تازيون خبرون

صُوفي شاھ عنايت شھيد جي زندگي جو فلسفو..! : فداحسين ڪُٻر

جنگ ٻن ڌُرين ۽ ٻن قومن جي وچ ۾ نه ھُئي جنگ ٻن فلسفن ۽ نظرين جي وچ ۾ جُٽيل ھُئي. ھڪ پاسي غريبن کي پنھنجي حق ڏيارڻ لا۽ نيڪي پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي ھُئي ته ٻئي پاسي عوام جي حق غضب ڪرڻ لا۽ برائي ور کُنجو ويٺل ھُئي. صوفيت جو نظريو ھُيو حقدار کي پنھنجو حق ڏيارڻ, ڪنھن جي ڪيل محنت جو انھي کي اجورو ڏيڻ, پر نيڪي جي رستي تي سدائين برائي ٽنگ ضرور اٽڪائيندي آھي. نظريو ھُيو ‘جو کيڙي سو کائي’! جيڪو ھر ھلائي زمين کيڙي محنت ڪري انھي جو ئي ان ڦل تي حق آھي. ھزارين اھڙا الله جا ڪامل وليھ پيدا ٿيا جن جي زندگي جو مقصد, لفظن جو فلسفو, ۽ روحانيت جو نظريو صرف امن, پيار ۽ مُحبت آھي. صوفي شاھ عنايت شھيد به الله جو ڪامل وليھ ٿي گُذريو آھي. سندس نظريو ۽ فلسفو ھُيو ته غريب ۽ اٻوجن کي پنھنجي حق ڏيارڻ, جيڪڏھن ڪير محنت ڪري ٿو ته ان شي تي حق به اُنھي جو ھُجڻ گھُرجي. ڪنھن غريب جو حق دٻائي رکڻ ھرگز نه کپي. صوفي شاھ عنايت شھيد جو جنم سن 1066ع ۾ ٽٺي ضلعي جي ويجھو ميرانپور, جھوڪ شريف ۾ ٿيو. ۽ سندس وفات 7 جنوري 1718ع مطابق 17 صفر 1130 ھ تي ٿي. ھي قصعو,ڪٿا جيڪا لڳ ڀڳ مغلن جي دور سان تعلق رکي ٿي. صوفي شاھ عنايت شھيد ھڪ روحاني پيشوا, سماجي ورڪر, ۽ صوفي شائر ھُيو, سندس قوم لا۽ شاھ سائين پنھنجي خوائشن جو ھزارين ڀيرا قربانيون ڏنيو ۽ سندن حقن لا۽ سڌو بيٺو رھيو ۽ ڪڏھن به پنھنجي ڪوششن ۾ لچڪ کي ڪردار نڀائڻ نه ڏنائين! صوفي شاھ عنايت شھيد سنڌ جي عامل ۽ ڪامل وليھن حضرت سچل سرمست,  حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي, ۽ روحل فقير جي روحانيت کان متاثر ٿي انھن جي پيران کڻڻ لڳو. شاھ عنايت شھيد ٽٺي ضلعي جي علائقي ميرانپور جھوڪ ۾ پيدا ٿيو ۽ اُتي ئي نپنو سندس اباڻا مائٽ درحقيقت بغداد ۾ رھندا ھُئا جتان لڏي اچي اُچ شريف وسايائون جنھن کان پو۽ اچي جھوڪ شريف ۾ پنھنجا بسيرا اڏي زندگي بسر ڪرڻ لڳا. شاھ عنايت پنھنجي وقت ۾ عربي ۽ فارصي ۾ ماھر ھُوندو ھُيو, کيس انھن ٻولين منجھ وڏو اُبور حاصل ھُيو. شاھ عنايت شھيد پنھنجي باعزت استاد شاھ عبدالمالڪ وٽ علم جي فيزيابي وٺڻ لڳو, شاھ عبدالمالڪ کان مڪمل تعليم پرائڻ کان پو۽ شاھ عبدالمالڪ 1699 ۾ شاھ عنايت شھيد کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لا۽ دھلي جي شھر ھندستان ۾ شاھ غلام محمد ڏانھن موڪليو.  دھلي, ھندستان کان واپسي اچڻ وقت شاھ سائين جو روحاني علم ۽ عقيدو آسمانن جي بلندين کي ڇُئڻ لڳو. جھوڪ جي ماڻھن لا۽ سندس دل ۾ پيار حدون, سيمائون, ريکائون پار ڪرڻ لڳو, پر سندن ھر نسل لا۽ پيار, مُحبت, امن, برداشت, ٻڌي, برابري جو پيغام ھُيو ۽ آھي. سندس ماڻھن جي حقن لا۽ اُڀرندڙ آواز ڏسي اُتي جا ماڻھُون سندس روحانيت جي علم ۾ وڌڻ لڳا, وٽس عقيدو رکڻ لڳا.

شاھ عنايت شھيد جون غريبن لا۽ اُڀريل حقن جو آواز ميان يار محمد ڪلھوڙو کي پسند نه آيو! سندس مقصد ٺٽي تي قبضو ڪرڻ ھُيو ۽غريبن جا حق کائڻ جو ھُيو, جتي مغلن جي حڪومت قائم ھُئي. يار محمد ڪلھوڙي کي شاھ عنايت شھيد جي سرگرمين سبب سندس مقصد پُختو ۽ لاچار نظر اچڻ لڳو ته سندس جاني دشمن ٿي پيو, تنھنڪري زميندارن ۽ آسپاس جي وڏيرن سان پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري دھلي حڪومت ڏانھن نياپا موڪليائون ته شاھ عنايت ۽ سندس ساٿين خلاف بغاوت ڪئي وڃي, ۽ کين قتل ڪيو وڃي! مغلن جي گورنرن پاران ڪلھوڙن ۽ مغلن جي وچ ۾ جنگ جو ممڻ ٻري ويو. ٻئي طرف شاھ عنايت شھيد کي دشمنن ۽ مخالفن پاران ڪجھ عرصو جھوڪ ڇڏڻ جا آديش جاري ڪيا پر شاھ سائين اُھو شرط قبول کان انڪار ڪندي پنھنجا پير پُختا رکيا. جنھن کان پو۽ آخرڪار شاھ عنايت شھيد تي 1 جنوري 1718ھ تي دشمن تي حملو ڪرڻ ڪاھ ڪرڻ لا۽ سنڌرو ٻڌايو ويو. شاھ ڪلھوڙي گورنر شھداد خان ٽالپر جي مٿي تي قرآن رکي موڪليو, ته شاھ عنايت ڳالھيون ڪري مُزاڪرات ڪري! شاھ عنايت قرآن جي لڄ رکندي ڳالھيون ڪرڻ لا۽ راضي ٿيو, پر دوکي سان دشمن يار محمد ڪلھوڙي کيس گرفتار ڪري مغل گورنرن جي حوالي ڪري ڇڏيو. شاھ عنايت شھيد کان ھزارين ڳجھا سوال ڪُڇا ويا, ۽ کيس ازيتون ۽ تڪليفون ڏنيون ويون, برحال آخرڪار 7 جنوري 1718ع تي شاھ عنايت کي شھيد ڪيو ويو! سندس آخري جملا ھُيا ته “توھان مون کي ھستي جي زنجيرن کان آزاد ڪيو آھي, خدا توھان جي ھنڃر نه حفاظت ڪري ته ان کان پو۽ به”! شاھ عنايت جو ڪُٺل ڪنڌ دھلي, ھندستان جي درٻار ۾ مغلن جي اڳيان تحفي طور پيش ڪيو ويو. جنھن ڪُٺل ڪنڌ ست سو آيتون, سورتون پڙھيون ۽ ثابت ڪيائون ته شھيد ڪڏھن به مرندا نه آھن. شاھ عنايت شھيد جھوڪ ۾ دفن ٿيل آھي, جتي سندس ست ساٿي پڻ دفن ٿيل آھن, جن کي ‘گنبد-شھيد’ ڪوٺيو ويندو آھي, ھن جنگ دوران چوويھ ھزار ماڻھون شھيد ڪيا ويا. جيڪا سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي جنگ ھُئي. جنگ ٻن ڌُرين جي وچ ۾ نه ھُئي جنگ ٻن نظرين ۽ فلسفن جي وچ ۾ ھُئي. جنگ شاھ عنايت ۽ يار محمد ڪلھوڙي جي وچ منجھ نه ھُئي پر جنگ حق ۽ ناحق تي ھُئي, شاھ عنايت جي زندگي جي فلسفي مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان سنڌين کي پيار, مُحبت, امن, ميٺ, محبت ۽ برابري سان رکڻ گھرجي. ھڪ مُٺ ٿي سنڌ ڌرتي کي پنھنجا حق ڏجن. جن حقن کي فرض سمجھي عامل اولياھ پنھنجون قربانيون ڏئي ويٺا اسان کي به عامل وليھن جي پيرن تي پيرڻا رکي ھلن کپڻ جي ضرورت آھي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *