تازيون خبرون

سي ايس ايس امتحان ۾ عمر جي حد وڌائڻ گهرجي؛نسيم بخاري

چار ڏينهن اڳ چوڏهن مئي تي سينيٽ جي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو، عوامي درخواست تي ميمبرن ۾ بحث مباحثو ٿيو آهي ۽ لاڳاپيل مسئلي تي اتفاق راءِ به ڏٺي وئي آهي. سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جي ميمبر گيانچند اهو آواز اٿاريو آهي ته سنڌ ۾ وڏي پئماني تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٻهراڙين ۾ تعليمي سهولتن جي اڻاٺ سبب نوجوانن لاءِ سي ايس ايس (سينٽرل سپريئر سروسز) جي تياري هڪ للڪار بڻجي وئي آهي. شهرن سان تعلق رکندڙ شاگرد ته سٺي ماحول ۽ مناسب سهولتن سبب ان آزمائش کي منهن ڏئي وڃن ٿا پر ٻهراڙين جي ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن کي پنهنجي مستقبل سنوارڻ جي حوالي سان تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري ضرورت اها آهي ته سي ايس ايس امتحان جي تياري جي حوالي سان نوجوانن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جي عمر ۾ ڇوٽ ڏني وڃي.

گيانچند اهو به ياد ڏياريو آهي ته پرويز مشرف جي آمريتي دور کان اڳ نوجوانن کي سي ايس ايس جي امتحان لاءِ 30 سالن تائين عمر جي ڇوٽ مليل هئي، جيڪا هن گهٽائي 28 سال ڪري ڇڏي هئي. هاڻ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ان عمر جي ڇوٽ 32 سالن تائين ڏني وڃي، پر جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ مشرف دؤر کان اڳ طئه ٿيل عمر ۾ ڇوٽ ته ڏني وڃي.

سينيٽ ۾ گيانچند جي آواز ۽ احساس سان ايم ڪيو ايم جي سينيٽر طاهر مشهدي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ، فنڪشنل ليگ جي سيد مظهر حسين شاهه ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ سينيٽر محسن لغاري، عوامي نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجو، ايم ڪيو ايم جي محمد علي سيف ها ۾ ها ملائي آهي، جنهن کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته چٽاڀيٽي واري اهم امتحان ۾ عمر جي واڌ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري رپورٽ ٻن مهينن اندر پيش ڪئي وڃي.

سينٽرل سپريئر سروسز (سي ايس ايس) هڪ جاندار مستقل بيورو ڪريٽڪ اٿارٽي آهي، جيڪا گورنمينٽ جا سويلين ادارا هلائي ٿي. سول سروس کي اهم ڦيٿو چيو وڃي ٿو، جنهن تي رياست جي پوري انجڻ کي هلڻو پوندو آهي. اها هتي انگريز حڪومت جي دوران ”انڊين سول سروس“ (ICS) چئي ويندي هئي. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ اها پاڪستان ۾ سول سروسز آف پاڪستان ٺاهي وئي. غلام اسحاق خان، جيڪو پاڪستان جو صدر پڻ رهيو، اهو به بيورو ڪريسي جي پيداوار هو، جنهن جو ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين معاملن تي گهڻو اثر هوندو هو.

سي ايس ايس جي امتحان کي 1917ع ۾ هڪ نئين انداز ۾ ٺاهيو ويو، جنهن کي آئين جي باب هڪ (1) حصو (XII) ٻارهون آرٽيڪل 240 تحت ٺاهي آئيني شڪل ۽ تحفظ ڏنو ويو. سي ايس ايس امتحان تحت اهليت جي بنياد تي 7.5 سيڪڙو اميدوار چونڊيا وڃن ٿا ۽ 92.5 سيڪڙو ڪوٽا سسٽم تحت کنيا وڃن ٿا. ڄاڻايل امتحان ۾ عورت ۽ مرد کي برابريءََ وارا حق حاصل آهن، اهو امتحان هر سال فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت ورتو وڃي ٿو، جنهن جو نتيجو اداري جو چيئرمين پڌرو ڪندو آهي، بعد ۾ کين 17هين گريڊ جا عهدا مختلف کاتن ۾ ڏنا وڃن ٿا. مثال طور: پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ (اي ايس پي) پي اي ايس، ۾ اي ڊي سي ۽ ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيا وڃن ٿا.

سي ايس ايس جي امتحان ۾ عمر جي واڌ بابت سينيٽ ۾ اٿاريل آواز کانپوءِ وفاقي سرڪار سينيٽ جي ميمبرن توڙي چيئرمين جي راءِ کي ڪيتري سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار هيٺ آڻي ٿي. ان بابت ته ڪو پتو ناهي باقي مٿئين خبر منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال کي ضرور جنم ڏنو آهي ۽ اُهو خيال ئي اڄوڪي ڪالم جو موضوع آهي ۽ چاهيان ٿو ته ان خيال تي ٻين جا خيال به آڏو اچن. هڪ جاندار بحث مباحثي جي شروعات ٿيڻ گهرجي، جيڪو بعد ۾ هڪ سماجي دٻاءَ واري صورت اختيار ڪري ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سرڪار ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن سان عدل ڪرڻ تي آماده ٿي وڃي.

سي ايس ايس جي امتحان ۾ اميدوارن جي عمر ۾ ڇوٽ وارو خيال بلڪل درست ۽ جائز آهي، پر منهنجو خيال آهي ته ان سان گڏوگڏ امتحاني موقعن ۾ به ڪجهه وڌيڪ ڇوٽ ملڻ گهرجي. اسان وٽ سي ايس ايس جي تياري ۽ امتحاني مرحلو يا ان کانپوءِ نتيجي جو انتظار ڪيڏو اوکو ثابت ٿئي ٿو. ان تڪليف کي ته اُهي ئي وڌيڪ محسوس ڪري سگهن ٿا، جن جو اهڙي ڀوڳنا مان گذر ٿيو هجي. پاڻ وٽ سي ايس ايس واري امتحان ۾ اميدوار رڳو ٽي ڀيرا اٽميپٽ (Attempt) ڏئي سگهن ٿا، انهن ٽن ڀيرن ۾ جيڪو وقت، صلاحيتون ۽ پئسو خرچ اچي ٿو، تنهن جو اندازو لڳائڻ ڪا ڳجهارت ناهي.

هر ڀيري هزارين اميدوار پنهنجي قسمت آزمائڻ ۾ ميدان ۾ لهندا آهن، جن مان 2 کان 3 سؤ ئي سوڀارا ٿي سگهندا آهن، باقي ٻيا معاشري جي طعنن، مهڻن ۽ مايوسين جي ور چڙهي ويندا آهن. ڇو ته انهن جا خواب ۽ خواهشون امتحان ۾ فيل ٿيڻ ڪري اڻ پوريون رهجي وينديون آهن. مان سوچيان ٿو هڪڙو اهو ماڻهو آهي، جيڪو پهرئين دفعي ئي پاس ٿي وڃي ٿو ۽ هڪڙو اهو ماڻهو جيڪو ٽي ڀيرا ڪنهن هڪ اڌ پيپر ۾ هڪ ٻن مارڪن تان ڪري پوي ٿو ۽ مجموعي اسڪور به شاندار رهي ٿو، انهن ٻنهي همراهن جي احساسن ۾ ڪيڏي نه وڇوٽي ڏسجي ٿي، جنهن ماڻهو سان ان جي ڀاڳ نڀايو، ان جي ڀيٽ ۾ اُهو ماڻهو، جنهن کي وقت ۽ حالتن اداس ڪري ڇڏيو آهي. ڇا ان جا تجربا، مشاهدا ۽ صلاحيتون سهڻي انداز سان ڪارائتيون نه ٿيون بڻائي سگهجن. اهڙن اميدوارن کي جيڪڏهن هڪ يا ٻه دفعا وري محنت ڪرڻ جو ۽ امتحان ۾ ويهڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته ڇا ٿا سمجهو! اُهي ڪو ٻوٽو نه ٻاريندا؟

منهنجو خيال آهي ته اهڙن اميدوارن کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ سان نه فقط بيروزگاريءَ جي انگ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، پر اُهي ماڻهو جڏهن ڪنهن سيٽ تي ويهندا ته پنهنجي ماڻهن لاءِ وڌيڪ اتساهه ۽ اعتماد جو سبب به بڻبا، انهن جي رهنمائي، تجربا ۽ مشاهدا پڪ سان نئين ٽهي لاءِ جدوجهد جا نوان لاڙا متعارف ڪرائي سگهن ٿا.

دي ٽائمز آف انڊيا (The Times of India) 10 فيبروري 2014ع تي انڊيا ۾ چار ڀيرا فيل ٿيندڙ شاگردن جي حوالي سان احتجاج واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ته انڊيا جي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ فيل ٿيندڙ نوجوانن احتجاج ڪندي گهر ڪئي هئي ته کين چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ 6 ڀيرا موقعو ڏنو وڃي ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي 7 کان وڌائي 9 دفعا موقعا ملڻ گهرجن.

جنهن کانپوءِ تڏهوڪي ڪانگريسي سرڪار شاگردن جي بلند ڪيل صدا تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪيو، ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي شاگردن جا مطالبا مڃيا ۽ اهو اعلان ڪيو ته عام شاگردن کي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ 6 ڀيرا حصي وٺڻ ۽ پٺتي پيل علائقن جي نوجوانن کي 9 ڀيرا امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت هوندي.

انڊيا ۾ اڄ تائين ان طريقيڪار تي عمل ٿئي ٿو. انڊيا اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، پر اسان وٽ سرڪار پاران ان ڏس ۾ ڪا اهم اڳڀرائي ته پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت تائين متاثر ٿيندڙ اميدوارن پاران ڪا اهڙي احتجاجي سرگرمي سامهون نه آئي آهي، جيڪا سندن آئيندو سنوارڻ ۽ سازگار حالتن کي جنمڻ ۾ اهم ۽ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي. جڏهن شاگردن پاران سپريم ڪورٽ ۾ چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ عمر جي واڌ بابت ڪيس داخل آهي، پر شاگردن کي عمر سان گڏوگڏ، امتحاني موقعن ۾ واڌ جي حوالي به اثرائتي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان پوري دنيا ۾ اهڙن چٽاڀيٽي وارن طريقيڪار جي مدد وٺي سگهجي ٿي. هتي اهو دليل غير منطقي ٿو لڳي ته شاگردن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ سان ڪامياب اميدوارن ۾ اضافو ٿيندو ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي امتحان وٺڻ ۾ ڏکيائون پيش اينديون.

فرض ڪيو هن وقت 10 هزار اميدوار امتحان ۾ ويهن ٿا، انهيءَ انگ ۾ جيڪڏهن ڪا واڌ اچي ٿي ته پاڻ وٽ ان جو توڙ ناهي ڇا؟ اسان پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ ڏسون ٿا ته اُتي هر سال هڪ لک 50 هزار کان 2 لک 25 هزار اميدوار امتحان ۾ حصو وٺن ٿا، جن کان اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اهل اميدوار ٻاهر اچن پوءِ اُهي اصل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ويهن ٿا. سوال اهو آهي ته پنهنجي پياري پاڪستان ۾ ان حوالي سان چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ وٺڻ جي تڪليف ڪرڻ به مناسب سمجهي وئي آهي؟

دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن تعليمي حوالي سان ۽ چٽاڀيٽي جي حوالي سان آسانيون پيدا ٿي رهيون آهن، پر اسان وٽ ڪم ان جي ابتڙ آهي. هينئر جيڪو سي ايس ايس جو نئون سيليبس سامهون آيو آهي، تنهن پوئين سيليبس جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. چٽاڀيٽي جو امتحان ڏيندڙ شاگردن لاءِ مسئلا گهٽيا نه پر وڌيا آهن. اها سڄي صورتحال سنڌ جي ساڃاهه وندن آڏو بحث مباحثي لاءِ بيان ڪجي ٿي ته جيئن هڪ گڏيل راءِ هڪ اهڙو گوڙ ثابت ٿي سگهي، جنهن کان سرڪار گهٻرائجي وڃي ۽ چٽاڀيٽي جي امتحان سان چاهه رکندڙ اميدوارن جي جائز حقن ۽ مناسب مطالبن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.

آمريڪا ۾ ڪارن ماڻهن لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا جي حوالي سان گورن جي ڀيٽ ۾ گهٽ مارڪن واري رعايت ميسر آهي. اهو فقط ان ڪري آهي ته جيئن شيدي ماڻهو ڪنهن احساس محرومي جو شڪار نه بڻجن، اُهي ڏوهن جي دنيا نه وسائن ۽ سماج لاءِ خوفناڪ نه بڻجن.

اسان وٽ لاهور جي ماحول ۾ اتان جو مقامي شاگرد لاءِ گهربل رهبري ۽ سازگار فضا سنڌ جي يا بلوچستان جي ڏورانهين علائقن جي شاگردن کي ميسر آهي ڇا؟ اسان جي ٿر جي علائقي ۾ جتي مٺو پاڻي ميسر ناهي، ڏڪر ڪاهي پيو آهي، اتي ڪي نوجوان جيڪڏهن چاهين به ته ڇا کين پنجاب جي شاگردن جهڙي پڙهائي وارو ماحول ملي سگهندو؟ ڇا اهڙن ماڻهن کي اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ پوئتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ اميدوارن جيان ته چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويهڻ جا 10 ڀيرا موقعا ملڻ گهرجن!

مون مٿي آمريڪي شيدين کي گهٽ مارڪن باوجود يونيورسٽين ۾ داخلا ملڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙي طرح سنڌ ۽ بلوچستان جي شاگردن کي به اهڙا موقعا نه ٿا ڏئي سگهجن ڇا؟ اوهان تصور ڪيو ته جيڪي اميدوار ٽي ڀيرا فيل ٿي چڪا آهن، انهن وٽ پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ ٻي ڪا واٽ بچي ئي ڪيتري ٿي؟ اهي ماڻهو جنهن ذهني دٻاءَ ۽ سماجي مسئلن جي ور چڙهي وڃن ٿا، سي کين ڪنهن گمراهي ۽ غير قانوني ڪمن جو رستو ڏيکارڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏن ٿا ڇا؟ منهنجو تجربو آهي ته ذهين ماڻهو جيڏو ڏاهو هوندو آهي، ان جي جيڪڏهن ڪَلَ ٿڙي ته، اُهو سماج لاءِ ڀوائتو به اوترو ئي ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه جيڪي به عوام دشمن سرگرميون ٿين ٿيون، تن جي پردي پويان گهڻو تعداد اهڙن ئي ماضي جي باصلاحيت ۽ ذهين ماڻهن جو ڏسجي ٿو.

اسان جي سرڪار سياستدانن ۽ ساڃاهه وندن کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو اڃا ڪيتري سماجي ڀڃ ڊاهه، بدعنوانين، رشوت خوري ۽ ڪرپشن کي هٿي وٺرائيندا؟ اسان وٽ حق غضب ۽ انصاف گم آهي، تڏهن ئي مسئلا وڌي وڻ ٿين ٿا. مون چار ڏينهن اهو انتظار پئي ڪيو ته سينيٽ ۾ چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ عمر جي واڌ واري بلند ٿيل صدا کانپوءِ پڪ سان ٻين فورمن تي به انهي سلسلي جي تسلسل ۾ ڪا دانهن ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي پر ائين نه ٿيو. ٻيو ته ٺهيو پر متاثر اميدوارن به ڪا هاءِ گهوڙا نه ڪئي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته جيئن ئي سينيٽ ۾ عمر واري ڇوٽ واري صدا بلند ٿي تيئن وڌيڪ امتحاني موقعن (Attempts) لاءِ نوجوان ميدان ۾ لهن ها. ڪي احتجاج يا ڌرڻا نه به ٿين ها، پر اُهي گڏجي سڏجي، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا رڙ ڪوڪ ڪري پنهنجو ڪيس ته مضبوط پئي ڪري سگهيا. موبائل ايس ايم ايس کان ويندي، فيس بڪ، ٽوئيٽر، واٽس اپ ۽ اِي ميلن ذريعي ڌوڙيا لاهي ڇڏن ها ۽ ڪورٽن جا در کڙڪائن ها ته شايد هن وقت تائين انڊيا جي نوجوانن جيان سندن حق ۾ ڪي فيصلا به اچي چڪا هجن ها.

پر مون کي ان ڳالهه تي وڏي حيرانگي آهي ته ان حوالي سان ڪو ٻائيتال يا ٽاٻڙڪو ۽ ڌمچر ته ايوانن ۾ نه متو آهي پر متاثر ماڻهو آهن، اُهي اجتماعي طور تي پنهنجي حق ۾ ڪا اثرائتي راءِ عامه به نه جوڙي سگهيا آهن. جڏهن ته گذريل ٽن چئن سالن کان عرب دنيا ۾ آيل انقلابن جي تاريخ اهو سڌ سماءَ ٿي ڏئي ته اُهي سماج جي تبديلي واري تصور جا بانيڪار ڪي ٻيا نه پر نوجوان ئي هئا، جن سوشل ميڊيا کي سگهاري هٿيار طور ڪتب آڻي سالن کان اتي قائم حڪومتي ڪوٽن کي ڪيرائي ڇڏيو.

سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ ڪنهن حوصلي ۽ همٿ جي کوٽ آهي، يا اُهي ڪنهن ذهني دٻاءَ ۾ غربت جو شڪار آهن يا خود اُهي زندگيءَ مان ايترا مايوس ٿي چڪا آهن جو نااميديءَ کي مقدر مڃي ويٺا.

ٿيڻ ته ائين گهرجي جو اسان جي نوجوانن کي ٻين ملڪن جي نوجوانن جيان پنهنجي حقن لاءِ اٿڻ گهرجي، پوءِ ئي سي ايس ايس جي امتحان ۾ عمر سان گڏوگڏ موقعا به وڌي سگهن ٿا. پهريان نوجوان پاڻ اٿندا ته پوءِ سڀ اٿندا نه ته ڪو به ڪنهن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *