تازيون خبرون

سنڌ ۾ سوا نيزي سج ۽ نرگسيت ۾ ورتل حڪمران!؛شوڪت لوهار

هِن وقت جنهن سج سوا نيزي تي لهي آيو آهي ۽ سنڌ توڙي پوري ملڪ ۾ قيامت خيز گرمي اهي. گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين سڀني علائقن ۾ تقريباً ڇهه سؤ کان مٿي ماڻهو گرمي جي باهه ۾ مري ويا آهن.

هِن وقت سورج ديوتا ڌرتي ماتا کي ٽامڻي بڻائي ڇڏيو آهي، هرطرف آهه و پڪار جاري آهي، پر اِهو سڀ ڪجهه هوندي به حڪمرانن جون ڳالهيون ائين آهن ڄڻ هي ڪو سوئيٽزرلينڊ هجي يا ڪو اهڙو خطو هجي جتي ماڻهن جون سڀ ضرورتون پوريون ٿي چڪيون هجن، رڳو ان لاءِ جهيڙو هجي ته عوام کي حڪومت طرفان ڏنل تحفي طور ڪو پيزا يا برگر دير سان ڇو مليو؟ عوام جي اهنجن، ڏکن ۽ ڏولاون کان اڻ واقف هي حڪمران سياست جي شطرنج کيڏي غريب ماڻهن کي ڏٽن جا خالي لالي پاپ ڏئي نعرن جي پاپڙن تي جهڪائي پٺي ۾ اهڙو ته ڇرو هڻن ٿا جو خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن هڪ حڪومت اڳئين حڪومت کان وڌيڪ عذاب ڏيندڙ ملي ٿي ۽ وڌيڪ تڪليفن ۾ مبتلا ڪندڙ ثابت ٿئي ٿي. گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ چار سؤ کان مٿي ماڻهو گرمي وگهي مئا آهن. جناح اسپتال، عباسي شهيد اسپتال ۽ شهر جي ٻيون ننڍيون وڏيون اسپتالون گرمي جي ڪري مئل ماڻهن جي لاشن سان سٿجي ويون آهن، ان کان علاوه ايڌي ۽ ٻين رضاڪار تنظيمن جا سرد خانا به لاشن سان سٿيا پيا آهن.

اِها گرمي جي لهر اڃا وڌيڪ جاري رهڻ جون اڳ ڪٿيون ٿيون آهن. ڪراچي جو هي اجگر شهر جيڪو وڏن وڏن خيابن ۽ محلاتن کان وٺي تنگ ۽ سوڙهين گهرن تائين ڦهليل آهي ۽ اُتي پُرآسائش گهرن کان ويندي پُرعذاب ماچس جي دٻين جيترن گهرن تي مشتمل آهي، جتي نازڪ ”ڪامورن“ کي ٿورو اُس لڳندي آهي ته کين طبيعت خراب ٿي پوندي آهي، اُتي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن تائين زندگي جي ساز ۾ هِڪ عجيب سُر ڀريل آهن.

هِن وقت جيڪي ماڻهو ڪراچي ۽ ان جي آسپاس گرمي وگهي مئا آهن، ان جو ڪارڻ اِهو ٻڌايو وڃي ٿو ته سمنڊ ڪناري اڏيل هن اجگر شهر ۾ هر وقت گهم رهندي آهي، پر جيئن پارو چڙهڻ شروع ٿيندو آهي ته ان گهميل هوا ۾ يڪدم آڪسيجن گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ماڻهو جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي. نتيجي ۾ سوڙهن گهرن ۾ رهندڙ بي پهچ ۽ بيوس عوام موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.

ڪراچي ۾ مرندڙ ماڻهو ساهه ٻوساٽجڻ ۽ جسم ۾ پاڻياٺ جي گهٽتائي سبب مئا آهن. ماڻهو کي جيئن جيئن پگهر وڌيڪ ايندو آهي، تيئن جسم مان لوڻياٺ گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي. تمام گهڻي خشڪي محسوس ٿيندي آهي، نتيجي ۾ ماڻهو بيهوش ٿئي ٿو ۽ ان جو فوري طور علاج لوڻ ۽ کنڊ مليل جهارو پاڻي آهي، جي ملي وڃي ته گهڻي ڀاڱي انساني جانيون بچي سگهن ٿيون، پر ڇا ڪجي جتي موسم اسان جي حق ۾ ناهي اُتي اسان جي تعليمي نصاب ۾ هي معمولي ترڪيب واريون شيون ٺاهڻ متعلق به ڪو سبق شامل نه آهي، رُڳو غزنوي جي حملن جو ذڪر آهي، رڳو مغلن جي ٽوپين تي زور آهي. مغلن وٽ ته ان وقت خبر ناهي گرمي هئي يا جيڪڏهن اهڙي گرمي هجين ها ته هو پاڻ او آر ايس کنڊ ۽ لوڻ مليل پاڻي تيار ڪرائڻ جا نسخا هر چوڪ تي ڪنهن دهلاري کان پيا رعايا کي ٻڌائين ها.

اسان وٽ مصيبتون ڀلي قدرتي هجن يا هٿرادو پر اسان جي تياري انهن جي مقابلي ۾ اهڙي رهي آهي، جيئن ٿُڪ لائي ماڪوڙي چنبڙائڻ.

آفتن ۽ مصيبتن جي وقت جڏهن اڏوهي کاڌل بنيادي ڍانچو هِڪ ئي ڌڪ سان تباهه ٿي ويندو ۽ ماڻهو گهڻي ڀاڱي موت جي منهن ۾ هليا ويندا تڏهن وڃي ڪي ڪامورا ٽوپيون پائي اچي فوٽو ڪڍرائين ۽ تمام گهڻو سنجيده موڊ ۾ ميڊيا جي مائيڪ تي برجمان ٿيندا.سنڌ ۾ 210 واري ٻوڏ هجي يا ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ آيل طوفان کانپوءِ لاپتا ٿيل اٻوجهه عوام هر دفعي گڙنگ وڏيرا ۽ ڪرپٽ ڪامورا ئي کٽي ٿا وڃن، اسين ته هر دفعي هارايو ئي آهي. لعل شهباز قلندر جي هيلوڪي ميلي تي 20 کن جانيون ضايع ٿيڻ جي المناڪ موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته گذريل سال هِڪ سؤ کان مٿي ماڻهو ٻوساٽجي مئا هئا، جڏهن ته هن واري رڳو 20 معنيٰ ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي نه! بلڪل سائين ڪارڪردگي بهتر آهي.سنڌ جي باقي حصن ۾ ڪراچي کان به بدتر صورتحال آهي جو اتان جو بنيادي ڍانچو ئي بگاڙيو ويو آهي. سنڌ جو هر ضلعو ۽ تعلقو ڄڻ هِڪ ننڍڙي رياست هجي اُتي جي ماڻهن جي، زندگي جو فيصلو اتان جو چونڊيل يا اڻ چونڊيل وڏيرو ڀوتار ئي ڪري ٿو. اوهان نظر ڊوڙائي ڏسو ڪراچي ۾ ”نامعلوم“ ماڻهن جي هٿان ٿيندڙ بي گناهه ماڻهن جو قتلام هجي، حيدرآباد ۾ گڏيل ڪاروبار ان کان علاوه قمبر- شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، خيرپور، ٿرپارڪر هر هڪ علائقو اوهان کي هِڪ ننڍڙي رياست ئي لڳندو، جتي اسڪول، اسپتال، ٿاڻو ظاهر ۾ ته سرڪاري عملداري هيٺ هجي ٿو، پر حقيقت ۾ اُتي راڄ صرف انهي وڏيري ڀوتار جو ئي هوندو آهي، جيڪو ان زمين مان نڪرندڙ سنگ کان وٺي معدني خزانن تائين هر اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ هوندو آهي. اها ئي وجه آهي جو اڄ تائين ملڪ ۾ ڀل ڪهڙيون به کير جون نديون وهي هلن پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻ وستين ۾ رهندڙ اٻوجهه عوام جي زندگين ۾ هميشه بکن، ڏکن ۽ اهنجن جون آريون پيون هلنديون آهن، اِهو نه ختم ٿيندڙ سلسلو آهي، جيڪو سردار، سردار زاهد، نواب ۽ نواب زادن تائين جاري و ساري آهي. سنڌ ۾ رڪ جيان مضبوط گاڏيون جن جي مستد تي ويٺل پيرن ميرن هميشه ماڻهن جي راءِ جي ابتڙ ئي فيصلا پئي ڏنا آهن.ڪو وقت هو جڏهن جون جولاءِ جي لُڪ ۽ گرمي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي وڻن جي گهاٽي ڇانوَ ۽ ڏڌ جو هڪ وٽو انهي گرميءَ جو ٽوڙ هوندا هئا، پر ڪنهن ڏند ڪٿا جيان سنڌ جون ٻهراڙيون ختم ڪيون ويون،

ماڪڙ جيان هِڪ عجيب مخلوق کي سنڌ جي ٻهراڙين جي سونهن بڻيل نم پپر ٽالهي جي وڻن جي واڍي جي اهڙي ته ڇوٽ ڏني وئي جو هِن وقت ساهه سڪي ٿو ته انهن وڻن جي ڇانوَ لاءِ جيڪي گرمي کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪري ماڻهو کي ٿڌاڻ پهچائيندا هئا.

سنڌ ۾ ٿيندڙ وڻن جي واڍي جو ڪنهن به نوٽيس ڪونه ورتو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي جسم تان وڻ ائين غائب ٿي ويا، جيئن ڪنهن مور پکي جا کنڀ پٽي ڇڏيا هجن. مسلسل برساتن جو نه پوڻ به وڻن جي عدم موجودگي جي ڪري ئي آهي.

هن وقت جڏهن جون جي سخت گرمي آهي ۽ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو هلي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڏٺائي وزيرن جڏهن عوام کي سنجيده ٿي واعدا ڪيا ته رمضان شريف ۾ بجلي ڪو نه بند ڪئي ويندي. ٻيو نه ته روزي رکڻ ۽ کولڻ وقت بجلي بند نه ڪئي ويندي، پر جيئن ته اِهي بيان رڳو ڏنل بيانن ئي آهن، اهي بيان ڪنهن ڦوڪڻي ۾ ڦوڪيل هوا کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هئا، وزير موصوف ته ٿڌن ڪمرن ۾ وڃي سمهي رهيا پر گذريل ٽن چئن ڏينهن کان وٺي جيئن ئي روزا شروع ٿيا آهن، تڏهن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊول ٻيڻو ٿي ويو آهي. هِن ڇتي گرمي ۾ جيڪڏهن 24 ڪلاڪن مان سورنهن کان ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند هجي ۽ ماڻهو 12-12 جي هڪ فليٽي ڪمري ۾ رهندو هجي ته پوءِ هن گرمي وگهي مرندو يا ڪونه. هي جيڪي ماڻهو گرمي وگهي مئا آهن، اهي سڀ نه ته ڀي اڌ کان مٿي ماڻهو لوڊشيڊنگ جي ڪري مئا آهن ۽ اِهو هڪ سوچيل سمجهيل قتلام آهي. هنن ڄاڻي واڻي سنڌ واسين جي زندگين کي گئس چمبر بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ ننڍڙي ٻار کي موتمار سردي ۾ گهر کان ٻاهر ڇڏي ڏجي، جڏهن اِهو معصوم مري وڃي ته پوءِ چئجي ته سردي سبب مئو آهي ته اهو دليل صحيح نه آهي. ان کي سردي نه بلڪه اوهان جي غفلت ماريو آهي.

ان ڪري هن مرتيي جا قاتل ڪي اليڪٽرڪ ۽ ان کانپوءِ بجلي ۽ پاڻي جا کاتا آهن. حالت آهي ڪراچي ۾ مسلسل پاڻي بند آهي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو مرندا نه ته پوءِ جيئندا. هِن وقت سڄي سنڌ لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهي آهي، پر جڏهن کان وٺي پاڻي ۽ بجلي جو مملڪتي وزير عابد شير علي حيدرآباد جو هنگامي دورو ڪري ويو ۽ هڪ گڏهه جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيو ته هن ايڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جو حيدرآباد جا بجلي سان لاڳاپيل ڪامورا وزير صاحب جي زور تي اهڙا شينهن ٿي ويا آهن. وزير جي وڃڻ کانپوءِ حيدرآباد مسلسل اونداهي ۾ ٻڏل رهيو آهي. جيتوڻيڪ سڄي سنڌ سميت حيدرآباد ۾ پڻ بجلي جي اڻ اعلانيل بندش خلاف مظاهرا ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، پر حڪومتي ڪارندن کي ماڻهن جي حالت زار تي ڪوبه رحم ڪونه اچي سگهيو آهي. ڏينهون ڏينهن بجلي جي شارٽ فال کي وڌائي ماڻهن جي زندگين مان جان ڪڍي وڃي ٿي، پر ڪير پڇڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪونه. هي ميٽرو ۽ موٽروي پاڪ- چين راهداري اِهو سڀ سون پر جيڪڏهن ملڪ جو اولين مسئلو بجلي حل نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ پورو ملڪ هڪ خطرناڪ توانائي بحران ۾ مبتلا ٿي ويندو.

ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر انهي سان گڏ ملڪ هِن وقت توانائي جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان طرف به ٿورو ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان کان ٻيڻ تي ايٽمي صلاحيت رکندڙ اتر ڪوريا هِڪ ننڍڙو ملڪ آهي، پر اُتي جي ٻين شعبن ۾ صفا اونداهي لڳي پئي آهي ۽ سندس ئي هِڪ حِصو ڏکڻ ڪوريا هن وقت جديد ٽيڪنالاجي ۾ اهم نالو آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان کي فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪري هي ههڙا گرم ۽ موتمار ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. هر مهيني نه سهي هر سال ئي اگر هِڪ ٻوٽو پوکيون ته ماحول وڻندڙ بڻجي پوي. ان کان علاوه ملڪ جي ٿنڪ ٽئنڪن کي سڀ ڪم ڇڏي ملڪ جي اهم مسئلي بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي نه ته سورج ديوتا هر سال اسان کان ائين ئي گرمي جي نالي ۾ سوين ماڻهن جي بلي وٺندو رهندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *