تازيون خبرون

سينيٽ چونڊون، عوام جا مسئلا ۽ لاتعلق حڪمران ؛عبدالرزاق عمراڻي

هن ملڪ جي مالڪن، اڪابرن، فيلسوفن، بيوروڪريٽن ۽ وزيرن مشيرن کي هڪ نماڻو عرض آهي ته ايئرڪنڊيشنز جو سوئچ بند ڪري، چمڪيليون وڏيون گاڏيون گيراجن ۾ ڇڏي، منرل واٽر جي بوتل منهن تان هٽائي، پنهنجي عاليشان بنگلن مان نڪري، چڪوال، حيدرآباد، جيڪب آباد، سکر، مردان، لياري ۽ نوابشاهه ۾ قهر جي پوندڙ گرميءَ ۾، اتي ڪم ڪندڙ مسڪين ماڻهن سان گڏجي بيهو ۽ کين ٻڌايو ته هاڻ هي ملڪ سکيو ۽ ستابو ٿي ويو آهي، هتي براين جي جڳهه تي نيڪين جاءِ والاري آهي،

اسان هن ملڪ کي گڊ گورننس ڏني آهي، بيروزگارن کي، عورتن کي سندن حق، شاگردن کي اعليٰ تعليم جون سهولتون، اسان اوهان کي ڪامياب عوامي نظام ڏنو آهي، هاڻ اوهان جو اسان جي هن نظام بابت ڇا رايو آهي…؟ پوءِ جيڪو عوام ٻڌائي اهو عوام جو پيغام کڻي واپس پنهنجي آفيسن، بنگلن ۾ اچو ۽ ايئرڪنڊيشنز گاڏين جي ٿرمو اسٽيٽ جو ناب وڌائي مکڻ لڳل سلائس سان ناشتو ڪري نرم نازڪ باليءَ جا جوتا پائي منرل واٽر پاڻي پي، مارگله ۽ ڊفينس جي روڊن تي جرمن ڪتي جي زنجير پڪڙي ساڻس ڪچهري ڪندي سوچيو، صرف ڪجهه گهڙين لاءِ ته:

– ڇا ڪروڙين رپين سان تعمير ڪيل اسيمبلي، ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، انصاف لاءِ قائم ڪيل عدالت ڇا اڄ به هن ملڪ جي ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت مهيا ڪري سگهي آهي؟

– ڇا ملڪ ۾ قائم ڪيل اسپتالون مريضن کي مفت علاج ميسر ڪري رهيون آهن؟ يا مسيحا ڪاسائي واري ڪار ۾ مصروف آهن؟

– ڇا ملڪ ۾ قائم ڪيل تعليمي ادارا علم پيا ورهائين يا باغي بيروزگارن جي فوج پيا تيار ڪن؟

– ڇا 14 ڪروڙ عوام مختيارڪارن، تپيدارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهيو آهي؟

– ڇا ملڪ پوليس اسٽيٽ نه بڻيل آهي؟

– ڇا عورت اڄ محفوظ آهي يا کيس سماج ۾ سرعام ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو پيو وڃي؟

– ڇا ملڪ ۾ 15 لک بيروزگار گذريل ڪيترين ئي سالن کان نوڪرين تي پابندي هجڻ ڪري ڪاغذي ڊگريون کڻي روڊن تي نه ٿا رلن؟

– ڇا اڄ به تقريبن هڪ ڪروڙ  ماڻهو ڪورٽن ۾ شنواين مٿان شنوايون نه ٿا ڀوڳين، جن کي انصاف جي حاصلات لاءِ هڪ ڪورٽ کان ٻي ڪورٽ تائين سالن جو سفر نه ٿڪائيندو هو؟

– ڇا اوهان جو نظام هتي قائم ٿيل اوچ نيچ طبقاتي فرق اپر ڪلاس، مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جو فرق مٽائي سگهيو آهي؟

– ڇا بيمار کي دوا، ضرورتمند کي مالي مدد ۽ مظلوم کي زبان ڏئي سگهيا آهن؟

– ڇا صدر کي عاليشان محل مان ڪڍي ڪنهن عام گهر ۾، وزيراعظم کي عوام سان گڏ روڊن تي، وزيرن کي عوام سان گڏ گهٽين ۽ ڳوٺن ۾، سيڪريٽرين، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڪمشنرن ۽ ايس ايس پي کي عوام جو خادم بڻائي سگهيو آهي؟

– ڇا جاگيردارن جون جاگيرون ختم ڪري سگهيو آهي؟

– ڇا سردارن کان جرڳائي سسٽم ختم ڪرائي سگهيو آهي؟

– ڇا هاڻ مل مالڪ مزدورن کي پوري مزدوري ڏئي پيو؟

– ڇا بانڊيڊ ليبر سسٽم يا نجي جيل ختم ٿي ويا آهن؟

– ڇا ميرٽ تي حقدارن کي حق ملي پيو؟

– ڇا تعليمي نظام درست انداز ۾ هلي رهيو آهي؟

– ڇا بينڪون بيروزگارن ۽ حقيقي حقدارن کي قرض ڏين ٿيون؟

– ڇا ادارا انصاف جي تقاضائن مطابق نيلام ڪيا پيا وڃن؟

– ڇا ادارن مان نڪتل ملازمن کي سندن حق ادا ڪري سگهيا آهيون يا اڄ به ايس آر ٽي سي جي ملازمن وانگي هو احتجاج تي آهن؟

– ڇا ناڻي جي صوبائي ورهاست ۽ پاڻي جي ورهاست واقعي ايمانداري سان ٿي رهي آهي؟

هاڻ پڇو پنهنجي امپورٽيڊ بيد جي ڇڙي کان، خوشبودار، امپورٽيڊ پرفيوم کان، جراثيمن کان پاڪ پاڻي ۽ گلاس کان ته ڇا اوهان جو نظام هڪ پگهر سان شرابور، وجود کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟

هاڻ سوال ڪريو پنهنجي ڪينيا جي ڪافي ۽ هالينڊ جي کير واري چانهه کان ته ڇا اڄ وي آءِ پي لائونچ، هوٽرن جو آواز، سفارشي خط ۽ ٽيليفون، بريف ڪيس ڪلچر جو خاتمو ٿيو آهي؟ ڇا هاڻ نظام ۾ سڀ برابر آهيون، ڪو مراعت يافته طبقو، ڪو فيوڊل ڪلاس، ڪو وي آءِ پي ڪلاس نه رهيو آهي، ڇا هاڻ پراڻو واعدو ته هن ملڪ ۾ گڊ گورننس قائم ڪبي ۽ ملڪي دولت لٽيندڙن کان دولت واپس ڪرائبي، يا اڄ به اهي دولت لٽيندڙ، قرض معاف ڪرائيندڙ صوبن جا سربراهه ۽ ملڪ جي حساس وزارتن جا مالڪ نه بڻيل آهن، هاڻ پڇو پنهنجي ايئر ڪنڊيشن ۽ ڪمري ۾ پيل وارڊ روپ کان جنهن ۾ پيل لکن رپين جي لباس ۽ خوشبوئن کان جن جي پائڻ جو ڪڏهن ڪڏهن وارو ٿو اچي.

جي انهن مڙني سوالن جا جواب عوام طرفان اوهان کي ها ۾ مليل آهن ته پوءِ واقعي اوهان جو نظام، اوهان جو انصاف، اوهان جا اعلان حقيقي آهن پر جي اڄ به پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه آهي، شهرن جا روڊ رستا کنڊر آهن، ٻهراڙيون صحت ۽ تعليم کان وانجهيل آهن، سفارشي ڪلچر طور ڀرتي ٿيل استاد علم جي جڳهه تي جهالت پيو ورهائي، اسڪول اوطاقتون بڻيل آهن، رستا چوڌري خانن جي ڊيرن ۽ ٻنين تي رسائي لاءِ ٺاهيا پيا وڃن.

پوءِ گڊ گورننس اقتدار جي هيٺاهين سطح تي منتقلي واريون دعوائون ڪهڙي معنيٰ رکن ٿيون، انهن کي ڪو به ساڀيان ڏيڻ وارو موجود نه آهي. هن ملڪ جي غريب ۽ مسڪين پيڙهيل طبقي جي ڪڏهن داد رسائي ٿيندي؟ ڪهڙو نظام انهن کي حقيقي فائدو ڏيندو؟ سو سمجهه ۾ نٿو اچي…!

هاڻ اهڙي صورتحال ۾ اڳوڻا وزيراعظم گيلاني هجي،

راجا پرويز اشرف هجي يا هاڻ نواز شريف سو اصل عوام جو مسئلو ناهي، ٿر جي معصوم ٻارن جو موت سينيٽ جي چونڊن ۾ لڳندڙ منڊي, جنهن ۾ ڪروڙن جو واڪ  هلي ٿو، تنهن سان عوام جو ڇا؟پريشان حال عوام، بک، بدحالي، مهانگائي، بيروزگاري، سماجي ۽ معاشرتي مسئلن جي ڪري دربدري واري حالت ۾ بي يارو مددگار ڦري پيو ۽ چاهي ٿو ته سندس درد جو، ڏک جو ۽ پيڙا جو مدائو ٿئي پر هنوز دلي دور است.

********

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *