تازيون خبرون

سنڌ ڪنهن سان به ڪرپشن ۾ ڀائيوار ناهي : نسيم بخاري

ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون پيپلز پارٽي کي پَٽ سان لڳائي ڇڏيو آهي. آصف زرداريءَ جي ويجهي ساٿي ۽ متحده جي منظورِ نظر ڊاڪٽر عاصم ڇا گرفتار ٿيو آهي، پيپلز پارٽي ۾ ٽاٻڙڪو مچي ويو آهي. متحده به مٿي تي هٿ ڏئي ويسوري ۾ وٺجي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي تي الزام هڻي رهي آهي ته سنڌ حڪومت عاصم کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو آهي. عاصم جي گرفتاري ۽ چالان کانپوءِ آصف زرداريءَ جي امڪاني گرفتاري يا ان خلاف امڪاني ڪارروائي کي اِک ۾ رکندي پيپلز پارٽي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري ۾ هٿ وڌو ويو يا ان جي خلاف ڪا ڪارروائي ٿي ته سنڌ جنگ جو ميدان بڻجي ويندي.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اها پيپلز پارٽي جيڪا جيلن، ڪوڙن، ڦاسين ۽ سزائن، گرفتارين ۽ قربانين تي سدائين ناز ڪندي آئي آهي ۽ جنهن جو پاڪستان جي جمهوري هلچل ۾ هڪڙو تاريخي ڪردار رهندو آيو آهي، جنهن پنهنجي پوري قيادت، ڀٽو خاندان جي صورت ۾ قربان ڪئي آهي، اڄ انهيءَ پارٽي کي وقت ۽ حالتن جي رجحان ۽ روين ايترو ته تبديل ڪري ڇڏي آهي، جو ان جا مزاج بدلجي ويا آهن. رنگ، ڍنگ ۽ رويو ئي مختلف ٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه انتهائي بي وسيءَ جون دانهون ڪندي پاڻ کي لاچار محسوس ڪرائي رهيو آهي. هن جي دڙڪن، ڌمڪين ۽ احتجاج ۾ به هڪ طرح سان ميڙمنٿ، ايلاز ۽ عرض وارو احساس سمايل آهي، جيڪو واضح لفظن ۾ هڪڙو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي ته خدا جي واسطي قيادت ۾ هٿ نه وجهجو. اِها ڳالهه به حيرانگيءَ کان خالي ناهي ته ٻن ٽن ڏينهن گذرڻ باوجود قائم علي شاهه يا خورشيد شاهه توڙي پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن پاران ڪرپشن خلاف هلندڙ ڪريڪ ڊائون جي ردعمل ۾ آيل بيانن تي ادي ۽ اديءَ پاران توڙي بلاول ڀُٽي طرفان ڪوبه تبصرو ڪابه ترديد ۽ ڪابه وضاحت يا حمايت منظرعام تي ناهي آئي، جنهن مان اهو تاثر شڪ کان وڌيڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي ته پ پ جي مرڪزي قيادت جي دفاع ۾ آيل بيان سندن ئي آشيرواد سان آڏو آيا آهن.

پيپلز پارٽي ۾ ڪرپشن خلاف ٿيندڙ ڪارروايون ڪيترن ئي بحث مباحثن کي جنم ڏئي ويون آهن، ٻه ڏينهن اڳ اعتزاز احسن جو جيڪو بيان آڏو آيو آهي، سو به ڪيترائي سوال پيدا ڪري ويو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته، سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه بي وسيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي يا ته هو پنهنجو پاڻ کي ايترو مضبوط بڻائي، جو هن جا ماتحت سندس حڪمن کي اهميت ڏين. جي هو پاڻڀرو نٿو ٿئي ته پوءِ مايوسي ۽ اداسي وارا احوال به ميڊيا کي نه ٻڌائي، قائم علي شاهه رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي، وڏي وزير جون بي وسي واريون ڳالهيون سٺيون نه ٿيون لڳن، هو صوبي جو سربراهه آهي ۽ پنهنجي عمل سان صوبي جي سربراهي ثابت به ڪري.

هڪ وڏو وزير جڏهن پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندو ته ان جي ماتحت ماڻهو يا ادارا ان کي ڪهڙو مانُ ڏيندا؟ بهتر اهو ناهي ته اهڙو ماڻهو پاسو وٺي ويهي. اعتزاز احسن جون مٿيون ڳالهيون جيتريون وزنائتيون آهن، اوترو ئي دليل سان ماڻهو ان خيال کي درست به سمجهن ٿا، پر سوال اهو آهي ته جن اهڙي وزيراعليٰ کي اعليٰ منصب تي ويهاريو آهي، ڇا انهن کي پنهنجي ماڻهوءَ جي ساک پت جو سُڌ سماع نه هوندو؟ سائين قائم علي شاهه چوٿون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهي، ظاهر آهي پنهنجي اعليٰ قيادت وٽ هن جي ڪا ته ڪارڪردگي هوندي، جيڪا سندس چونڊ ۾ مددگار ثابت ٿي هوندي. پاڻ ڪنهن جي دفاع يا مخالفت ۾ بحث نه ٿا ڪريون، پر ايترو ضرور سوال ڪري سگهجي ٿو ته هڪ اهڙي دؤر ۾ جڏهن سنڌ حڪومت خود پاڻ اينٽي ڪرپشن جي مدد سان ادارن جا لاهه ڪڍندڙن ۽ اربين رپين کي هضم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻي آهي ته پوءِ هو اهڙي ئي جذبي ۽ نيت سان وفاقي ادارن جي ڪارروائي تي ڇو گهٻرائجي وئي آهي؟ ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن ٻنهي حوالن سان وفاق ۽ صوبن ۾ هڪٻئي سان ڀرپور سهڪار ۽ ساٿ هئڻ گهرجي. اُهي هڪٻئي جي ڪم ڪار ۾ مددگار ثابت ٿين، پر ڇا سبب آهي جو ٻئي ڌريون هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ اڳريون نظر اچي رهيون آهن. ڇا سبب آهي جو ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون انائن جي ور چڙهي ويو آهي؟

ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ جيڪا بي چيني پيدا ڪئي آهي يا ان حوالي سان ٻنهي ڌرين ۾ جيڪي شڪ پيدا ٿيا آهن، اُهي وڌي وڻ ٿي اختلافن کي ڪهڙي علامت آڇيندا؟ ڪو پتو ناهي پر ٻنهي ڌرين ۾ متحده جي الزام سان هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال ضرور جنم ورتو آهي. ڊاڪٽر عاصم، هن جا مٽ مائٽ همدرد ۽ يار دوست متحده جي ان تهمت جو ڪيترو ٿا اثر قبول ڪن، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاران پيپلز پارٽي لاءِ چيو ويو آهي ته ان پاڻ کي بچائڻ لاءِ کيس ڦاسايو آهي، ان بابت پاڻ ڪجهه به نه ٿا چئون، پر جيڪا ڳالهه وڏي ويساهه سان چئي ۽ ڪري سگهجي ٿي سا اِها آهي ته متحده وڏي چالاڪيءَ سان ڊاڪٽر عاصم ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت وچ ۾ اختلافن پيدا ڪرڻ جي هڪ شعوري ڪوشش ڪئي آهي. متحده ان عمل سان ڊاڪٽر عاصم ۽ ان جي گهر ڀاتين جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. ائين کڻي چئجي ته متحده هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري ڇڏيا آهن. متحده جو مستقبل خود ڪرپشن ۽ ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي حوالي سان داءَ تي لڳل آهي، پر اُها ان خيال تي عمل ڪري رهي آهي ته پاڻ ته ٻڏبو ئي ٻڏبو پر ٻئي کي به ٻوڙي ڇڏبو.

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪٻئي جي هميشه ضرورت رهيون آهن. جيتري هنن جي پاڻ ۾ مفاهمت رهندي آئي آهي، اوترا ئي هنن جا مزاج بدليل آهن. انهن ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه هڪجهڙي آهي، ڪرپشن ۾ ٻنهي جيڪا تاريخ رقم ڪئي آهي سا جڏهن جڳ جهان ٻڌي آهي ته خلق کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. ماڻهن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ايڏي وڏي سطح تي بدعنواني جا باب رقم ٿيندا. ائين ناهي ته فقط اِهي ٻه پارٽيون ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ باقي ٻيون کير سان ڌوتل آهن. حقيقت اها آهي ته جنهن جو جيترو وس هليو آهي، ان اوتري ڪرپشن ڪئي آهي. هر ڪنهن جا پنهنجي حيثيت ۽ طاقت آهر هٿ ٻڏل آهن. هاڻ جڏهن سڀني جا مهانڊا بي نقاب ٿيڻ لڳا آهن ته سڀ ڪنهن کي پنهنجي ڳڻتي ورايو آهي، هنن ڪڏهن اِهو سوچيو به نه هو ته کين ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پوندا.

اسان وٽ ڪرپشن خلاف وٺ پڪڙ هميشه کان هڪ خواب رهي آهي. ايترو ضرور آهي ته ايماندار ۽ فرض شناس ماڻهو وقت جي جبري وڄ هٿان جلندا آيا آهن. اهڙي ماحول ۽ سماج ۾ بدعنوانين، بي ايمانين ۽ بدمعاشين جا باب کلڻ واقعي به هڪ معجزو لڳي ٿو ۽ اهڙي معجزي جي سماج کي سخت ضرورت آهي. اڄ جيڪڏهن اها ڪارروائي پنهنجي پوري تسلسل سان ڪي صحتمند نتيجا ڏئي ٿي ته پڪ ڄاڻو اُها ڳالهه ڪا معمولي نه هوندي. اها هن سماج کي هڪڙو سڌو دڳُ مهيا ڪندي. اُها ان ڳالهه جو يقين ڪندي ته هِن سماج ۾ ادارن کي ڪيئن هلڻو آهي؟ اُها طئه ڪندي ته هن معاشري ۾ زماني سازي وارا معاملا ڪهڙي رُخ ۽ ڪهڙي طريقي سان هلڻ گهرجن؟ جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ان سان سماج ۾ صحتمند لاڙن جو رجحان وڌندو ۽ ان جي صورت سنوربي، پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي به اهڙو سپنو ساڀيان ٿيندو؟ ڇو ته اسان وٽ اهڙين ڪاررواين ذريعي پئسا ڪمائڻ وارو تصور هوندو آهي. ڏوهاري هر موڙ تي رشوت ڏئي پاڻ آجا ٿي ويندا آهن.

هاڻ به جيڪڏهن ائين ٿيو ته تمام گهڻي مايوسي پکڙبي ۽ مايوسي جو مطلب هڪ طرح سان موت تصور ڪيو ويندو آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ايمانداراڻه اُپاءَ اڄ جي اهم ضرورت آهن. ماڻهو پنهنجن ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ مختلف ڪارڊ استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ حڪمران پارٽي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي. اُها سنڌ، جنهن جي پيپلز پارٽي گذريل اٺن سالن کان ڀيل ڪئي آهي، تباهيءَ ۽ برباديءَ جا نِت نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار ۾ وقت سان گڏ لاٿ آئي آهي. ان جي معاشي حالت، اٿڻي ويهڻي، وڻج واپار وڌڻ بدران گهٽيو آهي. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪرپشن جي الزام ۾ ڪيڏي به وڏي مڇي ڇو نه گرفتار ٿئي، ان جي حق ۽ حمايت ۾ سنڌ ته پنهنجي جاءِ تي پر ان جي پنهنجي برادري ۽ علائقي جا ماڻهو به احتجاج نه ڪندا. ڇو ته وڏين مڇين پنهنجي اقتداري ڏينهن ۾ جڏهن عوام لاءِ ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته عوام ڪهڙي عقيدت واري جذبي هيٺ انهن جي بچاءَ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو ۽ اڳيان ايندو؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *