تازيون خبرون

شيخ مجيب الرحمان جي آزادي جي تاريخ ؛مير اعظم علي ٽالپر

آئون پنهنجي هن کان اڳ واري مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته هر نئين سال نئين ڊائري وٺڻ ۽ لکڻ منهنجي مجبوري آهي. تازو 2014ع ختم ٿيڻ کانپوءِ اها ڊائري منهنجي لاءِ پراڻي ٿي چڪي هئي، سو ان کي به ٻين پراڻين سان گڏ رکي رهيو هوس ته اتفاق سان هڪ ٻي پراڻي ڊائري کي هٿ لڳي ويو ۽ پنا کلي ويا، اها ڊائري هئي 1972ع جي پنا جيڪي کليا سي هئا، 9 جنوري آچر جي ڏينهن جا ۽ مون ان ڏينهن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو ته ”اڄ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي غدار ۽ ملڪ ٽوڙيندڙ ۽ بنگالين جي جيالي شيخ مجيب الرحمان کي راولپنڊي جيل مان آزاد ڪيو ويو.“

جڏهن ته هن کي مارچ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ مڪتي باهمي ”آزادي طلب ڪندڙ“ ٺاهڻ ۽ گهرو ويڙهه سبب پاڪستان پاران گرفتار ڪيو ويو. ان دوران شيخ مجيب مشرقي پاڪستان جيستائين بنگلاديش نه ٿيو هو ته اولهه پاڪستان ۾ نظربند هو پر سابق اوڀر پاڪستان جنهن جو نقشو مون پنهنجي پرائمري اسڪول ۾ ڏٺو هو ته سائين چوندو هو ”بابا هي آهي پنهنجو اوڀر پاڪستان، جنهن کي ٽن طرفن کان خشڪ زمين ۽ باقي سڄو خليج بنگال جو سمنڊ ڦريل آهي ۽ ان لاءِ واحد رستو هندستان مان آهي. اوڀر پاڪستان جا باشندا اُن کي ٽئگور جي شاعري موجب ”سونار بنگله“ چوندا هئا.

1965ع جي پاڪ ۽ هند جي لڙائي ۾ پاڪستان کي هندستان خلاف ڪاميابي ملي هئي پر بنگالين کي اهو تاثر مليو هو ته جنهن خاطر خواهه مقصد لاءِ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر قوم پرستي طرف هليا ويا ۽ هنن ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان کانسواءِ اولهه پاڪستان پاران به کين تنگ ڪرڻ جون شڪايتون ٿيڻ لڳيون. حالانڪه ان وقت جي مشرقي پاڪستان جي سياستدانن ۽ عوام کي پوري طرح سان 200 سال برطانوي راڄ ۾ غير مسلمانن پاران جيڪو اختلاف مسلمانن سان هو اهو به ياد هو پر پوءِ به بنگالين پنهنجي خيريت پاڪستان کان عليحدگي ۾ بهتر سمجهي ۽ ائين هنن گهرو ويڙهه شروع ڪئي، ان ۾ بقول بنگالي اطلاعن موجب آخري لسٽ ۾ شهيد ٿيندڙن جو تعداد ۽ شهر هن ريت هئا: ديناپور ۾ هڪ لک ماڻهن قرباني ڏني. چٽاگانگ ۾ 30 هزار، ڪوميلا ۾ 15 هزار، ڍاڪا ۾ 15 هزار، راج شاهي ۾ 2 هزار باڙ سيال ۾ 2 هزار، نريندا ۾ 5 هزار، بوگره (مشهور بنگالي سياستدان محمد علي بوگره جو شهر) 30 هزار، ميمڻ سنگهه 20 هزار، سلهٽ 5 هزار، ڪشتيا 5 هزار، رنگ پور 2 هزار، جيپور 6هزار بار بتي پور (هن شهر جو نالو اڪثر ڪراچي ريڊيو جي فرمائش ۾ شارٽ ويو تي نرگس خان وٺندي هئي) 6 هزار، بهرحال ڪيترا بنگالي شهيد ٿيا خبر نه آهي. شيخ مجيب الرحمان بنگالين کي ”سونار بنگلا“ جي تعمير جي هدايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي پهرين هڪ ٻي ڪيس اگر تلا سازش ۾ به گرفتار ڪيو ويو هو. شيخ مجيب پنهنجي خلاف پاڪستان ۾ ڪيسن خلاف چيو هو ته اهي ڪوڙا آهن جيڪي ان وقت جي فوجي عدالتن ۾ هئا. اهي فوجي عدالتون صدر يحيٰ خان 1969ع مارشل لا نافذ ڪرڻ وقت قائم ڪيون ويون هيون، جن ۾ نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ليگ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ پيپلزپارٽي جا ماڻهو فوجي ڪورٽن ۾ گرفتار ڪندي آندا ويندا هئا. ان دور ۾ فوجي عدالتن ۾ سزا طور ڪجهه مشهور نالن ۾ ملتان جي الله وسايو ٽيڪسٽائيل جو ليڊر ۽ نيشنل عوامي پارٽي جو اڳواڻ اشفاق احمد خان، پيپلزپارٽي جو محمود نواز بابر ۽ اشرف کي ڪوڙن جي سزا ملي هئي. معراج محمد خان ۽ پاڪستان جي مشهور فلم اسٽار ۽ ٽي وي ڪمپيئر ۽ اداڪار طارق عزيز جنهن مشهور فلم سالگرهه (جنهن ۾ سابق صدر آصف علي خان زرداري ننڍي ڪردار ۾ اداڪاري ڪئي هئي. يعني پوءِ وڏي طور وحيد مراد ان جو والد هو) فلم ڪٽاري، قسم اس ڪي وقت وغيره (جنهن ۾ 1971ع جي جنگ جو ذڪر فلمايل هو) ۽ ان کانسواءِ ٽي وي ۾ نيلام گهر طارق عزيز جي سڃاڻپ هئي ۽ پيپلزپارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو خاص ماڻهو، ان کانسواءِ اوڀر پاڪستان ۾ 1969ع ۾ خاص فوجي عدالتن لاتعداد سزائون ڏنيون هيون پر بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ 1972ع ۾ حمود الرحمان ڪميشن بنگلاديش جي ٺهڻ جا سبب ڳولڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ۾ هڪ ڪيس رياست جي نالي آيو هو ته جمهوريت ۾ فوجي عدالت جو هئڻ جمهوريت سان ته مذاق آهي پر خود انصاف تي به هڪ وار آهي.

بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ ملڪ جي هر هڪ ڀت تي ڪارن اکرن ۾ لکيل هوندو هو ”بنگلاديش نامنظور“ اهي اکر 1972ع ۾ جڏهن آئون گاڏي کاتي ۾ ڪورٽ جي ڀر ۾ پپر جي وڻ هيٺيان بيٺل سنڌ يونيورسٽي جي سرڪاري بس ۾ چڙهي ويهندو هوس ته سامهون ٺاهيل پيشاب ۽ ضرورت حاجت واري گهر مٿان واضح لکيل هوندا هئا ته ”بنگلاديش نامنظور“. پر ان دوران دنيا ۾ تبديليون اچي رهيون هيون ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ٿيڻ واري هئي ۽ پاڪستان ۾ 20 ڊسمبر 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو ته سندس پهرين وفاقي ڪابينا 23 ڊسمبر 1971ع تي قسم کنيو، جنهن ۾ 10 ميمبر محمد علي قصوري، ڊاڪٽر مبشر حسن، حفيظ پيرزادو، شيخ رشيد احمد، معراج خالد، حنيف محمد، غلام مصطفيٰ جتوئي، جي اي رحيم، راجا ترديوراءِ ۽ فيصل الله شامل هئا.

ان وقت جي سرڪار ۽ خاص ڪري عالمي طاقتن جي چوڻ تي راولپنڊي جيل مان 9 جنوري آچر تي شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪيو ويو. شيخ مجيب الرحمان پاڪستان مان آزاد ٿيڻ کان پهرين فوجي عدالتن ۾ ملڪ دشمن ۽ پاڪستان جو غدار هو پر راولپنڊي مان هوائي جهاز ذريعي هيٿرو ايئرپورٽ لنڊن پهچڻ کانپوءِ ايئر فورس جي طياري ۾ چڙهي پنهنجي ڳوٺ تنج پاڙه ڍاڪا پهتو ته بنگالين جو باباءِ قوم ٿي ويو. هن ان وقت لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيل بنگالين کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته مڪتي باهمي جي ڇاپا مار فوج نيٺ پاڪستان کي شڪست ڏئي هٿيار اڇلڻ تي مجبور ڪيو ۽ هاڻي اسين پنهنجي ملڪ سونارڪه بنگلاديش جي تعمير ڪنداسين.

ان زماني ۾ پاڪستان اندر اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽ ان ۾ دنيا ۾ هڪ نئين اسلامي ملڪ بنگلاديش جي شرڪت به ضروري هئي، ليڪن ان لاءِ لازمي هو ته پاڪستان ان کي تسليم ڪري جيئن بنگلاديش جو سربراهه شيخ مجيب الرحمان لاهور واري اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهي. بهرحال پاڪستان پاران بنگلاديش کي تسليم ڪيو ويو ۽ اسلامي ڪانفرنس ۾ شيخ مجيب بنگالين جو هيرو ٿي پاڪستان پهتو ته لاهور ۾ ذوالفقار ڀٽو، شاهه فيصل، ياسر عرفات ۽ شيخ مجيب جو هٿ ۾ هٿ ڏيئي هڪ فوٽو ظفر احمد هلال پاڪستان لاءِ ڪڍيو هو، جيڪو ان سال جو بهترين فوٽو هو ۽ تازو مذڪوره فوٽو وٺڻ لاءِ مون پنهنجي دوست ليکڪ دستگير ڀٽي جي معرفت ظفر احمد سان رابطو به ڪيو پر چاليهن سالن جو رڪارڊ هٿ نه آيو. ذوالفقار ڀٽو جڏهن شيخ مجيب کي پنڊي مان آزاد ڪيو هوندو ته 1972ع ۾ سندس ذهن ۾ ضياءَ الحق فوجي عدالتون به تارا مسيح جو ڪو تصور نه هوندو هو ۽ هوڏانهن شيخ مجيب جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هوندو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ مخالف هوندي به کيس نه ماري سگهي پر سندس ساٿي فوجين کيس هميشه لاءِ ابدي ننڊ ڏئي ڇڏي ۽ هاڻ هو گوپال گنج پاڙه جي قبرستان ۾ آرامي آهي ته هيڏانهن تارا مسيح هٿان ذوالفقار علي ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ۾ ستل آهي. بهرحال اڄ هڪ دفعو وري 9 جنوري آئي آهي پر ان نائين جنوري 1972ع کان اڄ واري نائين جنوري ۾ وڏو فرق آهي. ڪير ڪنهن کي ياد ڪري ٿو. ڇو ته نائين جنوري 1972ع ۾ شيخ مجيب کي اها خبر نه هوندي ته کيس پنهنجا ئي ماريندا جن جو هو باباءِ قوم ۽ هيرو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي به ڪو پتو نه هوندو ته جنهن ملڪ جو جمهوري وزيراعظم آهي، تنهن کي پنهنجا ئي ڦاسي ڏيندا. جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب جي جان بخشي ۽ نائين جنوري 1972ع ۾ کيس آزاد ڪيو پر سندس موت پنهنجن هٿان ٿيو. ائين ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجن هٿان مارجي ويو.

پر هڪ تاريخي حقيقت آهي ته 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ هڪ وڏو سمنڊ جو طوفان آيو هو، جنهن ڪري نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻ عبدالحميد المعروف مولانا ڀاشاني ملڪ ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان ۾ طوفان سبب لکين ماڻهو مرڻ ڪري چونڊون نه ڪرائڻ يا ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو صدر يحيٰ خان نه مڃيو ۽ اليڪشن ڪرائي وئي ۽ ان ۾ مولانا ڀاشاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ نيشنل عوامي پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه ورتو ۽ ان ڪري شيخ مجيب جي عوامي ليگ کي مڪمل اڪثريت ملي وئي، جيڪا بنگلاديش جي تحريڪ بڻجي وئي. مولانا ڀاشاني 1964ع ۾ بي ڊي جي چونڊن ۾ فاطمه جناح جي حمايت ڪئي ۽ ايوب خان تي سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ جو الزام هنيو هو. هن ان دوران ڪراچي ۽ سنڌ جو دورو به ڪيو هو ۽ هن لياري ۾ يار محمد يار، لطيف بلوچ، لال بخش رند، بشير احمد وٽ گهر وڃي ملاقات به ڪئي هئي. مولانا ڀاشاني پنهنجن سحر انگيز تقريرن جو ماهر به هو. بهرحال هڪ دفعو ٻيهر نائين جنوري آهي، جيڪا هڪ ماضي جو حصو آهي پر ڇا ڪنهن کي ياد آهي ته اڄوڪي تاريخ تي 1972ع ۾ ڪنهن، ڪنهن کي آزاد ڪيو هو ياد آهي؟ يا الله ماضي به هڪ عذاب آهي، جيڪو منهنجي ڊائري جي هڪ ڪاغذ (پني) تي تحرير ٿيل آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *