ ايڏو آسان نه ٿو لڳي.مضبوط اقتدار جا ايوان اڄ لرزي رهيا آهن. ڪنهن سوچيو به هو ته هڪ ڏينهن روس ۽ سوشلسٽ بلاڪ چند سالن جي اندر ٽٽي ويندا، مضبوط برلن ديوار ذرا ذرا ٿي غائب ٿي ويندي ۽ وچ اوڀر جون بادشاهتون هوا ۾ اڏي وينديون. هنن تبديلين جا سبب گهڻا ئي ٿي سگهن ٿا، پر بحيثيت مجموعي هيٺيان ٽي انقلاب، بقول موئيسز نائم جي، انهن عالمي تبديلين جا اصل سبب آهن (ڏسو موئيسز نائم جو ڪتاب ”اينڊ آف پاور“ 2013).

1: گهڻائيءَ وارو انقلاب (more revolution)

2: چرپر وارو انقلاب (Mobility revolution)

3: ذهني انقلاب (Mentality Revolution)

گهڻائيءَ وارو انقلاب

اڄ سان پنهنجي چوڌاري هر شيءِ جي گهڻائي/جھجھائپ ڏسي رهيا آهيون. انسانن جي آدمشماري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ڳوٺن کان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌي رهي آهي، ڊاڪٽر وڌي رهيا آهن، بيماريون وڌي رهيون آهن، ڊاڪٽري شعبي ۾ Specialities وڌي رهيون آهن، دوائون وڌي رهيون آهن. ٽي ويون، گاڏيون، جهاز، ڪمپيوٽر، ٽي وي چئنلز، موبائل فونون مسلسل وڌي رهيا آهن.. بازارون شين ۽ سامان سان ڀريون پيون آهن. شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. مذهبي پرچارڪ وڌي رهيا آهن ۽ ڏوهاري به وڌي رهيا آهن. ڌرتيءَ جي گولي تي ملڪ، شهر، سياسي پارٽيون  فوجون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. 1950ع کانپوءِ دنيا جو اقتصادي اُپت پنجوڻ چڪي آهي ۽ في ڪس آمدني ساڍا ٽي ڀيرا وڌي آهي. انسانن جي آدمشماري پڻ وڌي رهي آهي، اڄ ٻه ارب ماڻهو اڄ کان ويهه سال پهريان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. 2050ع تائين دنيا جي آدمشماري 1950ع جي ڀيٽ ۾ چئوڻي وڌي ويندي. عالمي سطح تي غربت ۾ گهٽتائي  ٿي رهي آهي ۽ ماڻهن جي صحت بهتر ٿي رهي آهي.ان ڳالهه جو اندازو هيٺين انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو.

ورلد بينڪ مطابق 2005 ۽ 2008 جي وچ ۾ انتهائي غربت ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو تناسب گهٽيو آهي. رابرٽ زوئلڪ، ورلڊ بئنڪ جي تڏهوڪي صدر مطابق 2000ع ۾ طئي ڪيل غربت جي ملينيم ڊولپمينٽ گولس کي پنج سال پهرين حاصل ڪيو ويندو. يعني دنيا جي انتهائي غربت کي 2015 تائين اڌ تائين ختم ڪيو ويندو. مثال طور 1981 کان 66 ڪروڙ چيني ماڻهو غربت کان ٻاهر نڪتا آهن. ايشيا ۾ انتهائي غربت ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي آبادي 1980 ۾ 77 سيڪڙو کان گهٽجي 1998ع ۾ 14سيڪڙو ٿي آهي. ان کانسواءِ دنيا جي غريب ترين ماڻهن ۾ به زندگيءَ جو معيار وڌيو آهي. ڪيترن  غريب ملڪن جي تڪڙي اقتصادي ترقي ۽ نتيجي ۾ انهن اندر غربت جي ڪميءَ هڪ عالمي وچولي طبقي کي وڌايو آهي.عالمي بئنڪ جي انگن اکرن مطابق 2006 کان 28 گهٽ آمدنيءَ وارو ملڪ، وچولي آمدنيءَ وارن ملڪي جي فهرست ۾ شامل ٿي ويا آهن. دنيا جي 84 سيڪڙو آبادي هاڻي پڙهيل ڳڙهيل آهي، جڏهن ته 1990ع ۾ اها 75 سيڪڙو هئي. يونيورسٽي تعليم ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. غريب ملڪن ۾ به پيشه وراڻن سائنسدانن جو تعداد وڌي رهيو آهي. انسان هاڻي ڊگهيون ۽ وڌيڪ صحت مند زندگيون گذاري رهيا آهن.جديد ٽيڪنالاجين جهڙوڪه انٽرنيٽ، فيس بُڪ، ٽوئيٽز وغيره جو به ماڻهن جي سجاڳيءَ ۾ و ڏو هٿ آهي. ان جو   تازو مثال ”عرب اسپرنگ“ ۾ ملي ٿو.

گهڻائي واري انقلاب جو واسطو رڳو شين جي تعداد سان نه آهي، پر ان جو واسطو ماڻهن جي زندگين ۾ آيل معياري بتهريءَ سان به آهي. جڏهن ماڻهن جي غذا سٺي هوندي، اهي وڌيڪ صحتمند، وڌيڪ تعليم يافته، وڌيڪ باخبر ۽ ٻين سان وڌيڪ ڳنڍيل هوندا، تڏهن مٿان ضابطو رکڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.

چرپر وارو انقلاب

نه رڳو هاڻي ڌرتيءَ تي ماڻهو گهڻا ٿي ويا آهن، جن مان گهڻي ۾ گهڻا ڀرپور ۽ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهن پر گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو هاڻي وڌيڪ سفر به ڪري رهيا آهن. اقوام  متحده جي انگن اکرن موجب ڌرتيءَ جي گولي تي 21 ڪروڙ 40 لک نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو (Migrent)  آهن، جيڪي گذريل ويهن سالن جي تعداد کان 37 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان ساڳئي عرصي ۾ يورپ ۾ نقل مڪاني ڪندڙ 41 سيڪڙو ۽ اتر آمريڪا ۾ 80 سيڪڙو وڌيا. مطلب ته اڄ اسان ڌرتيءَ تي هڪ اهڙو چرپر وارو انقلاب ڏسي رهيا آهيون جنهن ۾ عالمي تاريخ جي ڪنهن به دور کان اڄ وڌيڪ گهڻا ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن.

ماڻهن جي تيز عالمي چر پر آمريڪا جي سياست تي به چڱو اثر ڇڏي رهي آهي. خود بارڪ اوباما جي پهرئين صدارتي اليڪشن ۾ نئين متحده ٽريڊ يونين Change to win، جنهن ۾ گهٽ آمدنيءَ وارن ٻاهرين مزدورن جو وڏو انگ شامل هو، جو وڏو ڪردار چيو وڃي ٿو، سندس ٻيو دفعو صدارتي چونڊ کٽڻ ۾ هسپيني ووٽرن جو عمل دخل چيو وڃي ٿو. سُوڊان جي ريفرينڊم ۾، جنهن کانپوءِ ڏکڻ سوڊان هڪ آزاد عمل ٿي ويو، آمريڪا ۾ رهندڙ سوڊانين جي ووٽن جو وڏو رول هو. ڪولمبيا جي سينيٽ جا ڪجهه ميمبر، ڪولمبيا کان ٻاهر رهندڙ ڪولمبين طرفان چونڊيا  ويندا آهن. اهڙن ملڪن جا ليڊر جن وٽ نقل مڪاني ڪري ويندڙ وڏيون آباديون آهن، جيئن ميڪسيڪو، سينيگال وغيره اڪثر شڪاگو، نيو يارڪ، لنڊن يا ڪنهن  ٻئي هنڌ،  جتي سندن هم وطنن پنهنجون پاڙون کوڙي ڇڏيون آهن، جا سفر ڪندا رهندا آهن ته جيئن کين اليڪشن ۾ ووٽ ملي سگهن.

ساڳئي نموني نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو انهن ملڪن جا واپار، مذهب ۽ ڪلچر پڻ تبديل ڪري رهيا آهن. جتي اهي آباد ٿي رهيا آهن. آمريڪا ۾ هسپيني آدمشماري 1990ع ۾ ٻه  ڪروڙ ويهه لک کان 2011 ۾ پنج ڪروڙ ڏهه لکن تائين پهچي وئي آهي،  ايستائين جو هاڻي هر ڇهون آمريڪي هسپيني باشندو آهي. ميچيگن رياست جي شهر ڊيئر بارن جيڪو فورڊ موٽر ڪمپنيءَ جو عالمي هيڊ ڪوارٽر آهي، جي آدمشماريءَ جو 40 سيڪڙو عرب-آمريڪي آهن. ان جي مسلمان رهاڪن، اتر آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏي مسجد تعمير ڪئي آهي. ساڳي صورتحال يورپ  ۾ پيش اچي رهي آهي، جتي حڪومتون آفريڪا، ايشيا ۽ گهٽ شاهوڪار يورپي ملڪن مان نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهن جي دٻاءَ کي منهن نه ٿيون ڏيئي سگهن. اڄ به اٽلي، برطانيا ۽ فرانس ۾ نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهن هڪ بحران جي صورت اختيار ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *