تازيون خبرون

شاعرِمشرق علامه اقبال ۽ حقيقتِ حُسن…: منير ڊومڪي

اردو ادب ۾ مير تقي مير،مرزا اسد الله خان غالب ۽ فيض احمد فيض وڏا معتبر ۽ معزز نالا آهن،جن کان بغير اردو شاعري اڻ پوري ليکبي،ان جي باوجود به انهن عظيم شاعرن منجهان اهڙوڪو به شاعر نه هو،جيڪو علامه اقبال جي قد ڪاٺ جو  هجي.اهوانهيءَ ڪري جو مٿيان شاعر اردو شاعريءَ جا نرالا ۽ نامور تخليقڪار ضرور آهن،پرعلامه اقبال کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو برِاعظم جو نامور شاعر سان گڏوگڏ ”شاعر مشرق“ جوخطاب ماڻيندڙ واحد ۽ مها شاعر آهي.

شاعر علامه اقبال اردو ادب جو اهو اعلى پائي جو شاعر آهي،جيڪو شعر جي منفرد ترنم ۽ موسيقيءَ جي ذريعي پنهنجي احاسسن جو نماءُ ڪري ٿو.هو پنهنجي مخصوص ۽ عمده لفظن جي ذريعي منظر ڪشي به خوب ڪري ٿو ۽ هن جي وڏي خصوصيت اها به آهي ته هن جي شاعريءَ جي هڪ هڪ سٽ فلسفي واري خيال سان معمور آهي.اهو ئي سبب آهي جو پڙهندڙ جڏهن هن جي شاعري کي پڙهي ٿو ته پوءِ هو ان ڳالهه کي طئي ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو، ته آخرڪار علامه اقبال پنهنجي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو، يا شاعري ڪري ٿو يا پڙهندڙن کي ڪا فلاسفيڪل ڳالهه ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو.اسان اڄوڪي هن مضمون ۾ شاعر اقبال جي نظم ”حقيقتِ حُسن“،جيڪو هن جي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي”بانگِ درا“ جومشهور نظم آهي،ان تي هڪ نظر وجهنداسين.

انساني تاريخ ۾ ازل کان وٺي انسان حُسن ۽ ان جي حيرت جو شڪار رهيو آهي.پر حساس شاعر،اعلى فن جا پڄاري ۽ فلاسفيڪل فطرت ۽ ذهن جا ماڻهو حُسن واري عنوان جي قربت ۾ قيد وڌيڪ رهيا آهن.يوناني ڏاهي افلاطون لاءِ هن دنيا جي سونهن دوکي واري جڏهن ته هن دنيا کان مٿائين عرش واري دنيا واري سونهن حقيقي ۽ پرفيڪٽ سونهن هئي.ارسطو جو سونهن بابت تصور اهو هوندو هو ته جيڪڏهن انسان جو جسماني سرشتو ۽ ان جا حصا پاڻ ۾ ڳنڍيل سالم ۽ مضبوط آهن، ته پوءِ اهو انسان خوبصورت انسان آهي ڀلي پوءِ اهو ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪيئن به هجي.فلاسفر اناٽول فرانس مطابق ”اسان اهو ڪڏهن به نه ڄاڻي سگھنداسين ته آخر ڪا به شيءِ(خوبصورت آهي ته اها شيءِ)خوبصورت ڇو آهي“.فلاسفر باماگارٽن جنهن پهريون ڀيرو سونهن واري علم ”ايسٿيٽڪس“وارو اصطلاح جوڙيو ته هو به ان خوف ۾ رهيو ته شايد ماڻهو سونهن کي صرف مجسمن ۽ پنهنجن مهه جبينن تائين محدود علم وارو علم نه سمجھن.جرمن فلاسفر ڪانت،جنهن جو علامه اقبال تي گھرو اثر هو،هن مطابق سونهن ان خوبيءَ جو نالو آهي،جيڪو اسان کي ڪنهن شيءِ جي ذريعي خوش ڪري.(ان شيءِ جو استعمال وارو سوال اهميت جوڳو ناهي).هڪ ٻئي جرمن فلاسفر نٽشي جي خيال ۾ سونهن ۽ بدڪاري جو تعلق بائيلاجڪل آهن،جيڪا به شيءِ نسلي طور هاڃيڪار ثابت ٿي آهي اها بدصورت آهي. فلاسفر اسپنوزا جي نظر ۾ ڪا به شيءِ ان ڪري خوبصورت هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ان شيءِ جي تمنا ڪئي ويندي آهي.مطلب ته سونهن جي ڪا به حتمي وصف ڪانهي،جنهن سان متفق ٿجي.

علامه اقبال جيئن ته عالمي سطح جو وڏو فلسفي شاعر هو، هن پنهنجي نظم ”حقيقت حسن“۾ ٻين فلاسافرن وانگر سونهن جي ڪا هڪ عدد وصف ڏيڻ بجاءِ سنڌو سنئون سونهن جي فطرت کي ”ايڪسلپور“ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.علامه اقبال جي فلسفانه شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو به آهي ته پنهنجي هن نظم جي شروعات ۾ حسن جهڙي هڪ مجرد شيءِ لاءِ ماڻهو وارو استعارو استعمال ڪري خدا کان حسن بابت سوال ڪيو وڃي ٿو:

خدا سي حُسن ني اڪ روز يه سوال ڪيا،

جهان ۾ ڪيون نه مجهي توُني لازوال ڪيا؟

هن نظم جي هن پهرئين شعر ۾ شاعر اقبال ڄاڻي واڻي ”ڪ“ اکر جو پهرين سٽ ۾ ٻن لفظن ”اڪ ۽ ڪيا“ ۾ ۽ ٻي سٽ جي لفظن ”ڪيون ۽ ڪيا“سان تجنيس حرفي طور استعمال ڪري ان اکر جو ورجاءُ ڪري پنهنجي فلاسفيڪل سوال جي اهميت تي زور ڀري ٿو.جيئن ته سوال به ”اڪ“آهي ۽ ٻي سٽ جو لفظ ”ڪيون؟“ان ”اڪ“ سوال جي جواب جو متلاشي ۽ حسن جي ابدي فطرت جي کوجنا جي ڪوشش ڪري ٿو.نظم جي هن پهرين شعر ۾ علامه قبال پڙهندڙن کي پنهنجي فلفسي سوچ جو به ٻڌائي ٿو، اهو اِهو ته ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ”ڇا“وارو سوال ايترو اهم نه هوندوآهي،جيترو ڪي ”ڇو“ وارو سوال اهميت جي حامل هوندو آهي. سوال جڏهن پڇيو ويندو آهي ته ان جي جواب جو به اشتياق به اوترو ئي هوندو آهي،ته آخرڪار ان سوال جو ڪهڙو جواب هوندو؟نظم جي ٻئي بند ۾ مٿي پڇيل سوال جو جواب ملي ٿو:

مِلا جواب ڪي تصوير خانه هي دنيا،

شبِ درازِ عدم ڪا فسانه هي دنيا.

جواب  ڊگھو اهو مليو ته سونهن پنهنجي فطرت ۾ لازوال ناهي،سونهن ان ڪري فاني آهي ته هي دنيا،جنهن جون حسن وانگرتجعليون اسان کي نظر اچن ٿيون هڪ تصوير خانه کان علاوهه ٻي ڪجهه به ناهي.هن دنيا جي ڪهاڻي ان وڏي رات جي مثل آهي،جنهن رات جي پنهنجي ڪا دائمي حيثيت ڪانهي،اها رات به هن دنيا وانگرهڪ ڏينهن کٽڻي آهي.نه فقط اهو پرهن دنيا جي رنگ ۽ حقيقت به هر گھڙي بدلجندڙ آهي،سو حُسن جي فطرت به غيرمستقبل مزاجي واري فطرت آهي.

هوئي هي رنگِ تغير سي جب نمود اس ڪي،

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

شاعر اقبال جي هن نظم جي ٽئين بند جي ٻي سٽ ۾ پڙهندڙن کي حُسن جي اصل ۽ ابدي حقيقت جي جي باري ٻڌايو وڃي ٿو،اِهو ته دنيا ۾ ماڻهوءَ کان وٺي مرونءَ تائين هراها شيءِ حسين آهي،جنهن کي زوال آهي، يعني جيڪا شيءِ رواجي ۽ فاني آهي.شاعر جي هيءَ سٽ توجهه طلب آهي.انسان هجي ،ڪا شيءِ هجي يا حُسن هجي جيڪڏهن مستقل طور اهي سڀ هن دنيا ۾ موجود هوندا ته پوءِ انهن ۾ يڪسانيت ۽ بوريت پيدا ٿيندي.بنا ”سيمي ڪالن“ ۽ ”ڪامان“ جي رنڊڪ سان مٿين بند جي ٻي سٽ سرجندڙ شاعر اقبال جي ان سٽ جي اها معنى به اخذ ڪري سگھجي ٿي، ته حقيقت جي حقيقت به هر گھڙي بدلجندڙ آهي،تڏهن ئي ته اها حسين آهي:

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

نظم جي چوٿين بند ۾ حُسن جي حقيقت جي هاڪ جتي ڪٿي زمين توڙي اُڀ ۾ ڦهلجي وڃي ٿي.خدا ۽ حُسن جي وچ ۾ ٿيل ڳجهه واري ڳالهه ٻولهه جلد ”اوپن سيڪريٽ “ٿئي ٿي ۽ ان کي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان چنڊ ٻڌي وٺي ٿو.لازمي ڳالهه آ هي جڏهن چنڊ تائين ڳالهه پهتي،ته پوءِ ڇا اها ڳالهه سج يا صبح واري ستاري کان ڳجھي رهندي؟

ڪهين قريب ٿا، يه گفتگو قمر ني سُني،

فلڪ پي عام هوئي،اخترِ سحر ني سُني.

انسان به ڪيڏو نادان هوندو آهي،زمين تي بيهي جڏهن مٿي فلڪ تي نهاري ٿو، ته پوءِ ٿوريءَ جهٽ لاءِ پڪ ڪري وٺي ٿو ته فلڪ ۾ موجود سج،چنڊ تارن ۽ ڪتين جي تاثير ۽ سونهن ائين تاحيات روشن ۽ چمڪندڙ رهندي ۽ اها آسماني مخلوق ائين مستقل طور مٿي عنبر ۾ قائم دائم شادو آبادرهندي.۽ جيڪڏهن زمين ۽ دنيا ۾ ڪو نه رهندو ته اهو ماڻهو هوندو،جيڪو پيدا ئي مرڻ لاءِ ٿيندو آهي،پر شايد ماڻهو اياڻو اهو وساريون ويٺو آهي ته:

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

چنڊ حُسن جي حقيقت ٻُڌي پڪ سان افسرده ٿيو هوندو،ڇو ته ان کي خبر آهي ته جيئن انسان ننڍو ٿي جوان ٿئي ٿو پوءِ مئچور ۽ پيريءَ کانپوءِ هن جو ”زوال“اچي ٿو،ايئن ئي چنڊ جا جڏهن پهريان جوڀن وارا ڏينهن هوندا آهن ”نئون چنڊ“ته اهو پهرئين مرحلي ۾ ٻار هوندو آهي،ٻئي مرحلي ۾اهو ”اڌ “چنڊ ٿئي ٿو،يعني جوان ٿئي ٿو،ٽئين مرحلي ۾ ”مئچوئر“ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ ان جو سونهن به ڦٽي وڃي ٿو ۽ ان جو زوال اچي ٿو.نظم ۾اڳتي هلي ٻڌايو وڃي ٿو ته پرهه ڦٽي جي وقت، صبح صادق واري تاري ۽ ان تاري چنڊ کان جيڪا سونهن جي جيڪا حقيقت ٻڌي،ان پرهه ڦٽي جي حسين ۽ دلفريب وقت صبح واري ماڪ ،جنهن جي سونهن نيڻن کي فرحت ڏيندڙ هوندي آهي ان کي اها (مايوس) خبر ٻڌائي ته اها نازڪ ماڪ پنهنجي دلفريبي تي ناز نه ڪري،ڇوته ٿوريءَ جهٽ لاءِ مسرت جهڙي مرڪ سجائيندڙ ماڪ کي اها خبر هجڻ گھرجي، ته سونهن پنهنجي فطرت ۾ فاني آهي اها تاحيات ماڻهو توڙي فطرت جي ٻي مخلوق وٽ نه رهندي آهي.

سحَر ني تاري سي سُن ڪر سُنائي شبنم ڪو،

فلڪ ڪي بات بتادي زمين ڪي محرم ڪو.

ماڪ جي مسرت جيڪا ٿورڙي ديراڳ،جڏهن ان کي حُسن جي حقيقت جي پروڙ نه هئي،اها ان جي مسرت ڏيک هاڻي ڳوڙهن جي شڪل اختيار ڪري صبح جي ٻهڪندڙ گل کي ان خبر جو پيغام ڏي ٿي ته هو به روڻهارڪو ٿي وڃي ٿو،ڇو ته ان اڳيان اها لڪيل حقيقت نروار ٿي آهي ته پرهه ڦٽي جي ان سهڻي گل جي سونهن به صرف صبح جي وقت تائين مشروط آهي، نه ته ٽاڪ منجھند جي وقت اهو گل به ڪنهن بدنصيب بيوهه عورت وانگر اجڙيل ۽ وکريل نظر ايندو.سونهن جي حقيقت جو الميو صرف ان گل تائين محدود نه رهيو،ان صبح جي گل جي ڀرسان نئين گل مکڙي،جيڪا اڃا نسرڻ واري شروعاتي مرحلي مان ئي گذري پئي،جڏهن ان تي اها حقيقت عيان ٿي ته ان جي دل به غم سان ڳوري ٿي وئي.

ڀر آئي پهول ڪي آنسو پيامِ شبنم سي،

ڪلي ڪا ننها سا دل خون هوگيا غم سي.

نظم جي هيل تائين ذڪر مان بظاهرپڙهندڙن کي علامه اقبال جي هن نظم جو عنوان حقيقت حُسن محسوس ٿئي ٿو،پرنظم ۾ شاعر دنيا ۽ ان سان منسلڪ ٻين شين جي ابدي حقيقت جي باري ۾ به ٻڌائي ٿو.ترنم، فلاسفيڪل خيال ۽ خوبصورت لفظن جو انتخاب ۽ امتزاج هن نظم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏن ٿا،پراڃان به هن نظم جو ”حقيقتِ حُسن“ شاعر علامه اقبال جي حسين ۽ نرالي پيشڪش ۾لڪيل آهي،اها به ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾.

نظم ”حقيقت حُسن“ جي آخر ۾ ان ڏکوئيندڙ حقيقت جي خبر پوي ٿي ته جڏهن ٻهڪندڙ گل ۽ نئي گل مکڙي جي سونهن تاحيات نه رهندي، ته پوءِ چمن ۾ عارضي عرصي لاءِ ترسندڙ بهار جي موسم به روئيندي هلي وڃي ٿي. ۽ بهار جي موسم به روئندي هلي ڇو نه وڃي؟ آخرڪار اها بهار جي موسم ڪيستائين بهار ۽ حسين و جميل رهندي؟هڪ ڏينهن ان کي خزان جي موسم ويران ڪري ويندي.۽ خوبصورت  نوجوان جيڪو صبح سويران چمن ۾ سير و تفريح لاءِ آيو هو:

چمن سي روتا هوا موسمِ بهار گيا،

شباب سير ڪو آيا ٿا،سوگوار گيا!

اهو نوجوان به سوڳوار ٿي هليو ويو ان حقيقت تي ويچاريندي ته موسم ۽ ماڻهن ٻنهي جي مقدر ۾ زوال آهي،پراها به حقيقت آهي ته جنهن حقيقت ته اسان توهان سڀني کي ويچارڻ گھرجي ته:

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

Muneerdomki84@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *