تازيون خبرون

سڀني کان باخبر رهه پر مرد ذات کان وڌيڪ باخبر رهه ؛منير ڊومڪي

اليگزينڊر پوپ (Alexander Pope) ۽ جاهن ڊرائڊن (John Dryden) انگريزي ادب جا اهي قداور نالا آهن جن انگريزي ادب جي تاريخ ۾ ڪلاسيڪي ادب جو بنياد وڌو. پر هتي اسين اڄ پوپ جي زندگي جي باري ۾ بلڪل گھٽ پر هن جي مشهور بيت Rape of the Lock (RoL) (وارن جي چَڳ کي پٽڻُ) واري بيت جو تنقيدي جائزو وٺنداسين. اليگزينڊر پوپ 21 مئي 1688ع ۾ هن دنيا ۾ اک کولي ڄڻ ته ڪو پاپ ڪيو هجي. پهريون پاپ اهو ته هن رومن ڪيٿولڪ خاندان يعني ”سني خاندان“ ۾ جنم ورتو نه ڪي پروٽيسٽنٽ (شيعه خاندان ۾).ڇو جو ان وقت ڪئٿولڪ مذهبي ماڻهن جي لاءِ عذاب جو وقت هوندو هو. هن اڃان زندگيءَ جون 12 بهارون ئي مس ڏٺيون ته ٽي.بي جي مرض سندس جيءَ کي جهوري وڌو. هن جي زندگي زندگي گھٽ پر بيماري وڌيڪ هئي. بيماري جي ڪري هن جو قد 4 فٽ ۽ 6 انچ کان وڌي نه سگھيو پر اليگزينڊر پوپ جو نالو ايڏو ته وڏو وڌيڪ ٿي ويو جو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو. ”ڏکيءَ کي ڏک به گھڻا“ شايد مرض جي ڪري اليگزينڊر پوپ سڄي ڄمار ۾ شادي به نه ڪري سگھيو.

RoL بيت جي ڪهاڻي ٻن ڪئٿولڪ خاندانن جي وچ ۾ هڪ حقيقي واقعي تي مبني آهي. ٻنهي خاندانن لارڊ پيٽر ۽ اربيلا فرمور جي وچ ۾ هڪ رنجش جي اردگرد ڦري ٿي. ٿيو ڪجھ ائين جو لارڊ پيٽر هڪ جڳهه تي اربيلافرمور جي زلفن مان لاڪ(Lock) وارن جي چَڳ زور زبردستي ڪري ڪڍي ٿو. (بيت ۾ انهن جا تمثيلي نالا بئرن ۽ بِلندا آهن) بئرن جو اهڙو ڪڌو رويو اربيلافرمور کي چيڙائي ٿو ڇڏي. ”جاهن ڪارل“ پوپ جو ويجھو ڪئٿولڪ دوست ٻنهي خاندانن جي جھيڙي کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ بيت ”ريپ آف دي لاڪ“ جي لکڻ جي صلاح ڏني.

بس پوءِ ڇا؟ صرف صلاح ڏيڻ جي دير هئي پوپ جي قلم جو جادو اهڙو هليو جو نه ڄاڻ ڪٿان لکندي لکندي 794 سٽن تي مبني وڏو جامع ۽ شاهڪار نڪور لکڻي Rape of the Lock جي روپ (1712-14)ع وجود ۾ آيو. اهو بيت 18 صديءَ جو اهڙو ته مشهور بيت ثابت ٿيو جو جيڪڏهن اليگزينڊر پوپ پنهنجي سڄي ڄمار م ٻيو ڪجھ به نه لکي ها ته به اهو هڪ بيت هن کي شهرت جي بلندين تي پهچائڻ جي لاءِ ڪافي هو.

هن بيت جي شروعات هيٺين سٽن سان ٿئي ٿي.

What dire Offence from am’rous Causes springs,

What mighty Contests rise from trivial Things,

”پيار جي معاملن مان ڪهڙا نه سنجيده مسئلا جنم وٺن ٿا،

۽ ننڍڙين ڳالهين مان ڪهڙا نه وڏا جهيڙا نمودار ٿين ٿا.

بيت جي 19 سٽ ۾ خبر پوي ٿي ته بيت جي راڻي بِلندا پنهنجي بستري ۾ ويهاڻي کي ٻکيو اڃا تائين سُتي پئي آهي توڻي جو سج کي نڪرندي ڳچ وقت ٿي چڪو هوندو آهي. مزاحيه هيروئڪ ڪلاسيڪي معيارن تي پورو ايندڙ هن بيت جي شاعر پنهنجي هڪ منفرد انداز ۾ عام ماڻهن جي ڪردارن کان علاوه ڪجھ آفاقي ڪردار سيلفز (Sylphs) جي روپ ۾ پڻ متعارف ڪارايا آهن جيڪي بِلندا جي پاڪيزگي جا رکوالا هوندا آهن ۽ انهن سيلفز Sylphs جون مختلف ذميواريون به هونديون آهن.

بيت ۾ هڪ سيلف بِلندا کي خواب ۾ هڪ شهزادي جي روپ ۾ اچي ٿو ۽ هن جي ننڊ کي ڊگھو ڪري ٿو. اهو شهزادو هن کي ٻڌائي ٿو ته ”سڀني کان سهڻي بِلندا ٻڌي ڇڏ ته تنهنجي منفرد سار سنڀال لاءِ ڪيترائي سيلفز اڳ ۾ ئي موجود آهن“ سِٽن 35 کان 38 ۾ سليف بظاهر ته بِلندا کي صلاح ڏيندي چوي ٿو پر درحقيقت اها صلاح سڀني عورتن لاءِ هوندي آهي. ته هڪ عورت کي پنهنجي عزت ۽ اهميت جو پاڻ اندازو ٿيڻ کپي ته هن جي عزت ۽ اهميت ڪيتري آهي. عورت کي پنهنجا خيال ۽ نظريه تنگ نه رکڻ گھرجن ڇو ته دنيا ۾ ڪي اهڙيون به حقيقتون موجود آهن جيڪي وڏن وڏن ڏاهن ۽ فلاسافرن ۽ اهلِ علم وارن کان به راز ۾ رکيا ويا آهن. اهي دُنيائي حقيقتون صرف ڪنوارن عورتن ۽ ٻارن کي ٻڌايون ويون آهن. انهيءَ خواب ۾ بِلندا کي ٻي هنڌ ٻڌايو وڃي ٿو ته.

Think not, when Woman’s transient Breath is fled,

That all her Vanities at once are dead:

Succeeding Vanities she still regards,

And tho’ she plays no more, o’erlooks the Cards.

”اهو نه سوچ ته ڌرتي تي جڏهن عورت جي ننڍڙي زندگي ختم ٿئي ٿي ته.

هن جي مرڻ سان يڪدم هن جون سڀ وڏائيون ۽ ناز نخرا به مري ٿا وڃن،

مرڻ کان پوءِ به عورت انهن وڏائين ۽ ناز نخرن ۾ دلچسپي رکندي آهي،

جڏهن ٻيون (زنده) عورتون انهن وڏائين کي جاري رکنديون آهن،

ڀلي هوءَ پاڻ راند (جوا) نه کيڏي پر ٻيون عورتون ته کيڏنديون آهن.“

سٽون (51 کان 54 تائين)

اليگزينڊر پوپ جو هي مشهور بيت 18 صديءَ جي معاشري ۽ ماڻهن جي روز مره جي زندگيءَ جو بلڪل عڪس ۽ آئينو آهي. 18 صدي انگلينڊ ۾ فيشن جي صدي هئي، ڏيکاءَ ۽ نماءَ جي صدي هئي. سينمائون، فلمون، هوٽلن ۾ چانهه ڪافي پيئڻ، گھوڙي سواري ماڻهن جا عام مشغلا هوندا هئا.

هن بيت ۾ عورتن جا 04 قسم ٻڌايا ويا آهن جيڪي چار مختلف عنصرن مان ٺهيل آهن. جهڙوڪ ”هوا“ (Air)، زمينEarth ، پاڻيWater ۽ باهه Fire، جيڪي چڙچڙاڪ، تيز طبيعت ۽ گھڻي غصي واريون عورتون هونديون آهن اهي باهه جي عنصر مان ٺهيل هونديون آهن.

تن عورتن کي بيت ۾ شاعرسيليمينڊر (Salamander) جو نالو ڏنو آهي. جيڪي عورتون هر وقت پنهنجي چهري جي رنگت بابت پريشان رهنديون آهن يا جيڪي هر وقت پنهنجي مادي خواهشن جي پورائو جي باري ۾ سوچينديون رهنديون آهن انهن عورتن کي شاعر گنوم (Gnome) ڪوٺيو آهي. بيت جي سٽ نمبر 67 کان 70 تائين ٻڌايو وڃي ٿو ته جيڪي پاڪ دامن عورتون هونديون آهن اهي مرد ذات کي نامنظور ڪنديون آهن. پوپ اهڙين عورتن کي سيلف جي نالي سان ڪوٺيو آهي ڇو ته اهڙيون عورتون زميني نه پر آفاقي منزل ماڻن ٿيون ۽ سيلفز (Sylphs) عام طور تي وري اهي روح هوندا آهن جيڪي انساني قانون کان بالاتر هوندا آهن ۽ اهي ڪهڙي به جنس يا روپ چاهي مرد يا عورت هجي اختيار ڪري سگھن ٿا. پر بيت ۾ اهي عورتون ”هوا“(Air) جي عنصر مان ٺهيل ڏيکاريون ويون آهن. پوپ 91 ۽ 92 سٽن ۾ چوي ٿو ته

Oft when the World imagine Women stray,

The Sylphs thro’ mystick Mazes guide their Way,

”اڪثر جڏهن دنيا عورتن کي (پاڪ دامنيءَ کان) ڀٽڪيل تصور ڪندي آهي ته پوءِ،

سيلفز پراسرار طريقن سان انهن عورتن جي رهنمائي ڪندا / ڪنديون آهن.“

جيڪي عورتون دل ڦينڪ ۽ هلڪي مزاج جون هونديون آهن انهن کي بيت ۾ نمف (Nymph) جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪي پاڻي جي جزي مان ٺهيل هونديون آهن. خواب ۾ اڳتي هلي بِلندا کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻين ڪيترين ئي سيلفز سان گڏ هن جو جيڪو چيف سليف هوندو آهي ان جو نالو Ariel (ايرئل) هوندو آهي. جيڪو خواب ۾ پنهنجي تقرير مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ بِلندا کي بلڪل بُلند هڪل ڏئي چوي ٿو ته

Beware of all, but most beware of Man!

”سڀني کان (بِلندا) باخبر رهه پر مرد ذات کان وڌيڪ باخبر رهه.   “ سٽ 114

ان کان پوءِ بِلندا جو ڪتو جنهن جو نالو ”شاڪ“ هوندو آهي بِلندا جي بستري ڏانهن بُل ڏئي ڪري هن کي پنهنجي زبان سان ڇُهي هن کي ننڊ مان اٿاري ٿو.

18 صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ عورتون پنهنجن پالتو ڪُتن کي پنهنجن ورن کان به وڌيڪ چاهنديون هيون. ٺيڪ ائين جيئن اڄ ڪلهه عورتون ڪتن جي جاءِ تي مختلف نسلن جي پالتو ٻِلين کي وڌيڪ پالڻ ۽ پرورش ڪرڻ کي پنهنجو مشغلو بڻايون ويٺيون آهن.

ننڊ مان اٿي ڪري بِلندا جي پهرين نظر پيار واري خط تي پوي ٿي جنهن ۾ لفظ ”زخم، ڪشش ۽ جوش“ لکيل هوندا آهن. نه ته ماڻهو ننڊ مان اٿي ڪري الله الله ڪندو آهي، قرآن يا بائبل پڙهندو آهي يا ڪا ٻئي عبادت ڪندو آهي پر بِلندا پهريون ڪم پيار وارو خط پڙهي ڪري ڪري ٿي. پوءِ بِلندا Direct ميڪ اپ جي ڊريسنگ روم ۾ وڃي ٿي. ڇو ته 18 صديءَ ۾ مصنوئي ميڪ اپ ڪرڻ، پاڻ سينگارڻ ۽ سنوارڻ نوان نوان وڳا پائڻ ۽ پرس رکڻ ڄڻ ته رواج هو. خبر پوي ٿي ته انهيءَ ڊريسنگ روم ۾ ساڳي جاءِ تي پائوڊر، پائوڊر جو دونهون، ڪريمون، بائبل (پاڪ ڪتاب) ۽ پريم پتر سڀ هڪ هنڌ تي گڏ پيل هوندا آهن. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت جا اڪثر ماڻهو اڄ جي اڪثر ماڻهن وانگر مذهبي واٽ تان ڀٽڪيل يا پري هئا. بِلندا پاڻ کي ڪمري ۾ سينگاري ٿي ۽ ان جي نوڪراڻي Betty (بيٽي) هن جي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿي. بِلندا سنوري هار سينگار ڪري اچي ٻيڙي تي ويهي ٿي. جتي سڀ عورتون ۽ مرد هن جي خارجي سونهن جي تاثر ۽ تاثير ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. هر هنڌ جتي ڪٿي بِلندا جي سونهن جي واکاڻ ٿئي ٿي سادن لفظن ۾ کڻي چئجي ته ”هر جاءِ تنهنجي حُسن جو جلوو آ نظر ۾“ طوفان ته پوءِ ٿو اچي جڏهن هوءَ پنهنجي کيريا برف ڇاتيءَ مٿان لاڪيٽ (locket) پاتل نظر اچي ٿي جنهن کي ڇهڻ لاءِ ڪافر به پنهنجو مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. ب

ِلندا سڀني کي ڏسي ٿي ۽ ڪنهن کي به ”لفٽ“ نه ٿي ڪرائي.

بِلندا انسانذات جي تباهي لاءِ پنهنجي وارن ۾ ٻه خوبصورت چَڳ (Locks) سينگاري ٿي. جنهن جي ڪري هن جي خارجي خوبصورتي ۾ اڃا به چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. انهن ئي “Locks” جي راز ۽ رمزن جي ڪري ”عاشق مجبور ٿئي ٿو ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي“

بيت ۾ اڳتي هلي ٻڌايو وڃي ٿو ته انسان به ڪيڏو نه چالاڪ مخلوقِ خدا آهي. وارن وانگر ٺهيل ڄارن ذريعي ننڍڙن ۽ پتڪڙن مخلوقن کي جهڙوڪ پکي، جيت وغيره کي ڌوڪو ڏئي ڦاسائي ٿو ۽ قيد ڪري ٿو. يا ساڳي طريقي سان اڇي ڄار سان مڇين کي ڦاسائي پڪڙي ٿو، ٺيڪ ائين پوپ چوي ٿو ته اهو ساڳيو چالاڪ انسان عورتن جي ذلفن جو شڪار به ساڳي ريت ٿئي ٿو.

Fair Tresses Man’s Imperial Race ensnare,

And Beauty draws us with a single Hair.

”خوبصورت ذلف انسان جي شاهي نسل کي قيد ڪن ٿا.

۽ سونهن (انسان کي) هڪ وار سان پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي.“   سٽ 175 کان 176 تائين

بيت ۾ اڳتي هلي سڌ پوي ٿي. بئرن همپٽن ڪورٽ انهي جاءِ تي جنهن جاءِ تي بِلندا جُوا کيڏڻ اچي ٿي ۽ بئرن کي دل ئي دل ۾ دل ڏئي ويهي ٿي. (جڏهن ايرئل (سيلف) کي بلندا جي دل جي محبت جي خبر پوي ٿي ته هو بيوس پڻجي ٿو ڇو ته سيلفز صرف انهن عورتن جي پاڪيزگي جا رکوالا هوندا آهن جيڪي پاڻ پاڪ دامن هجن ۽ مادي خواهشون نه رکن) اتي بئرن ”ڪلرسا“ (Clarissa) عورت جي مدد سان بِلندا جي وارن جي چَڳ کي ڪٽي ٿو ۽ چَڳَ ڪٽڻ کان پوءِ قيامت برپا ٿئي ٿي. ان عمل سان بِلندا جي عزت جو جنازو نڪري ٿو. اڳتي هلي موٽ ۾ هوءَ به بئرن جي نڪ جي ناسن ۾ وارن وارو ڪانٽو هڻي ڪري بدلو وٺي ٿي. پوءِ ته سائين ٻن ماڻهن کان شروع ٿيندڙ اهو جھيڙو اتي موجود مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ به لفظي جهيڙي به تبديل ٿي وڃي ٿو. جھيڙي دوران بِلندا جي وارن مان ڪٽيل چَڳَ نه ڄاڻ ڪٿي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ اهڙي طرح ڪهاڻي پنهنجي انجام تي پوري ٿئي ٿي.

حقيقت پڇو ته بيت جي هڪ هڪ سٽ ۾ عام ماڻهوءَ کان علاوه، ذهين ذهنن لاءِ به سکڻ لاءِ وڏا درس آهن.

On one nice Trick depends the gen’ral Fate.

”هڪ زبردست اٽڪل تي خلقِ خدائي جي قسمت منحصر ٿئي ٿي.“   سٽ 384

 

But when to Mischief Mortals bend their Will,

How soon they find fit Instruments of Ill!

”انسان جڏهن شيطاني ڪمن تي لاهي پاهي ٿو ڏي نه، پوءِ،

نه ڄاڻ الائي ڪٿان ان لاءِ موزون آلات ڳولهي ٿو لهي.“ سٽون 416 کان 417 تائين

How vain are all these Glories, all our Pains,

Unless good Sense preserve what Beauty gains:

”انسان جا هي سڀ شانُ و شوڪتُ ۽ درد بيڪار آهن جيستائين،

خوبصورتي جيڪا شيءِ حاصل ڪري ٿي ۽ اهو سٺو عقل هن کي محفوظ نه ٿو ڪري.“

سٽون 670 کان 671 تائين

Curl’d or uncurl’d, since Locks will turn to grey,

Since paint’d, or not paint’d, all shall fade,

And she who scorns a Man, must die a Maid;

”سينگاريل هجن يا اڻ سينگاريل چَڳ (هڪ ڏينهن) ڦٽي ويندا،

ميڪ اپ ٿيل هجي يا نه هجي (هڪ ڏينهن) سڀ ڦٽي ويندو،

جيڪا عورت مرد کان نفرت ڪندي آهي اها ڪنواري ئي مري ويندي آهي.“ سٽ 672

“ And keep good Humour still whate’er we lose?”

”ماڻهوءَ ڀلي ڪجھ به وڃائي ويهي پوءِ به ان کي ڀوڳ جي صلاحيت رکڻ گھرجي،“   سٽ 674

”Then cease, bright Nymph! to mourn the ravish’d Hair “

”بس اي خوبصورت بِلندا! پنهنجي لٽيل وارن لاءِ پِٽِڪو نه ڪر،“   سٽ 785

“When, after Millions slain, yourself shall die;

When those fair Suns shall sett, as sett they must,

And all those Tresses shall be laid in Dust;”

(اي بِلندا) ۽ جڏهن لکئين (تنهنجي نيڻن جي ڪري) ڪُهجي ويا، تو به نه رهندئينءَ،

۽ اهي خوبصورت نيڻ به (هڪ ڏينهن) هميشه لاءِ بند ٿي ويندا،

۽ اهي سڀ ذلف به (هڪ ڏينهن) مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويندا.“     سٽون 789 کان 792 تائين

 

 
“Oh thoughtless Mortals! Ever blind to Fate,

Too soon dejected, and too soon elate!

Sudden these Honours shall be snatch’d away,”

”اي قسمت کان بي خبر رهندڙ نه سوچيندڙ انسان،

توهان ڪيڏا نه جلدي ۾ مايوس ۽ جلدي ۾ خوش ٿيو ٿا،

”خبر به اٿو جلدي هي، هي عزتون کسجي وينديون“ “    سٽون 391 کان 393 تائين.

“Charms strike the Sight, but Merit wins the Soul.”

”ٻاهرين سونهن صرف نظرن کي خوش ڪندي آهي پر سٺي سمجھه ۽ سٺو مزاح روح کي کٽيندو آهي.“   سٽ 678

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *