تازيون خبرون

شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن: ملڪي ترقيءَ لاءِ هڪ موقعو

آمريڪا جي ترقي جو راز ئي ان ۾ لڪل آهي ته مختلف ملڪن اندر مداخلت ذريعي پنهنجو اثر رسوخ وڌائي پنهنجا قومي مفاد حاصل ڪجن ۽ ٻيو ته اها حقيقت آهي ته آمريڪا طاقت جي اُن عروج تي پهچي چڪو آهي، جتي هو اهو سڀ ڪجهه ڪري به سگهي ٿو.پر اهڙي قسم جي راءِ جيڪر پاڪستان لاءِ ڏجي ته اهو ملڪ لاءِ بهتر ٿي ئي نه ٿو سگهي. ڇو ته پاڪستان هن وقت اندروني مختلف منڌل معاملن ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ کيس گهڻ طرفي منصوبابندي ٺاهڻ جي اشد ضرورت آهي. ان صورتحال ۾ قطعي طور تي ملڪ اهڙي ڪنهن پوزيشن ۾ به ناهي جو اهو ٻاهرين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري سگهي. هن وقت ملڪي سطح جي پاليسي ٺاهيندڙن لاءِ اهو نه صرف سوچڻ جو مقام آهي پر انهن لاءِ اهو به لازم بڻجي چڪو آهي ته اُهي عملي پاليسيون ٺاهي انهن تي بنا ڪنهن ڪمپرومائيز جي ڪم ڪرائڻ شروع ڪن. نه صرف اندروني طور تي ڪي جٽادار پاليسيون ٺاهجن پر هي اهم وقت آهي جو پرڏيهي پاليسيءَ تي ٻيهر نظرثاني ڪجي ۽ اهڙن موزون ملڪن جي چونڊ ڪجي، جيڪي پاڪستان جي معيشت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقيءَ جي راهه ڏانهن گامزن به ڪن. ان لاءِ ملڪي پرڏيهي پاليسي جوڙيندڙن کي منافقيءَ کي ترڪ ڪرڻو پوندو ۽ ڪي غيرمعمولي فيصلا ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن هڪ مضبوط پارٽنر چونڊڻ جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان کي هيل سنجيدگيءَ سان شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ڏانهن ويجهو ٿيڻ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ پاڪستان کي آبزرور اسٽيٽس ڏنل آهي.شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) 26 اپريل 1996 تي ٺاهي وئي ۽ ان علائقائي تنظيم ٺاهيندڙ ملڪن جن ۾ چين، رشيا، ڪازڪستان، ڪرجستان ۽ تاجڪستان شامل آهن، انهن جو بنيادي مقصد صرف اهو هو ته پنهنجا سرحدي معاملا حل ڪجن ۽ سرحدن تي جنگي حالتون پيدا ٿيڻ کان روڪجن ته جيئن سرحدن تي ڪشيدگيءَ واري صورتحال کي نرم بڻائجي ۽ اتي فوجن جي نفري گهٽائجي. جون 2002 کانپوءِ ان تنظيم پنهنجي ڪم جو دائرو وسيح ڪيو ۽ ان ۾ نئين پيش رفت 2007 ۾ تڏهن آئي جڏهن ان ۾ 20 نون وڏن پروجيڪٽن تي ٺاهه ٿيا، جنهن ۾ معاشي، توانائي، آمدرفت، سيڪيورٽي، دفاع، ملٽري، بينڪنگ ۽ پرڏيهي معاملن کان وٺي ثقافتي لاڳاپن تي ٺاهه شامل آهن. اهو پهريون ڀيرو هو جو ايس سي او جي 2005 واري گڏجاڻي ۾ پاڪستان، ايران، افغانستان، منگوليا ۽ انڊيا به موجود هئا، جن کي ايس سي او ۾ بحيثيت آبزرور رياستن وارو درجو ڪري شامل ٿيا. اهو به هرگز نه وسارڻ گهرجي ته ايس سي او جي بنياد وجهندڙ ملڪن ۾ وڏو هٿ چين جو هو، جيڪو هميشه جيان پنهنجي پراڻي پاليسيءَ تي بيٺل نظر ايندو رهيو آهي ته دنيا اندر امن کي مڪمل هٿي وٺرائجي ته جيئن واپاري ۽ ڪاروباري رابطا ملڪن وچ ۾ وڌي سگهن ۽ ملڪ معاشي طور ترقي ڪري ڀرجهلا ٿي سگهن. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن مختلف خطن اندر امن هجي ۽ خاص ڪري وچ ايشيا ۾ ته امن لازمن هجڻ گهرجي ڇو ته هي خطو اسٽريٽيجيڪلي وڏي اهميت رکي ٿو. اڃان به جي ائين چئجي ته پوري دنيا اندر امن قائم هجڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته وچ ايشيا ۾ امن قائم ڪرائجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.پاڪستان هن وقت معاشي تنزليءَ مان گذري رهيو آهي، جتي ملڪ ٻاهرين ناڻي جي بيساکين جي سهاري تي بيٺل آهي ۽ معاشي طور تي بلڪل ئي ڪمزور بڻجي چڪو آهي. هتي هر صوبائي توڻي وفاقي ادارو ٻاهرين امداد تي ئي هلي رهيو آهي. وڏي شرمناڪ حقيقت اِها آهي جو تعليم جهڙي بنيادي ضرورت به هتان جي شهرين کي ان ڪري ملي رهي آهي جو ان سرڪاري سيڪٽر کي اڃان تائين ٻاهرين امداد ملي رهي آهي جنهن ۾ سڌي مداخلت ورلڊ بينڪ جي آهي. امداد ته ملي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به ملندي رهندي پر ان کان قطعي طور تي انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو به ٻاهريون ادارو امداد بغير ڪنهن شرطن جي هلي نه ٿو تنهن ڪري زوري ئي اهڙيون شرطون لاڳو ڪيون وڃن ٿيون جو عام عوام جي چيلهه ئي چٻي ٿيو وڃي. پاڻ اڳ کان وڌيڪ عوام جو حالت بگڙيو وڃي ۽ ايندڙ نسلن تائين قوم قرضي بڻجيو وڃي ۽ ان قرض جي مد ۾ قوم غلامي جي ڳٽ ۾ جڪڙجيو وڃي. اها ويڌن صرف پاڪستان سان ئي نه آهي پر دنيا جي ٻين کوڙ انهن ملڪن سان به آهي، جيڪي آمريڪا يا اتان جي بينڪن ۽ ناڻي وارن ادارن جي قرضي بڻيل آهن. مقصد ته آمريڪا جي پاليسي ئي اها رهي آهي ته ملڪن کي قرضن جي ور وڪڙن ۾ ڦاسائي انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت غلام بڻائي رکجي ته جيئن پنهنجا جائز يا ناجائز مفاد حاصل پيا ڪجن.کوڙ سارا اهڙا ملڪ آهن، جيڪي ترقي يافته نه هئڻ باوجود به اهڙي قسم جي ڄار مان آزادي حاصل ڪري چڪا آهن. اهي ڪافي اڳ ئي اهو سمجهي چڪا ته بهتر اهو ئي رهندو ته سڀئي ساڳي معاشي حالتن وارا ملڪ پاڻ ۾ ويهي ڪنهن معنيٰ خيز ڊائلاگ ذريعي سرحدي يا اهڙن قسمن جا مسئلا حل ڪري معاشي ترقي لاءِ ڪي اُپاءُ وٺي ڪري اڳتي وڌجي ۽ هميشه هميشه لاءِ استحصالي قوتن مان جند آجي ڪرائجي. نيٺ اُهي ملڪ هاڻ معاشي طور تي ڀرجهلا به ٿي چڪا آهن. انهن ۾ آسيان جا ۽ ايس سي او ملڪ اچيو وڃن ٿا. ايس سي او ۾ سواءِ رشيا ۽ چين کي ڇڏي ڪري باقي سڀئي ملڪ ترقي پذير آهن. انهن ملڪن علائقائي تنظيمن مان ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ معاشي مد ۾ ڪافي اڳتي به اچي چڪا آهن.پاڪستان جيئن ته ايس سي او جو آبزرور اسٽيٽس رکندڙ ملڪ آهي، جنهن جي اڄ صورتحال اُها ئي آهي جيڪا ڪجهه وقت اڳ انهن ملڪن جي هئي،

جن جو ذڪر ڪري چڪا آهيون. پاڪستان پنهنجن ٻين انيڪ اندروني مسئلن سان گڏوگڏ ٻاهرين مسئلن جو شڪار آهي. پر جي ڏسجي ته انهن اندروني مسئلن جا سبب به ٻاهرين مسئلن ۾ لڪل آهن. جي پاڪستان جا پاليسي ٺاهڻ وارا شروع کان وٺي پنهنجو مڪمل لاڙو آمريڪا طرف نه رکن ها ته اڄ اهڙي نوبت ملڪ مٿان نه آيل هجي ها. مڃون ٿا ته ان وقت ملڪ آڏو اها مجبوري هئي ته انڊيا جهڙي رياست کي منهه ڏيڻ لاءِ ڪنهن طاقتور پارٽنر جي چونڊ ڪرڻ لازم هو ۽ ان ڪري آمريڪي ڪيمپ ڏانهن ئي جهڪاءُ رکيو ويو پر اها مجبوري ڪو هميشه لاءِ ٿوري هئي. اڄڪلهه جون حالتون ماضيءُ کان ڪافي مختلف آهن، هي ڪو ماضي وارو اهو د‎ؤ‍‍ر ناهي جو مجبوري تحت ڪنهن به هڪ طاقتور ڪيمپ ڏانهن ئي جهڪيل رهجي پر اڄوڪو دؤر انٽرڊپينڊنس (هڪٻئي تي دارومدار رکڻ) وارو آهي ۽ ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪن وٽ آپشنز تقريبن ساڳيا ئي آهن. علائقائي تنظيمن وسيلي مفادن جي آڙ ۾ هڪٻئي کي هڪٻئي تي دارومدار ڪرائي هر ملڪ پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو ته معاشي طور ڀرجهلو به ٿي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *