تازيون خبرون

سوال نئين نسل ۽ نصاب جو!: عرفان منان

دنيا جي ھر قوم جو نئون نسل وڏي اھميت رکندڙ ھوندو آھي، ايندڙ وقت جون واڳون پڻ ايندڙ نئين نسل کي ئي سنڀالڻيون پونديون آھن. نئين نسل کي سماج اڏيندڙ به چئي سگھجي ٿو. ڇوته سماجن جي اندر جيڪي به کوٽون موجود ھونديون آھن، انهن کي نئون نسل ئي ختم ڪرڻ جي پوري سگھ رکي ٿو. حاصل مطلب ته ھڪ بھتر معاشرو ٺاھڻ جي لئه بھترين ۽ متحرڪ نئين نسل جي گھرج هوندي آھي. ان حوالي سان جيڪڏھن نئون نسل ذھني، فڪري ۽ شعوري طور تي تندرست ۽ صحتمند ھوندو ته سماج به چڱي طرح ٺيڪ ٿي سگھندو. ھاڻي اھو نئون نسل ڪئين پيدا ٿيندو؟ ان جي پالنا تربيت ڪئين، ڪھڙي طرح ۽ ڪير ڪندو؟ اھي تمام سنجيده سوال ۽ نقطا آھن، جيڪي پنھنجي جوھر ۾ وڏي معني ۽ مطلب رکن ٿا ۽ اھي حل ٿيڻ جوڳا به آھن. عام طور تي چيو ويندو آھي ته وڏا ننڍن تي مھربان ۽ ڇپر ڇانو ھوندا آھن. حقيقت ۾ ڏسجي ته وڏن جي ٻاجھ جو ھٿ سدائين ننڍن جي لئه وڏي وٿ ثابت ٿيو آھي. اھي وڏا ئي ھوندا آھن، جن جي آڱر پڪڙي ننڍا زندگي جي پھرين وک کڻي ھلندا آھن. زندگي جي پھرين وک کڻي ھلڻ جي لئه ننڍن کي ڪنھن سھاري جي ضرورت پوندي آھي. تنھن ڪري نئين نسل جي واڌ ويجھ ۽ پالنا ۾ انھن جي وڏن جو ھٿ عمل دخل نھايت ئي وڏي اھميت وارو آھي. ھاڻي اھو وڏن تي منحصر آھي، ته ھو پنھنجي نئين نسل کي سماج جي وارثي ڪرڻ لئه ڇا ڇا سيکارن ٿا. اھو به سچ آھي، ته ٻار جي سکيا جو پھريون ھنڌ، ان جو گھر ۽ ان جا والدين ھوندا آھن. دنيا جو ھرھڪ ٻار پنھنجي ڄمار جا پھريان درس پنھنجي گھر وارن کان ئي پرائيندو آھي. ادب، اخلاق، چال چلت، رھڻي ڪھڻي، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ جا ڍنگ طور طريقا ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ نئين نسل کي سيکارڻ جا شروعاتي مرحلا ھوندا آھن. گھر کان پوءِ نئين نسل جي سکيا جي جاءِ معاشرو آھي. سچ پچ ته معاشرو ئي وڏو استاد ۽ سونھون ھوندو آھي. سماج مان ڪڏھن ڪڏھن اھڙا به سبق سکڻا پوندا آھن، جيڪي نه والدين سيکاري سگھندا آھن، ۽ نڪي ڪنھن مڪتب مان ئي حاصل ٿيندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن اھڙا سبق نئين نسل لئه ڏکيا به ھوندا آھن، ته وري سولا به ھوندا آھن. نئون نسل شعوري ۽ غيرشعوري طور تي اھي سبق سمجھندو، سکندو، ٻڌندو ۽ تجربا ڪندو واڌ ويجهه ڪندو رھندو آھي. ڪيئي واقعا، وارتائون، ڳالھيون، ۽ يادگيرون نسل جي نابالغ ۽ ڪچي ذھني دنيا ۾ ڪنھن واچوڙي وانگر ڦرنديون رھنديون آھن. انھن جا اثر ھنن جي دماغن جي زمين تي، سلن جيان ڦٽندا ۽ ڪڏھن سڪندا رھندا آھن، پر ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي، جو اھي ڪڏھن سٺي سوچ جا سوين سنگ پچائي وجھندا آھن. جنھن جي نتيجي ۾ نئين نسل جو ذھن تمام آسودو ۽ يا وري شاھوڪار بنجي ويندو آھي. نئين نسل جي اھم ۽ فيصلاڪن جاءِ ان جو ڪنھن اسڪول درسگاهه ۽ مڪتب ۾ ويھڻ ھوندو آھي. اتي ويھڻ کان پوءِ ھن جي حياتيءَ جي ھڪ اھم دور جي شروعات ٿيندي آھي. جتان جو ماحول، استادن جو رويو، مڪتب جا ٻيا ٻار ۽ تدريس وارو عمل، مطلب ته ھن لئه سڀ ڪجھ نئون ھوندو آھي. ھن لئه اھا ھڪ عجيب ۽ پُراسرار جاءِ ھوندي آھي. ڪتاب، ٿيلھو، پينسل، ويھڻ واري ڪرسي يا بينچ ڄڻ ان جا روز جا ساٿي بنجي ويندا آھن. ان کان سواءِ استاد، خاص طور تي ھن جي نظرن جو مرڪز بنيل ھوندو آھي. ڇو ته ھو ان کي پڙھائيندو ۽ سيکاريندو رھندو آھي. حقيقت ۾ استاد جو نئين نسل جي بھتر ترتيب ۾ وڏو ھٿ ھوندو آھي. اھا استاد جي ئي حڪمت عملي ھوندي آھي. جو ھو ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي شاگردن کي تدريس وارو عمل چڱي طرح ڪرائي سگھندو آھي. ڇاڪاڻ ته ھر ٻار جي ذھني سطح جدا جدا ھوندي آھي، پر استاد ۾ اھا سگھ ۽ صلاحيت ھوندي آھي، ته ھو ھر ھڪ شاگرد جي ذھني سطح پروڙي، ان کي سيکاري سگھي. شروعاتي وقت ۾ جيڪو ٻار کي پڙھايو، لکايو ۽ سمجھايو ويندو آھي، ان کي ھو ڪافي وقت تائين چڱي طرح پرجھي ناھي سگھندو، پر تدريس واري عمل کي روز دھرائڻ ڪري آھستي آھستي کيس ڪجھ نه ڪجھ سمجھ ۾ ايندو رھندو آھي. ان وقت ان جي ذھني قوت ايڏي وڏي جوان نه ھوندي آھي، جو ھو ان شين کي مڪمل طور تي سمجھي سگھي، پر جئين جيئن سندس عمر وڌندي رھندي آھي، تيئن تيئن سندس سمجھ واري سطح ۾ واڌارو ايندو رھندو آھي. پوءِ جڏھن ھو عمر جي ان ڏاڪي تي رسندو آھي، جنھن کي ذھني بلوغت وارو دور سڏجي ٿو. ته پوءِ کيس جيڪو به سمجھائبو آھي، ان کي ھو بھتر انداز سان سمجھي سگھڻ جي قابل بنجي ويندو آھي. ڪنھن اسڪول، مڪتب، درسگاهه جي تدريس وارو سڄو معاملو نصاب تي مشتمل ھوندو آھي. ان جي ئي آڌار تي شاگرد جي لکائي پڙھائي وارو سلسلو ھلندو رھندو آھي. شاگرد کي اھي ئي شيون سمجھايون ۽ پڙھايون وينديون آھن. جيڪي نصابي ڪتابن ۾ درج ٿيل ھونديون آھن. انھن مان ئي انھن جون ٽيسٽيون ۽ امتحان ورتا ويندا آھن. تعليمي سرشتي اندر نصاب جي وڏي افاديت آھي. جھڙي قسم جو نصاف ھوندو، شاگرد به اھڙي ئي قسم جو تيار ٿيندو. ڇاڪاڻ ته نصاب شاگرد جي ڪچي ذھن تي سڌو لاڳو ٿيندو آھي ۽ ان جو اثر به ھو سڌو کڻندو آھي.

دنيا جي ھر اسڪول، يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ پنھنجي پنھنجي قسم ۽ نموني جو نصاب ھوندو آھي. اھڙي طرح اھو نصاب واسطيدارن تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪيو ويندو آھي. دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليمي نصاب کي ڇڏي، اسان خاص طور تي سنڌي نصاب جو ٿورو جائزو لھنداسين، جنهن ۾ ڪافي جھول نظر ايندا. سڀ کان اول اسين سنڌي ٻاراڻي ڪتاب تي سرسي نگاهه رکنداسين، ته ان ۾ به غلطيون پسي سگھبيون. جڏھن ابتدائي ڪتابن ۾ ئي جھول ھجن، ته پوءِ پڙھندڙ پاڻ ئي فيصلو ڪن ته مٿين ڪتابن جو ڪھڙو حشر ھوندو. ٻاراڻي ڪتاب جي رڳو سنڌي الفابيٽ کي ڏسجي، مثال؛ تصويري الفابيٽ جو (گ) وارو اچار ٻارن کي گاف_گڏهه ڪري پڙھايو ويندو آھي. لفظ گڏهه اڻ وڻندڙ آھي. (خ) وارو اچار ٻارن کي خي_خچر ڪري پڙھايو ويندو آھي. جيڪو به اڻ وڻندڙ آھي. (ڪ) وارو اچار به ٻارن کي ڪاف_ڪتو ڪري پڙھايو ويندو آھي. اهو به اڻ وڻندڙ آھي. اھڙي طرح وري (ج) وارو اچار جيم_جتي ڪري پڙھايو ويندو آھي. اھڙي قسم جا الاھي اچار تصويرن سميت الفابيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آھن. جيڪي نه هئڻ گهرجن. ساڳئي ئي ڪتاب جي سبقن جو جائزو لھبو، ته انھن ۾ پڻ پڙھندڙن کي غلطيون محسوس ٿينديون. سنڌي ٻولي تمام شاھوڪار ٻولي آھي. انھن اچارن جا ڪيئي متبادل اچار سنڌي ٻولي ۾ ملي ويندا. جيڪي انھن اڻ وڻندڙ اچارن جي جاءِ تي شامل ڪري سگھجن ٿا. پر اسان جا تعليمي ادارا الائي ڪھڙي سبب ان ڪم کان قاصر لڳا پيا آھن. ھتي جيڪڏھن اسين پرائمري نصاب جي سڀني درسي ڪتابن جي خامين جو ذڪر ڪنداسين، ته وڏي ڊيگھ ٿي ويندي. حقيقت ۾ پرائمري تعليم نئين نسل جي لئه وڏي اھم آھي. تعليمي نظام جي اندر پرائمري تعليم، ريڙهه جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي. ان ئي تعليم جي آڌار ٻار جو بنياد ٺھندو آھي. جيڪڏھن اھائي ٺيڪ نه ھجي، ته پوءِ مٿين ڪلاسن ۾ پهچڻ ان ٻار لئه ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ ڄڻ ته ھو مشڪلات جي ڌٻڻ ۾ ويندو ڦاسندو، جتان ان جو نڪرڻ محال ٿي پوندو.

ھاير اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب جا به حال، اسان سڀني جي اکين اڳيان آھن. اڄ ڪلھ اھو بحث ھلي رھيو آھي، ته پاڻ واري ملڪ جو سمورو تعليمي نصاب ساڙ، تعصب ۽ ڪوڙ تي مبني آھي. ان معاملي تي سينيٽ ۾ به پڻ وڏيون ۽ گرما گرم تقريرون ۽ بحث ھلي رھيا آھن. جن تحت اھا گھر ڪئي پئي وڃي، ته نصاب ۾ تبديلي آندي وڃي. پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته، اھا تبديلي ڪير آڻيندو ۽ ڪڏھن ايندي؟ پر جيڪڏھن نصاب ۾ تبديلي اچي به وڃي ته پوءِ جيڪو تعصب ۽ ساڙ وارو نصاب اسان جي نئين نسل کي ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پڙھايو ۽ لکايو ويو. جنھن جي نتيجي ۾ ان جو ذھني، عقلي، شعوري ۽ فڪري تباھي ٿي، ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ ان ايڏي وڏي نسلن جي مھا ھاڃي جو حساب ڪتاب ڪنھن کان ۽ ڪئين وٺجي؟ اھي اھڙي قسم جا سوال آھن، جن جا جواب اھو نسل طلبي رھيو آھي، جنھن کي اھڙي قسم جو نام نھاد نصاب پڙھائي انھن جي ذھنن جو نقصان ڪيو ويو. وطن ۽ قوم جي حقيقي ھيرن کي غدار چيو وڃي پيو. ڦورو، لٽيرن، سفاڪن ۽ قاتلن کي عوام دوست چيو وڃي ٿو. مذھب جي آڙ وٺي بي گناهه انسانن جي رت سان راند ڪندڙن کي نصاب ۾ انسان دوست ڪوٺيو وڃي پيو. نصابي ڪتابن ۾ ڏسيل تاريخ سنڌ جي تھذيب، تاريخ ۽ ثقافت سان بلڪل ٺھڪندڙ نه آھي. جن اسان جي ديس مٿان ناجائز ڪاھون، ڦريون ڪري معصوم ٻارن، عورتن، ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ سان ڪٺو. جن سنڌ جون سوين لائبرريون ۽ علمي درسگاهه ساڙيا، اھي اسان جا قومي ھيرا لڳا پيا آھن.

ڪوڙ ٻيو تاريخ ڇا لکندي اڃان.

رھزنن جا معتبر نالا ٿيا. (ايوب کوسو)

جيڪر نئين نسل جي نصاب سان ان قسم جي ھٿ چراند ڪئي ويندي، ته پوءِ ان جو جيڪو نتيجو نڪتو آھي. ان جي به سڀ ڪنھن کي خبر آھي. نسلن جي پالنا ائين ناھي ٿيندي. سماج ائين بھتر ناھن ٿيندا. اھڙي روش سان اسان پنھنجي نئين نسل کي پنھنجي ئي ھٿن سان آڙاهه ۾ اڇلي رھيا آھيون. اسين سمجھون ٿا ته ڄاڻي واڻي اھڙي ماحول کي ھٿ سان جوڙيو وڃي پيو. ڪوڙو ۽ تعصبي نصاب جوڙي نئين نسل کي جاھل رکڻ جي ايامن کان وٺي ڪوشش جاري آھي. نئين نسل کي ھڪ ايجنڊا تحت حقيقي تاريخ ۽ ڄاڻ کان پري رکيو پيو وڃي. وقت جي حڪمرانن جي ھر دور ۾ اھائي ڪرت رھي آھي، ته سماج جي نئين نسل کي ڄٽ ۽ جاھل رکجي. ڇاڪاڻ ته انھن کي نئين نسل کا خوف آھي. جيڪڏھن نئون نسل حقيقي تعليم پرائي ويو، ته پوءِ ان رھزن ۽ ڦورو طبقي جا ھٿ سان جوڙيل عوام دشمن ڪارا قانون ھڪ ڏينھن به ھلي نه سگھندا. اھو نئون نسل ئي آھي، جيڪو سماجن کي درست دڳن تي پنڌ ڪرائڻ جي سگھ رکي ٿو. ھو شعور ۽ سمجھ يافته ھوندو ته غلط ۽ صحيح ۾ پرک ڪري سگھندو. پوءِ ان کي بيوقوف بنائڻ تمام اوکو ھوندو. تنھن ڪري ھڪ گھري سازش سٽي، نئين نسل کان نج سچايون لڪايون ويون آھن. ڪوڙي تاريخ، ڪوڙو نصاب پڙھائي، انھن کي ڪاپي تي ھيرائي، انھن جي مٿان صدين تائين حڪومت ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. تنھن ڪري ان ڳالھ جي سخت ضرورت آھي، ته ان نازڪ مسئلي تي اھل دانش، اھل ڏاھپ، اھل ساڃاهه ۽ اھل شعور ڌريون متحد ٿي، سرڪار تي سخت دٻاءُ وجھن، ته ان کان مدي خارج، دقيانوسي ۽ تعصب وارو نصاب تبديل ڪرائن، ۽ ان جي جاءِ تي سچو، نج حقيقتن ۽ موسيقي ۽ مصوري تي مشتمل صحتمند، ۽ ھر تعصب، ساڙ ۽ ڪوڙ کان آجو نصاب منظور ڪرائي، تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪيو وڃي. ان کان سواءِ نصاب تيار ڪندڙ ادارن ۾ ويٺل ڪٽر، تعصب پرستن فردن کي نيڪالي ڏئي، ان جي جاءِ تي اھل روشن خيال نوجوانن کي ڀرتي ڪري، انھن کان بھتر خدمتون ورتيون وڃن. نصاب تيار ڪرڻ کان پوءِ حقيقي تعليمي ماھرن کان ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي وڃي. نصابي ڪتابن ۾ قوم ۽ وطن جي حقيقي اڳواڻن جا سبق شامل ڪيا وڃن، ته جئين ايندڙ نئون نسل انھن جي سچي پچي جدوجھد ۽ قوم جي لئه کنيل انھن جي بھتر قدمن کان واقف ٿئي. سچ پچ جيڪڏھن ائين ٿي وڃي، ته اسان جو نئون نسل تمام ذھين ۽ سمجھو ٿي ويندو، ان طرح ھڪ باوقار معاشرو قائم ٿي سگھندو، جيڪو انتھائي پسندي ۽ تعصب کان آجو ھوندو. اهڙي طرح اسان جو ڳاٽ دنيا جي ٻين قومن ۾ ھماليه وانگي مضبوط ۽ اوچو رھندو.

ڇڏ تون ويھڻ کي، ٿورو آھي پنڌ،

اوچو رھندو ڪنڌ، دنيا جي ديسن ۾. (عرفان منان)

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *