تازيون خبرون

سنڌ کي مڪاني چونڊون ڇا ڏئي سگهنديون…؟: علي نواز ٻٽ

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو خيرن سان گذري ويو، پهرئين مرحلي ۾ 31 آڪٽوبر تي درازا ۾ اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو. ان جو فائدو وٺي سنڌ جي حڪمران پارٽي انهن سمورن علائقن جي اليڪشن ملتوي ڪرائي ڇڏي جتي کين شڪست جو ڊپ هيو، ٻئي مرحلي ۾ به قاسم آباد ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي اڳواڻ ڊاڪٽر انور لغاريءَ جو قتل، سنڌ اندر صاف ۽ شفاف چونڊن واري دعويٰ تي آڱر کڻڻ تي مجبور ڪري ٿو.

جيئن قومي ۽ صوبائي اليڪشن وقت پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ تضاد ظاهر ڪيو ويو هيو، مڪاني نظام کي تبديل ڪري نئون مڪاني نظام آندو ويو هيو ۽ الطاف حسين کان ڌار صوبي جي ڳالهه ڪرائي وئي هئي. تيئن مڪاني چونڊن وقت وري فاروق ستار کان بيان ڏياريو ويو ته جيڪڏهن ساڻن ڪو مسئلو ڪيو ويو ته هو ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندا. هوڏانهن ”ن ليگ“ هڪ ته پنجاب ۾ هاري پيڪيج جو اعلان ڪيو، ٻيو وري ڪالاباڊ ڊيم جي اشو کي نئين سر جياريو ته جيئن پنجاب ۾ سندس پوزيشن بهتر ٿي سگهي. ڪالاباڊ ڊيم واري اشو ۽ مهاجرن _متحده قومي موومينٽ) پاران ڌار صوبي واري ڳالهه سان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ آڪسيجن ملي وئي.

ٻيو ته نئين مڪاني نظام ۾ يونين ڪائونسلن کي ننڍن ننڍن وارڊن ۾ ورهايو ويو ۽ ٽيون اهو ته يونين ڪائونسل تي اڌ اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ اڌ کي وري چونڊيل عهديدار ۽ ڪائونسلر پاڻ چونڊيندا، اهڙو نظام جوڙيو ويو آهي جو عام ماڻهو ڪائونسلر طور چونڊجي اهو ڏاڍو مشڪل آهي.

مڪاني ادارن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي عام خلق جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا، سو اهو ڏاڍو مشڪل ٿو لڳي، ڇوته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جهڙي ملڪ ۾ انهن جمهوري نظامن ۾ عوام غريب ماريو، مزدور ۽ مڊل ڪلاس جو ماڻهو رڳو ووٽ ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، اهو اليڪشن نه ٿو وڙهي سگهي. شهدادڪوٽ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو عوام جي سامهون آهي، جيڪڏهن اميدوار طاقتور نه آهي، هن جي اعليٰ سطح تي رسائي نه آهي ته ان جو جيئڻ ئي جنجال ڪيو ٿو وڃي، ڪوڙا ڪيس، جيل ۽ ٿاڻا، پوليس کان بچندو ته سياستدانن جي غنڊن کان نه بچندو، مار به کائيندو ۽ داد فرياد به نه ٿيندس.

چيو وڃي ٿو ته مڪاني چونڊون جمهوريت جي نرسري آهن، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سري ئي خراب هجي ته اتي ”صحت مند جمهوريت“ ڪيئن اُسري سگهندي؟ هتي اڃا تائين عوام بمقابله وڏيرا، سردار، جاگيردار، نواب، سرمائيدار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ايجنٽ ٿي ئي نه سگهيو آهي. ڪجهه ملان مولوي ميدان ۾ اچن ٿا ته انهن وٽ به پئسي ۽ اسلحي جا ذخيرا آهن. باقي وڏيرا به مقابلا وڏيرا ملان به مقابلا ملان، ٺيڪيدار به مقابلا ٺيڪيدار، ڌاڙيل به مقابلا ڌاڙيل آهن، انهن مان جن کي اسٽيبلشمينٽ جي ٽيڪ هوندي آهي اهي ڪامياب ٿيندا آهن. عوام جي زندگي گذارڻ جون جيڪي به شيون آهن اهي انهن جتي پتي سياستدانن جي قبضي ۾ آهن، مثال طور زمين وڏيري وٽ آهي، هاريءَ جي زندگيءَ جو دارومدار انهيءَ زمين کي کيڙڻ تي آهي. هو ووٽ نه ڏيندو ته زمين تان بي دخل ڪيو ويندو. ننڍي آبادگار جو دارومار زمين آباد ڪرڻ تي آهي، جيڪڏهن کيس پاڻي ملندو ته زمين آباد ڪندو، جي پاڻي نه ملندو ته زمين ڪيئن آباد ڪندو.؟ مورو شهر ۾ جتوئي صاحبن ۽ پير ڳوٺ واري پاسي ”ف“ ليگ جي متاثر ٿيڻ جو هڪ سبب ننڍن آبادگارن جو پاڻي بند ڪرڻ آهي، دِهن جون دِهون غير آباد پيون آهن ۽ ماڻهو مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪڏهن ڪجهه ٽارو ڪن ته سندن لاءِ بهتر ٿي سگهي ٿي.

پڙهيل لکيل ماڻهوءِ جو مسئلو نوڪري ڪرڻ آهي، سنڌ اندر هاڻ نوڪري ان کي ملندي جيڪو حڪمران ڌر جو طرفدار هوندو، ڪاروباري، واپاري ۽ عام خلق جو هڪ مسئلو امن امان جو آهي جيڪڏهن هو ڪنهن طاقتور ڌر سان نه آهي ته سندس لٽجڻ ڦرجڻ ۽ اغوا جا امڪان گهڻا هوندا آهن، اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن.

وڏن شهرن خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌين کي دهشت گردن جو ڊپ آهي، جڏهن ته پيپيلز پارٽي اڃا تائين عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي پر هڪ وڏي پارٽي جي ناتي، سنڌين جي گهڻائي نه چاهيندي به پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي ٿي. هاڻ 5 ڊسمبر تي مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو آهي، انهيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ چونڊ ڪرائي ويندي ۽ وڏا امڪان آهن ته نه چاهيندي به رياست جا مهندار متحده قومي مويومينٽ کي سوڀارو ڪرائيندا، جڏهن متحده قومي موومينٽ پنهنجن پرڪارن جي ڪري دهشتگرد تنظيم طور ظاهر ٿي پئي آهي ۽ اها نه رڳو سنڌين کي ڊيڄاريندي رهي آهي پر اها خود رياست کي به ڌمڪائيندي “Threat” ڪندي رهي آهي، هاڻ ته رياستي ادارن، کين را جو ايجنٽ طور ظاهر ڪيو آهي، پر سڀ ڪنهن ڏٺو ته انهن جون اسيمبلين مان استعيفائون منظور نه ڪيون ويون ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ معاهدو طئي ڪيو ويو. جنهن جي في الوقت ظاهري شڪل اها آهي ته متحده تي جيڪا سختي نظر پئي آئي اها هاڻ گهٽجي وئي آهي. متحده قومي موومينٽ لاءِ به اهو هڪ موقعو آهي ته اها هن عبوري دور کي خاموشيءَ سان عبور ڪري وٺي ۽ مهاجر آباديءَ کي عدم تحفظ جو احساس ڏياري پنهنجو بلدياتي هدف پورو ڪري سگهي ٿي.

مڪاني چونڊن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ به ڳجهه ڳوهه ۾ متحده سان معاهدو ڪيو آهي ته جيئن شهري علائقن ۾ اها پنهنجن مخالفن کي شڪست ڏئي سگهي، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن شهرن ۾ به متحده جا مبصر چونڊجي آيا آهن، متحده ڪجهه شهرن ۾ ٻين جماعتن ۽ شخصيتن سان به اندروني ٺاهه ڪيو آهي جنهن جو اظهار آيل نتيجن مان ڪڍي سگهجي ٿو. هتي پاڪستان ۾ سياست ڪمائيءَ جي سڀ کان وڏي انڊسٽري آهي، جنهن ۾ ڪيل سيڙپ، مان وڏي ڪمائي جي توقع رکي وڃي ٿي، مڪاني ادارن کي ڪمائيءَ جو ڪارخانو بڻايو ويو آهي، ان ڪري سيڙپڪار ئي انهيءَ تي ڪامياب ٿين ٿا. هي وڏا وڏا پينافليڪس اشتهار گاڏين جي ڀڄ ڀڄا ۽ کٽڻ کان پوءِ مڻن جي منهن مٺايون، سونا تاج اهي ڇا ٻڌائي رهيا آهن ته اليڪشن کٽنڊر عوام جي خدمت ڪندا؟ جي ايئن هجي ها ته سنڌ اندر ڪوبه رود ڀڳل نه هجي ها، سڀني لاءِ تعليم هڪ جهڙي هجي ها، ڊرينيج جو مسئلو نه هجي ها ۽ خلق خدا پاڻي پيئڻ لاءِ پريشان نه هجي ها. پر پئسا ڀوتار کڻي وڃن ٿا ۽ ڪجهه سفايو محترم بيروڪريٽ صاحبان ڪن ٿا، جيڪو آفيس يا ملازم ڪوڙو فائيل ٺاهي نٿو، ڄاڻي اهو هاڻ ملازمن ۾ نااهل آهي ۽ سدائين سائيڊ پوسٽ تي هوندو ۽ وتندو پگهار لاءِ ٻاٿون کائيندو! انهيءَ جا اثر ايڏا گهرا آهن جو مڊل ڪلاس يا هيٺئين ڪلاس مان قومي سياست توڻي انقلابي مارڪسي سياست مان 47 سالن ۾ 1968 کان 2015ع تائين جيڪي ورڪر سياسي طور مٿي اڀري آيا انهن جي گهڻائي اڄ وفاقي جماعتن ۾ شامل ٿي ڪمائي جي ڌنڌي ۾ لڳي وئي آهي. هي ڏٺو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو وفاقي جماعتن سان اهڙو نيٽ ورڪ جڙيل آهي جو انهن جي نيٽ ورڪ مان جيڪو به ڌار ٿيندو اهو سياسي ميدان ۾ اڳتي وڌي نه سگهندو، انهيءَ جا سنڌ اندر توڻي سنڌ کان ٻاهر ڪيئي مثال موجود آهن.

انهيءَ مٿين صورتحال ۾ هي بلدياتي ادارا سنڌي کي ڇا ڏئي سگهندا؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن کي ايندڙ وقت لاءِ ڇڏي ڏيون ٿا ته اهي سونا تاج پائيندڙ عوام کي ڪهڙا پٽڪا ٻڌائيندا.

رياست ايئن ڇوٿي ڪري؟ اهو هڪ اهم سوال آهي، هن رياست کي انهيءَ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن وڏن واپارين ۽ جاگيردارن کوکلو بڻايو آهي، ناڻي جي ٻاهرين دنيا ۾ منتقلي تمام اهم سوال آهي، جنهن رپئي جو ملهه ڪيرائي ڇڏيو آهي، مذهبي ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول به تباهي مچائي ڇڏي آهي، پر رياست جا مهندار اڃا انهن جي گهوڙي تي سوار آهن، هتي استحصالي طبقي جو پيٽ ايڏو وڏو آهي جو نه ڦاٽي ٿو نه ڀرجي ٿو. اسان جيڪڏهن انقلاب طرف وڃڻ چاهيون ٿا، ڪا تبديلي چاهيون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ سمجهدار ماڻهن، استادن، صحافين، دانشورن ۽ قومي ڪارڪنن کي پاڻ کي مال پڙيءَ جو سامان بڻجڻ کان بچائڻو پوندو. اهڙو ملڪ جنهن ۾ عوام کي ٻڪرين ۽ رڍن جيان وڪرو ڪيو وڃي ان جي مستقبل تي سواليه نشان لڳل هوندا آهن؟!!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *