تازيون خبرون

’شجاع خانزاده سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو هو‘؛عديل اڪرم

پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گهرو وزير ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده 16 آگسٽ تي خودڪش حملي ۾ مارجي ويو. هو 28 آگسٽ 1943ع تي پنجاب جي شهر اٽڪ جي ڳوٺ شادي خان ۾ پيدا ٿيو هو. هن ابتدائي تعليم ضلع اٽڪ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ 1966ع ۾ اسلاميه ڪاليج پشاور مان گريجوئيشن ڪيائين. 1967ع ۾ هن فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي ۽ سن 1971ع جي پاڪ- ڀارت جنگ ۾ پڻ حصو ورتو.

شجاع خانزاده 1974ع کان 1978ع تائين ملٽري انسٽرڪٽر طور تي به فرض سرانجام ڏنا. شجاع خانزاده انهن ڪجهه ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو سڀ کان پهريان 1983ع تي دنيا جي بلند ترين جنگي محاذ سياچن گليشئر تي پهتو هو.

هن 1992ع کان 1994ع تائين آمريڪي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ بطور فوجي اتاشي به فرض سرانجام ڏنا. ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده ملٽري انٽيليجنس ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هن کي سن 1988ع ۾ تمغئه بسالت سان پڻ نوازيو ويو.

ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده جو تعلق ضلع اٽڪ جي هڪ بااثر خاندان سان هو، هُن جو ڏاڏو ڪئپٽن عجب خان انڊين قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر رهيو، جڏهن ته هُن جو چاچو ڪئپٽن تاج محمد خانزاده به قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهيو.

شجاع خانزاده ٽي دفعا ميمبر پنجاب اسيمبلي چونڊيو ويو. هو 2002ع ۾ مسلم ليگ قاف جي ٽڪيٽ تي پهريون دفعو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي وزيراعليٰ جو خاص صلاحڪار رهيو. 2008ع جي عام چونڊن ۾ هن آزاد اُميدوار جي حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته هن 2013ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي ماڻي. شجاع خانزاده روايتي سياستدانن وانگر گول مول جواب ڏيڻ بجاءِ سڌي ڳالهه ڪرڻ جو عادي هو. شايد ان جو هڪ سبب فوجي پس منظر به هو. هو ميڊيا جي نمائندن جي تلخ ۽ تکن سوالن کي غور سان ٻڌي تحمل سان جواب ڏيندو هو.

2014ع ۾ هن پنجاب جي گهرو وزير جو قلمدان سنڀاليو ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي بعد ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده نيشنل ايڪشن پلان تحت سڄي پنجاب ۾ دهشتگردن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ايڪشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

ڪجهه وقت اڳ پابندي مڙهيل تنظيمن جي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو هو ته ”هڪ وقت اهڙو به آيو هو، جو عام ماڻهو انهن جو نالو وٺندي به ڊڄندا هئا ۽ الٽو اسان هنن کي ”سر، سر‘ چئي سڏيندا هئاسين پر هاڻ خوف ۽ حراس ڦهلائيندڙ ۽ مذهب جي نالي تي قتل ڪندڙ هر شخص جي خلاف ڪارروائي ٿيندي.“

هلندڙ سال زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري دوران شجاع خانزاده سيڪيورٽي جي انتظامن کي فول پروف بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هو پاڻ حفاظتي انتظامن جي نگراني ڪندو رهيو.

ڪيترن هنڌن تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائڻ دوران گهرو وزير پاڻ کي دهشتگردن پاران ملندڙ ڌمڪين جو به ذڪر ڪيو هو پر هُن جو اهو ئي چوڻ هو ته هو پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽندو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کي هو پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائيندو.

شجاع خانزاده ان مؤقف تي يقين رکندو هو ته جيستائين معاشري مان نفرت کي ختم نه ڪيو ويندو، تيستائين امن امان تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل آهي.

هڪ ملاقات ۾ هُن پنهنجي علائقي جي هڪ اهڙي مسجد جي پيش امام جو واقعو ٻڌايو، جيڪو 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ ڪڏهن چندو گڏ ڪرڻ ۽ ڪڏهن نفرت ڦهلائيندڙ تقرير ڪرڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ڪندو هو.

هن چيو ته ”اسان چاهيندي به انهن کي روڪي نه ٿا سگهون، ڇو ته هي هڪ ”نو گو ايريا‘ هو، ۽ ڪهڙي خبر ته هو توهان لاءِ فتويٰ جاري ڪري ڇڏي. ڇو ته هتي بنا سوچي سمجهي ڪنهن لاءِ به فتويٰ ڏئي سگهجي ٿي.“

هن وڌيڪ چيو ته ”نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ جڏهن ڀرپور ڪارروائي جي شروعات ٿي ته لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال تي ڪيترن ماڻهن سان گڏ منهنجي علائقي جي اُن پيش امام جي خلاف به ڪارروائي ٿي ۽ هو 14 ڏينهن تائين قيد ۾ رهيو.“

گهرو وزير چيو هو ته ”گرفتاري کانپوءِ هڪ ڏينهن اڳ منهنجي ملاقات مسجد جي پيش امام سان ٿي ۽ مون هُن کان پڇيو ته ”هاڻ توهان لائوڊ اسپيڪر جو استعمال نٿا ڪريو“ پيش امام چيو ته ”وڏي مشڪل سان چوڏنهن ڏينهن جيل ۾ گذاريا آهن ۽ هاڻ منهنجي توبهه جو ٻيهر اهڙي چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪريان.“

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *