تازيون خبرون

سونين والين خاطر قتل ٿيل سکر جي معصوم نياڻي …!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اسان زندگي جي الاءِ ڪهڙي موڙ تي اچي پهتا آهيون خبر ناهي اسان جي منزل ڪٿي آهي ۽ اها به خبر ناهي ته اسين ڪهڙي راهه جا مسافر آهيون. اسان جي اکين مان ننڊون رسي چڪيون آهن اسانجي رهبرن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، اسان وسنڌين ۾ هوندي به رڻن جا راهي آهيون اهي رڻ  جيڪي سفرن جي لائيڪ ئي ناهن، اسان پنهنجي اکين اڳيان موت جا هزارين منظر پنهنجي اکين جي آرسي ۾ بند ڪري ڇڏيا آهن اسان پنهنجي معصومن جي تن جا  بنا ڪپڙن جي ڪاڙهن کي ڪڙِيل زّخم ناسور ٿيندي ڏٺا آهن .اسان جي همت اسان جا حوصلا پست ٿي چڪا آهن اسان جيڪي تنهائن جي سفرن جي نڪتل هئاسين سي هاڻي اڌ راهه رلي ويا آهيون اسان پنهجون منزلون وڃائي ويٺا آهيون اکين جو نور هوندي به پاڻ کي انڌا محسوس ڪري رهيا آهيون ڪنن جي پڙلاُاو هوندي به ڪنن کان ٻوڙا آهيون اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته اسين ڇا ڪريون اسان ڪيڏانهن وڃون. اسان مان ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو اها هام هڻي ته هو سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي. هر ڪو هي ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون . اسان جي چؤطرف مسئلا ۽ مونجهارا آهن.وڌندڙ دهشتگردي،ماراماري،ڦرُ،ڌاڙا،ڪارو ڪاري،بم حملا هر طرف غربت آهي،۽ وحشي ماحول پکڙجي چڪو آهي،ڪالهه جتي سمورو پاڪستان سياسي جماعتن جي ڄونڊا پٽ ۾ ٿيندڙ وزيراعظم جي الڪيشن کي ڏسي رهيو هو ۽ ان هي وقت ڪي پي ڪي جي هڪ ايم اين اي عائشه گلالائي پنهنجي ئي ليڊرمٿان پنهنجي ٿيل عزت جي ذلت ٻڌائي رهي هئي،انهي وقت پاڪستان جي سموري ميڊيا انهن ٻنهي اشوزن کي ماڻهو تمام گهڻو غور سان ڏسي به  رهي هئي ۽ ٻڌي به رهي هئي،ان وقت پاڪستان جي سياسي ڄونڊا پٽ اندر ڪنهن به ڪا خبر نه هئي ته منهنجي جيجل سنڌ امڙ جي سيني تي هڪ قيامت جي رات اچي ڪڙڪي آهي  انڪري مان ڪهڙيون معياريون ڏيان ۽ ڪنهن کي معيارون ڏيان پنهنجن به انهي سنڌ  ڌرتي تي  قتل ٿيل معصوم 6 سالن جي نياڻين تي جيڪو قهر اچي قهر ڪڙڪيو هو انهي سموري قهر کي وساريون چڪيون هنيون،

هر ميڊيائي طبقو عمران ۽ عاشيه ۽ پاڪستان جي ٿيڻ واري وزيراعظم جي خبرن کي سينگاري رهيو هو، ان وقت سکراندر هڪ وحشين پنهنجي وحشيت  ۾ اچي ڪري باڳڙي خاندان جي 6 سالن جي معصوم گلن جهڙي ٻارڙيءَ کي ڳچي ۾ رسو ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو،مان سمجهان ٿو جيڪڏهن قيامت جومقرر نه هجي هان ته هن وقت ضرور قيامت اچي ڪڙڪي ها،جنهن وقت انهي 6 سالن جي معصوم جي ڳجهي ۾ رسو وجهي کيس ماريو پئي ويو، پر الله پاڪ اهو فيصلي جو ڏينهن مقرر ڪري رکيو آهي،جيڪو هڪ ڏينهن ضرور ايندو،،سکر اندر وحشي انسانن معصوم  نياڻي جي ڪنن ۾ پيل سونين والين جي ڪري کيس گهٽا ڏئي ماري سندس لاش خالي پيل گهر جي ڪمري جي پلنگ هيٺان رکي ڇڏيو.سکر ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد وس پور محلي مان هڪ ڏينهن اڳ ڇهن ورهين جي مٺي ڌيءُ سيوا باگڙي گهران نڪتي جيڪا رستي مان گم ٿي وئي. ٻارڙيءَ جي گم ٿيڻ تي گهر ڀاتين جڏهن سندس ڳوالا شروع  ڳولا ڪئي  جنهن بعد سندس ڳچي ۾ رسو ٻڌل لاش علائقي جي خالي پيل گهر جي ڪمري مان پلنگ هيٺان هٿ آيو. ٻارڙيءَ جو لاش هٿ اچڻ تي باگڙي برادري جا مرد ۽ عورتون وڏي انگ ۾ جمع ٿي ويا هئا، جن ٻارڙيءَ جو لاش وس پور روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو،

هن معاشري اندر جتي معصوم ٻارڙين جي جسني هوس جو نشانو بنائڻ کان ويندي انهن معصوم ٻارن جي ڪنن ۾ پيل سون جي والين تي به کين قتل ڪري سندس لاش لڪايا پيا وڃن  ان معاشري اندر ان کان  وڌيڪ قهر ڪهڙو هوندو،. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ دک وڌندا پيا وڃن. جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو. هر ڪو پنهنجو ڪتاب کڻي آيو، هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو، هر ڪنهن پاڻ تي ايمان ۽ اعتقاد آڻڻ جي تلقين ڪئي. ڪنهن به قوم تي ۽ عوام تي اعتماد ڪونه ڪيو. مطلب ته جيڪو آيو سور ڏئي ويو ۽ پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو. اڻکٽ درد جي موجودگيءَ ۾ اسان ۾ هاڻي دوا جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان چوٽڪارو ملي. مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي. هر ڪو ماڻهو ايئن سوچي به ٿو ۽ ايئن لوچي به ٿو. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ به اسان منزل ماڻي ڇو نه ٿا سگهون؟ پوءِ به اسان جا انفرادي، اجتماعي ۽ قومي ڏک پنجن منجهان پندرهن ڇو ٿا ٿين؟ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي ”وسيع تر انفراديت“ جو دور آهي ! ان ڪري هر ڪو ماڻهو فقط پاڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو. ان ڪري اجتماعيت ۽ قوميت هن لاءِ بي معنيٰ دائرا بڻجي پيا آهن. ڪو به قوم کي ۽ اجتماعي حالتن کي ٺاهڻ لاءِ پاڻ کي ڍاهڻ نه ٿو چاهي. ٿورو اڃا غور ڪري ڏسبو ته اسان مان ڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ انفراديت کان ٿورو ٻاهر نڪري، پنهنجي برادري ۽ ذات پات جي ڀلائي ۽ خيرخواهي لاءِ به سوچن ٿا. ان ڪري ذاتين پاتين جي بنيادن تي تنظيمون ٺاهن ٿا ۽ پنهنجي ڏاڍ مڙسي مڃرائڻ لاءِ قبائلي جهيڙن ڪرڻ تائين اڳتي وڌي اچن ٿا. ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جي بت ۾ ننڍي کنڊ جي مذهبي حالتن روح ڦوڪيو.انهيءَ نظرئي جا ابا ڏاڏا هندو ئي آهن. پر اڄ ڪلهه هندو توڙي مسلمان ذات پات جي زنگ کان پاڻ بچائي نه سگهيا آهن. بلڪ انهيءَ انسان دشمن نطريئي جا مبلغ بڻجي چڪا آهن. جهڙي ريت انفراديت پرستي پوري انسانيت جي نفي ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ذات پرستي وري ظلم، ذيادتي، بي انصافي ۽ بد امنيءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسان چوندا آهيون ته ڪو لڪل ۽ غير سنڌي هٿ سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي ٿو.

بي شڪ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي اڃا ختم ڪانه ٿي آهي. ان کان سواءِ اسان جي سياسي ڪلچر اهڙي نظام کي قائم رکيو آهي. جنهن ڪري ماڻهو ذاتين ۽ برادرين ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. پر ذاتين پاتين ۾ اختلافن ۽ تضادن پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ اسان پاڻ ئي ٿيون ٿا.پر پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي ٽوڪري ايجنسين کي کڻائيندا آهيون.انفراديت ۽ ذات پات لاءِ ڏوهه ثواب ڪرڻ کان علاوه اسان ٿورو اڳتي وڌي ڪنهن گروهه يا لابيءَ لاءِ به پاڻ پتوڙيون ٿا. هن بدعت سنڌ ۾ موقعن، ذريعن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ وارا گروپ پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ادارا، ريڊيو ۽ ٽي وي اهڙن ماڻهن لاءِ مڙهه مقام بڻجي چڪا آهن. مجال آهي ڪنهن نئين ۽ اوپري ماڻهوءَ کي جو هنن جو ڪڙو ٽوڙي سگهي. ادارن ۾ عهدا ۽ رتبا ملندا ته مخصوص ماڻهن کي،ريڊيو يا ٽي ويءَ تي پذيرائي ٿيندي ته مخصوص لابين جي.ٻيو وتي ٻاهريان چڪر ڏيندو. هر ڪنهن هنڌ پير يا ڪنهن وڏيري جي درٻار لڳي پئي آهي. ٽوپي ٽانڊو ڪندو ته ڳالهه ۾ اثر پيدا ٿيندس ۽ پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملندس.  اسان جي سهڪار سر پرستي، تعاون ۽ امداد جي ڪهاڻي اهائي آهي. سهڪار ۽ سر پرستيءَ جي منڊي گهوڙي انفرادي غرض، ذات پات ۽ گروهه کان ٻاهر نڪري ئي ڪانه ٿي سگهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جا اجتماعي ۽ قومي مسئلا حل ٿين ئي ڪونه ٿا ۽ اسان روز به روز وڌيڪ آزار، سور ۽ درد ڏسندا رهون ٿا. اهڙين حالتن ۾ اسان جو هر قدم عدم طرف وڌندو رهي ٿو.عدم طرف وڃڻ جو مطلب ٿيندو مري وڃڻ يا هي جهان ڇڏي وڃڻ. جڏهن اسان قومي ۽ اجتماعي مسئلن ڏانهن توجه نه ٿا ڏيون ۽ هٿ پير نه ٿا هلايون ته زندهه  قوم ڪيئن ٿا ٿي سگهون؟انهيءَ حساب سان اسان زندهه قوم آهيون ئي ڪو نه ڇو ته اسان جيئرا آهيون ته پاڻ لاءِ، زندهه آهيون ته ذات پات يا گروهه لاءِ. قوم لاءِ اسان جو زندهه هجڻ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ۽ نه ان کي ڪو ضروري ڄاڻون ٿا.اسان جو هر قدم هن ڪري به عدم طرف وڌي ٿو، جواسان ۾ ڪٿي به ورڪنگ رليشنشپ نظر نه ٿي اچي.اسان ڪامن فيڪٽرس  کي اڳيان رکي تعاون نه ٿا ڪيون. ان ڪري هنڌين ماڳين، اسان جي قول ۽ فعل، اسان جي رويئي ۽ انداز ۾ عدم کانسواءِ ڪجهه به ڪونه آهي. بک، بيروزگاري ، جهالت، بد امني جان ۽ مال جي تحفظ جو اونو ۽ ٻيا اهڙا مسئلا ، سمورن جا مسئلا آهن.ايئن ڪونه آهي ته ڪو فرد واحد، ڪا هڪڙي ذات يا ڪو هڪ گروهه انهن مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي

جڏهن مسئلا ۽ مونجهارا هڪجهڙا آهن ۽ هر ڪنهن لاءِ آهن ته پوءِ اسان پنهنجي انفراديت، ذات ، گروهه لاءِ ڇو ٿا سوچيون؟ پوءِ اسان جو هر قدم عدم جي رنگ ۾ رتل ڇو آهي؟اسان کي عدم تعاون، عدم اعتماد، عدم دلچسپي ۽ عدم سهڪار ڇو پسند آهن؟ اسان کي هر اهو لفظ ۽ هر اهو عمل ڇو ٿو وڻي جنهن جي اڳيان عدم اچي ٿو؟لفظ عدم سان اسان جي ايتري محبت ڇو آهي؟ عدم طرف وڌندڙ  اسان جو هر قدم اسان کي ڪٿي پهچائيندو؟عدم تعاون، عدم دلچسپي ۽ عدم تعلق اسان مان هر ڪنهن کي ويڳاڻو ۽ وياڪل بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان هڪ هوندي، اسان هڪ قوم مان هوندي به الڳ الڳ ۽ جدا جدا آهيون. اسان مان هر ڪو بي يارو مددگار ٿي پيو آهي. ڪو ڪنهن جي سار نه ٿو لهي، ڪو ڪنهن جي مدد نٿو ڪري، ڪو ڪنهن جي ڪم نه ٿو اچي مون کي سنڌ حڪومت ۽ خاص طور آجي سنڌ مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته مٺي باگڙي معصوم نياڻي سان انصاف ضرور ٿيندو ۽ مان مطالبو ٿو ڪيان ته مٺي جي قاتلن کي اهڙي سزا ڏني وڃي جيڪا عبرتناڪ سزا هجي جيڪا هميشه سنڌ اندر ياد ڪئي وڃي.!!!!

******

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *