تازيون خبرون

شاديءَ جو دستور ؛شوڪت لوهار

خوشين کان وانجهيل اسان جهڙي قوم لاءِ سڀ کان عظيم مسرت ۽ جيون جي وڏي ۾ وڏو پرتجسس عمل شادي ڪرڻ آهي. اسان وَٽ هونئن ته ادب ۾ ٻين گهڻن ئي موضوعن جي ڀرمار آهي، پر شادي بابت به گهڻي ڀاڱي ادب جو پاسو ڏاڍو ڀاري آهي. شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت صلاح مصلحت هجي يا شادي کان اڳ ۽ شادي کانپوءِ واري صورتحال کي سامهون رکندي اسان جي ريپبلڪ جا ڪيئي حڪيم، نيم حڪيم جيڪي هونئن روڊن تي طوطن وسيلي فال ڪڍندي فاقاڪشي جي ورنه چڙهي وڃن ها، بلڪل ائين جيئن هاڻ مهانگائي سبب هن پرڳڻي جو عوام بکون ڪاٽڻ تي هري ويو آهي. اصل ۾ هري وڃڻ به هِڪ بهترين پهاڪو آهي، انهيءَ پهاڪي جي مصداق اسان جو مذاج به هاڻ هَر شيءِ تي هري ويو آهي. جهڙوڪ اسان جي ڳوٺ جروار کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ روڊ گذريل ٽن سالن کان اهڙي حالت ۾ آهي جهڙي حالت ۾ ڪنهن فقير جي ڪپڙن تي چتيون لڳل هونديون آهن، روڊ کي اکيڙي ان جي مٿان پٿر ته وڇايا ويا آهن، انهن پٿرن جروار ۽ ڀرپاسي جي رهواسين جي زندگي کي پٺتي ڌڪي پٿر واري دور جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. هتان جا چونڊيل نمائندا ماڻهن کي رنگين خواب ڏيکاري ائين گم ٿي ويا جو وري ڪڏهن ظاهر به ڪونه ٿيا، ڳوٺ ۾ بجلي نالي ڪا شيءِ ناهي، پر پوءِ به ماڻهو هري ويا آهن ۽ انهي سڀ ڪجهه کي روڊ جي ٺيڪيدار جي سستي يا تڪ جي ڀوتار جي سُستي نه پر پالڻهار طرفان عطا ٿيل ڪا آزمائش سمجهي ڀوڳين پيا. ان تي ڪوبه احتجاج ۽ واويلا ڪونه ڪيو اٿن ۽ هو ڪرڻ به نٿا چاهين ڇو جو هو اذيتن کي ڀوڳي ڀوڳي هري ويا آهن.

مون ڳالهه پئي ڪئي حڪيم صاحبن جي، سو کوڙ اهڙا حڪيم آهن، جن جو وزن شهرن ۽ ڳوٺن جون ڀتيون کنيون پيون هلن، جن تي قسمين قسمين اشتهار اسان جهڙن ڪمزورن جي توجه جو مرڪز هوندا آهن، اتي ئي وري ڪڏهن ڪنهن جي قسمت خراب هجي ته شادي جي اشتهار تي پڻ نظر پئجي ٿي وڃي. ان کان علاوه اسان وٽ هونئن به خوشين جي انتهائي کوٽ آهي، تنهن ڪري ڳوٺ يا شهر جي ڪنهن امڙ، ناني يا پوڙهي عورت جي دعا به اهڙن ئي لفظن تي مشتمل هوندي آهي ته،

”پٽ شل ڳاڙهو گهوٽ ٿئين!

شل ڪا لال ڪنوار ملئي!

شال ست ڀئيتو ٿئين!“

فقيرن جي پنڻ ۾ به ماڻهو جي نفسيات جي حساب سان صدا هوندي آهي، اهي گداگر ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کان گهٽ ورتاءُ ڪونه ڪندا آهن، بند دروازي تي سدائين اها صدا ٻڌڻ ۾ ايندي ته:

او مائي شل ست پٽيلي ٿئين؟

اندر آواز ايندو ڇو مُئا منهنجي اٺين پٽ ڪو چوري ڪئي آهي؟“ فقير کي پنهنجي صدا تي ندامت جو احساس ٿيندو ۽ اٺين پٽ لاءِ ڪا خاص دعا ڪندو ته اوهان جو اٺون پٽ شل صدائين مصريون ۽ کيرکنڊ کائي….! اهڙي ريت هو پنهنجو مقصد ماڻي وري اڳتي نڪري ويندو.

شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ به بلڪل ائين آهي جيئن ننڍڙو ٻار تنجڻن ۾ ٻڌبو آهي، ان ۾ ذري برابر جو فرق ڪونه آهي، ٻار هوندي اوهين ڪيڏيون به ٽنگون هڻون، هٿرايون هڻو، روئو رڙو پر اوهان تنجڻن جي سُڪ ٻڌل رسي کان ڇڏائي ڪونه ٿا سگهو. ساڳي ريت جيڪڏهن اوهان کي شادي تائين پهچايو به وڃي ته اوهان هاڻ رسمن، رواجن ۾ اهڙا ته سوگها ٿيندا ته جو وري وڃي ڏيهن به ڏس ڏيندا يا وري ڪنڊ ۾ ويهي روئيندا.

اوهان کي دوست يار مٽ مائٽ گهڻو ئي سمجهائيندا ته يار سياڻو ٿي مڙي وڃ، ڏاهو ٿي سڀ ڪجهه ڪر پر شادي نه ڪر، پر اوهان ڪٿي ٿا مڙو.

شادي ڪرائڻ لاءِ اڄ ڪلهه ته بيورو کلي ويا آهن، اڳي اِهو ڪم پوڙهيون مايون سرانجام ڏينديون هيون،

پر ٽيڪنالاجي جي تمام گهڻي ڦهلاءَ سبب شادي لاءِ دستور به تبديل ٿيا آهن. حقيقت ۾ شادي لاءِ مون کي لفظ بيورو ان ڪري به سٺو نٿو لڳي جو ان لفظ سان اسان وٽ ”بيورو آف ڪريڪيولم“ جهڙا عظيم ادارا موجود آهن، هونئن ته ڪم ٻنهي جا ساڳيا آهن، پر مئريج بيورو ۾ به ڪڏهن ڪڏهن سچائي کان ڪم ورتو ويندو آهي….!

منهنجي هڪڙي دوست کي کُٽي کنئين، وڃي شادي ڪرائڻ وارن جي آفيس پهتاسين، قصو ڪوتاهه ڳالهيون صفا کاهي ۾ ڪرڻ جي ويجهو اچي ويون، بعد ۾ پڇا ڳاڇا کانپوءِ معلوم ٿيو ته ”ڇوڪري جي هِڪ اک پٿر جي هئي!“ راڻي کي به رات جو گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ شادي جي ڳالهه پڪي ٿيڻ سان پريشاني شروع ٿي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته شادي ڪرڻ تي ايترو خرچ اچي ويندو آهي جيترو ڪنهن غريب ملڪ جو ڪو ڊيم ٺاهڻ تي اچي سگهي ٿو.

اوهان جي سڄي عمر جي ڪمائي جيڪا اوهان جيڪڏهن رشوت خوري سان گڏ ڪئي هوندي ته پوءِ خير آهي، پر جيڪڏهن اوهان جي خون پسيني جي ڪمائي هوندي ته پوءِ اوهان کي ڳڻتي ائين وٺي ويندي جيئن وڙ ويڙهي ڪنهن وڻ کي ويڙهجي ويندي آهي.

شادي ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ اڄوڪي دؤر جي حساب سان ڊالر هجن ۽ انهن کي تيل ٿيندي ڏسڻ جو حوصلو به هجڻ گهرجي.

شادي ٿيڻ دوران سڀ کان اهم مسئلو ڪنوار جو ڪنهن اهم بيوٽي پارلر تان برائيڊل ميڪ اپ جي روپ ۾ تيار ٿيڻ آهي. اڄڪلهه ان لاءِ به پڇيو ويندو آهي ته اوهان ڪهڙو ۽ ڪيترو ميڪ اپ ڪرائڻ پسند ڪندا، يعني اوهان جو کيسو ڪيتري اجازت ڏئي ٿو؟ اڳي ڳوٺن ۾ مائي کي مُساڳ، سرنهن جو تيل ۽ سرمو پارائي جان ڇڏائي ويندي هئي، پر هاڻ بلڪل ان جي ابتڙ ٿئي ٿو. ڪنوار کي ائين پينٽ ڪيو وڃي ٿو جيئن ڪنهن بمباري ٿيل شهر جي ٻيهر تعمير ٿيندي هجي!

اوهان ان ڳالهه کي شرط جي دائري ۾ آڻي سگهو ٿا ته اوهان جي ڪنوار برائيڊل ميڪ اپ ۽ شادي جي جوڙي ۾ ملبوس ٿيڻ کانپوءِ هو ماڻهو کان ڦري ڪا ٻي مخلوق بڻجي ويندي! اوهان جون اکيون پٿر جون ٿي وينديون ته هي اِها ئي آهي، جيڪا مائٽن ڏيکاري هئي يا ڪا ٻي مخلوق آهي. نهن هٿ جا، ڀرون ۽ پنبڙيون هٿ جون، ايستائين جو رنگ ۽ وار به هٿ جا!

پر اوهان کي انهن ڳالهين سان ڪهڙو سروڪار اوهان ته چارج ٿيل آهيو ته خبر ته تڏهن پوندي جڏهن اوهان انهي خوابن جي دنيا کان ٻاهر ايندا ۽ اوهان جا سڀ بيضا ڀڄي چڪا هوندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *